نئين سال ۾ هاسٽلن جي تبديلي

زبير سرور ٻرڙو

هر سال جيان هن دفعي سيمسٽر جي پڄاڻي کان پهرين ئي سڀئي دوست پنهنجن روم لاءِ الاٽمينٽ جي چڪرن ۾ لڳي ويا آهن. سڀني پنهنجن پنهنجن دوستن کي ڳولڻ شروع ڪيو ته جيئن گڏجي هڪ ئي روم الاٽ ڪرائين ته جيئن هاسٽل جي روم ۾ ڪوآپريٽو ۽ سٺي نموني سان پڙهائي جو ماحول ٺاهي سگهجي. ۽ ايئن اسان هاسٽل ساڳيءَ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن سامان جي شفٽنگ ۽ گهڻي تڪليف کان بچي سگهجي پر هن سال اسان جي روم ۾ ڪو خاص فرق نه آيو ساڳي هاسٽل الاٽ ڪئي وئي ۽ ساڳيو ئي روم ملي ويو، پر تبديلي اسان وٽ اها آئي ته اسان سان گڏ رهندڙ دوستن مان هڪ جي ڪمي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته ٻئي سال جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هر ڪنهن کي پنهنجو اختيار هجي ٿو ته هو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ٻئي ڊپارٽمينٽ يا ڪنهن ٻي يونيورسٽي ۾ اپلاءِ ڪري سگهن.

ان ڪري هڪ دوست جي وڇڙي وڃڻ ۽ ٻئي دوست جي اچڻ تي ڪجهه عجيب ۽ ڪجهه غم زده ماحول ته ڪجهه نيون اميدون پڻ پيدا ٿيون. اسان جي روم جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها هئي ته اسان سڀئي ڪلاس فيلوز رهندا هئاسين ان ڪري ڀائيچارو ۽ سٺي انڊراسٽينڊنگ هوندي هئي، بهرحال نئون دوست پڻ اسان جو ڪلاس فيلو ئي هو ۽ آهي پر پراڻيون يادون جڏهن به اينديون آهن ته جيءَ کي جهوري ڇڏين ٿيون.

جڏهن اسان هڪ روم، هڪ ئي ڪلاس ۽ هڪ ئي ڊپارٽمينٽ جا ساٿي دوست ٺهياسين ته وري هاسٽل جو عجيب رنگ ٿي ويو، هن سال ڀرسان وارا روم نون چهرن ۽ نون ڪچهرين ۽ نون مهانڊن سان ڀريل ڏسي مون کي ايترو عجيب لڳندو آهي ڄڻ چوندو آهيان ته يا اسان کي هاسٽل جيئن هئي جيڪي رهندڙ هئاسين ۽ هميشه وانگر ئي هجون ها يا سڀئي دوست جيڪي آسپاس وارين هاسٽلن ۾ شفٽ ٿي ويا هئا اسان به اتي هجون ها پر افسوس اسان پاڻ کي تڪليفن کان بچايو پر تبديلي شايد ضروري هئي يا ته جيستائين نئون ماحول سيٽ ٿئي.

پنهنجي نئين دوست سان روم متعلق تبصرو ۽ ٻين دوستن جا حال احوال ڪٽيندا جڏهن اسان ڪئنٽين تي ويٺاسين ته اتي به ڪافي تبديليون نظر پئي آيون، ڪئنٽين وارا به چهرا نوان هئا، ٻيو ته ٺهيو پر سڀئي چهرا چانهن پيئڻ وارا به نوان هئا، مون پنهنجي دوستن کي چيو ته لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ اسان نئين دنيا ۾ آيا آهيون؟ ته يڪدم هڪ مزاحيه انداز ۾ دوست چيو ته اسان وٽ ته ساڳي دنيا آهن، هي چهرا نوان هن دنيا ۾ اچي ڦاسي پيا آهن، هوڏانهن ڏس ته چانهه ڪيئن ٿا پيئن، مون جڏهن هن جي اشاري ڏانهن غور ڪيو ته ڏٺم ته هڪ دوست چانهن پيئندي سرڪاٽن جا آواز پئي ڪيا.

اوچتو ئي اڃا ڪئنٽين تي ويٺا هئاسين ته هڪ ڏٺل وائٺل چهري مون کي سڏ ڪيو، مان سڃاتو ته هو منهنجي شهر مورو جو هو ۽ هن سان ڪافي سٺي ڪچهري ٿيل هئي ۽ هڪ ٻه دفعا ساڻس گڏ هاسٽل جي ڪئنٽين تي ماني به کاڌي هيم، چيم جي ادا حڪم! چيائين حڪم نه عرض آهي پر هن وقت اوهان سان مهمان آهن توهان فارغ ٿيو ته پوءِ مون کي ميسيج ڪيو يا منهنجي روم نمبر ڦلاڻي تي اچجو. مان چيو خير ته آهي؟ چيائين ها خير آهي بس توهان جي ٿوري مدد گهربل آهي، جڏهن اسان روم پارٽنر گڏجي روم تي آياسين ۽ ٿڌي مشروب سان سرشاد ٿياسين ته مان پنهنجي مورو شهر جي دوست ڏانهن ويس جنهن مون کي چيو ته توهان جي مدد گهربل هئي. دروازو وڄايم چيائين ڪير اچو مان اندر داخل ٿيس ته همراهه سامان پئي ٺاهيو ٻه چار دوست به آيل هئس ۽ چيائين ويهو ادا، مان ويٺس ۽ پڇيو مانس ته ڪهڙي مدد گهربل هئي چيائين ادا دوست ته گهڻا اچي ويا آهن پر مون سوچيو پئي ته اڄ مون سميت منهنجا دوست روم ڇڏي ٻي هاسٽل ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، سامان تمام گهڻو هو ان ڪري اوهان کي تڪليف ڏنم پر هاڻي صرف اوهان اسان جي الوداعي پارٽي ۾ شريڪ ٿيو باقي سامان لاءِ ٻيا دوست آيا آهن، مون چيو نه نه اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي سامان به گڏ کڻنداسين، ان وقت هن دوست جو وکريل سامان ڏسي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿي رهيو هو، ته سڀئي دوست، پاڙي وارا به /ڏسو صفحو ...... 4 هتان وڃن ٿا، حالانڪه هو ايترو پري نه پئي ويا پر جن سان ڏينهن ۾ هڪ دفعو ڪچهري ضرور ٿئي ۽ اهي چون ته الوداع ته ڏک ٿئي پيو.

هاسٽل جا به عجيب رنگ هئا ۽ اهي رنگ هر سال تبديل ٿيندا رهن ٿا ۽ هاسٽل فيملي ماحول وانگر لڳندي آهي، پوءِ آءُ انهن دوستن سان گڏجي سينٽرل ڪئنٽين ڏانهن ويس جتي هنن جو ننڍڙو پر دلچسپ پروگرام هو، جتي هنن پنهنجيون پنهنجيون ڊائريون پيش ڪيون ته ڪجهه ڪمينٽس لکو، وري هاسٽل متعلق لکو، سال جي پڄاڻي بابت لکو ۽ وري هڪٻئي جون شڪليون پيا ٺاهين، مذاقون مشڪريون مطلب ته خوشگوار توڙي ڏکوئيندڙ ماحول ٺهي پيو، ان تقريب ۾ کائڻ پيئڻ جو پروگرام به رکيل هو، وري روم تي آياسين سامان کڻڻ جو انداز به اهڙو جون رڳو بيگون ۽ ٿيلها سي به ايترا ڀريل جو ڦاٽن پيا، ڪنهن چادر کنئي ته ڪنهن جوتا، جوتن جو ڍيرٿي ويو،  ڄڻ ته جوتن جو جنازو پيا ڪڍون پر شفٽنگ اسان ان لاءِ ئي نه ڪئي ته جيئن ايترو سامان نه ڍوئجي ۽ وري الاءِ ڪٿي روم ملي ٻيو ته ڪٿي وري ڪو چوي ته ادا اسان جي آفيس آھي يا ادا اسان ھي روم نه ڇڏينداسين ٻيو تلاش ڪيو. اھڙن فسادن کان به بچڻ پئي چاھيوسين. پر دوستن جو سامان کنيوسين ته لڳي پيو ته ڄڻ پھاڙ پيا کڻون 3،4 دفعا سامان کنيوسين تڏھن پورو ٿيو، 4-4 ڄڻا چادر جا پاسا پيا وٺن ته به جوتن جو وزن گھٽجي نه پيو، ڪتاب ايترا جو لائبريري ٺاھجي ته به ٺھي وڃي.جڏھن مڪمل طرح سامان ھڪ ھاسٽل کان ٻي ڏانھن منتقل ڪيوسين ته سڀئي ٿڪجي پياسين، پوءِ پئي ھڪٻئي کي چين ته ادا تون ايترو سامان ڇو کنيو آھي، ايترا جوتا ۽ ڪتاب ڇو ورتا اٿئي، وري مذاق مستيون پيا ڪيون ته پڙھندو ته ڪونه آھين ايترا ڪتاب ھروڀرو وٺي وزن ڪيئي، جوتا ايترا اٿئي لڳي ٿو ته موچي رات جو جوتا توکي ڏ.ي ڇڏي ويندو آھي. يا موچي وارو ڪم تون ڪندو آھين، ايترا ڪپڙا اٿئي رڳي مائٽن کان ڪپڙن لاءِ شايد پئسا گھرائيندو آھين. رڳو شو بازي ٿو ڪرين ائين ھڪٻي کي طعنا ڏيڻ شروع ڪين ته ٽيوب لائيٽ به ڊز ڪري سڙي وئي، مون چيو ادا ھاڻي گھڻو گھٽ وڌ ھڪٻئي کي نه چئو ۽ روم کي سيٽ ڪيو ۽ مان ھلان ٿو. تنھن تي دوستن چيو ته ڪجھ دير ويھو اسان ڪولڊرنڪ گھرائي آھي پي پوءِ وڃجو. ٿوري دير ۾ ڪولڊرنڪ به اچي وئي مان پي ۽ واپس پنھنجي روم ڏانھن ھليس. ھاسٽل ۾ تبديليون اينديون رھن ٿيون، ڪڏھن سال جي آخر ۾ ته ڪڏھن سيمسٽر جي آخر ۾، رستي ۾ اھوئي پئي سوچيم ته ھاسٽل جا عجيب رنگ ۽ عجيب ساز آھن ڄڻ فيملي جھڙو ماحول ھجي، اڄ ھنن جي ھاسٽل مان منتقلي تي ڪيترو ڏک ٿئي ٿو، سڀاڻي جڏھن 4 سال مڪمل ٿي ويندا ته پوءِ ڪيئن ماحول ٿيندو، اڄ مسخريون مذاقون ايتري قدر جو ڪئنٽين وارن مان به نٿا مڙون سڀاڻي ھر ڪو اڪيلو ٿي ويندو. پر تبديليون لازمي به آھن ته خوفناڪ ۽ غمزده پڻ، انڪري تبديلي ٿيڻ کان پھرين مڪمل پلان ۽ گڏيل صلاح ۽ مشورو لازمي آھي.*