ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن جو شهر

محمد رفيق شاهه

خيرپور ناٿن شاهه جو عوام اڄ به سچائي ۽ ايمانداري جي راهه تي هلندي ڪافي تڪليفون ڏسي رهيو آهي، جنهن جو مثال گذريل سال آيل ٻوڏ ۽ تازيون مون سون جون برساتون آهن، جنهن دوران شهر جو نه ڪو والي هو نه وارث هو ايم آر ڊي جي 8 شهيدن پنهنجو رت ڏئي هن شهر کي هڪ الڳ ئي سڃاڻپ ڏني آهي.

مها ٻوڏ کان پوءِ ڪي اين شاهه جا روڊ رستا اُجڙي ختم ٿي ويا. مٿان وري لڳاتار برساتن ڪافي تڪليفن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪو سفر منٽن ۾ طئي ڪيو ويندو هو اهو سفر هاڻي طئي ڪندي ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳي وڃي ٿو.

1983ع ۾ ضياءُ الحق جي مارشلا واري دور ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ حڪومت خلاف بغاوت ڪئي وئي. 12 سيپٽمبر 1983ع واري ڏينهن خيرپور ناٿن شاهه جي مٿان ڪربلا جي ياد تازا ڪري ڇڏي، جنهن ۾ 8 ڄڻن کي شهادت جو جام پيئڻو پيو. انهن شهيدن جي دليريءَ جي ڪري خيرپور ناٿن شاهه کي بيروت جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ دادو کي ويٽنام ڪافي سال گذرڻ کان پوءِ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه شهيدن جي ورسي جي موقعي تي 6 تلوارن جو افتتاح ڪري شهيدن جي وارثن کي نوڪرين جا آرڊر پڻ ڏنا. انهيءَ موقعي تي وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته شهيدن جي نالن سان ڪيڊٽ ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج پڻ جلد تعمير ڪيا ويندا ۽ شهيدن جي مزارن کي به پڪو ڪيو ويندو.

خيرپور ناٿن شاهه جو عوام زندهه دلي کي قائم رکڻ ۽ پنهنجي تڪليفن وسارڻ لاءِ جڙيل شاهه جو ميلو پڻ ڀرپور نموني ملهائيندا آهن.

جڙيل شاهه جو ميلو هر سال صفر مهيني ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. ميلو سڄي سنڌ ۾ ٽيون نمبر وڏي ميلي طور مشهور آهي. جنهن ۾ دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٻين مختلف ضلعن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان زائرين ميلي ۾ شرڪت ڪندا آهن. ميلي ۾ صوفي راڳ رنگ، ڏور بيت، رڇ بڇ، ملهه ملاکڙو، سرڪس، چڙيا گهر، موت جو کوهه ۽ ٻيلا ڪافي تفريحي انتظام ڪيا ويندا آهن ۽ مختلف ڪتابن جا اسٽال پڻ لڳندا آهن. جيڪي ڏسي ڪري عوام لطف اندوز ٿيندا آهن.

ڪي اين شاهه تعلقي جي اٽڪل 5 لک آبادي آهي، جنهن ۾ سيد، شيخ، سومرا، عباسي، جمالي، گاڏهي ۽ ٻيون کوڙ ذاتيون رهن ٿيون ۽ هندو پڻ رهن ٿا. ڪي اين شاهه ۾ هاري ناري، ڊاڪٽر، انجنيئر پڻ رهن ٿا اتان جو عوام پڙهڻ لکڻ جي حوالي سان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. مختلف شهرن ۽ مختلف ملڪن ڏانهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ نڪري رهيا آهن. اڳ شهر ۾ لائبريري پڻ موجود هئي جنهن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا ڪتاب پڻ موجود هئا، پر انتظاميا جي بي ڌياني ۽ عوام جي لاپرواهي جي ڪري ان کي بند ڪرڻو پيو. اتان جو عوام ڪتاب وغيره پڙهڻ کان پوءِ واپس نه ڏيڻ اشو ڪرائڻ کان پوءِ گهر ۾ رکي ڇڏڻ سبب آخرڪار ڪتابن ۾ گهٽتائي جي ڪري مجبورن لائبريري کي تالو هڻڻو پيو ۽ هاڻي وري نئين نسل کي تمام گهڻي تڪليف پيش اچي رهي آهي.*