اسلام ڪوٽ ۽ وَٽِ ۾ بڪرن پالڻ جو شوق

دولت مينگهواڙ

اھو علائقو جنھن جو ذڪر اچڻ سان اتي جي وارياسي ڀٽن ۾ ڪکاوان جھوپڙا اڏي رھندڙ انھن سٻاجھڙن ۽ مالوند ماروئڙن جو خيال ذھن تي تري ايندو آھي. ۽ انھن جي رھڻي ڪھڻي، ريتن رسمن، اٿڻي ويھڻي جو عڪس ذھن تي اچي ويندو آھي. اتي جي ماڻھن جو مکيه ڌنڌو مال ڌارڻ ۽ ٻني ٻارو ڪرڻ آھي. وسڪاري ۾ اُھي وٿاڻن تي مال کي تنوارون ڪندي نظر ايندا آھن. اُتي جا ماڻھو مال ڌارڻ جا ڏاڍا شوقين آھن اُھي ڀلا اُٺُ، ڀلا ڍڳا ۽ ڀلا ٻڪرا (ڇيلا) پاليندا آھن. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

ھن مُند مارُو سزا، ويڙھين وڳ وارين،

ڇَڇيا ڇيڪاريو ڇيلڙا، پٽين پَھرائين،

نيڻ منهنجا اُن کي، جَهجَهو جَر هارين،

تاڙا تنوارِين؛ مينھن وسندا موٽ تُون.

اسلام ڪوٽ ۽ اُن جو ڏاکڻيو علائقو ٿر جنھن کي ”وَٽِ“ سڏيو وڃي ٿو. اُتان جا ماڻھون ڏاڍا محنتي ۽ مالوند آھن. اُتي جي ماڻھن جو شوق ٻڪرا (ڇيلا) پالڻ آھي. اُھي وسڪاري اچڻ کان اڳ ۾ مختلف ڳوٺن مان ٻڪرا خريد ڪندا آھن ۽ وسڪاري جي چئن مھينن دوران انھن ڇيلن جي چاڪري ڪندا آھن. ۽ پوءِ انھن ڇيلن کي قرباني لاءِ وڪرو ڪندا آھن جنھن سان انھن کي سُٺي رقم ملي ويندي آھي. اڳ ۾ اھو ڪم صرف پئسي وارا شوق خاطر ڪندا ھئا ۽ شوق پورو ٿيڻ کانپوءِ اھي ڇيلا وڪڻي ڇڏيندا ھئا. ۽ ان مان مليل رقم وري اڳئين سيزن لا۽ رکندا ھئا، ۽ اھو  سلسلو جاري ھوندو ھو، پر اڄ ڪلھ اتان جي ڳوٺن ۾ اھو شوق ھاڻي رواج بڻجي ويو آھي ۽ ھاڻي اھو شوق اڪثر ڪري اُتان جي ڳوٺن جو ھر سرندي وارو شخص ڪندو آھي. اپريل جي آخر ۽ مئي جي شروع وارن ڏينھن ۾ ماڻھو پنھنجي ئي پيٽ پالڻ ۾مس پورا ھوندا آھن ته مال جو خرچ برداشت ڪئين ڪري سگھندا تڏھن ھو پنھنجا ڇيلا وڪڻڻ تي مجبور ھوندا آھن تڏھن اُھي سرندي وارا سستن اگھن ۾ خريد ڪندا آھن. ڇو ته وسڪاري کانپوءِ ٻڪرن جي چاڪري تي تمام گھڻو خرچ ايندو آھي.

ڇو ته وسڪاري کان سواءِ انھن ڇيلن ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين جو سڄو خرچ مالوند ماڻھو تي ھوندو آھي. پر وُسڪاري ۾ جڏھن مينھن پوندو آھي تڏھن مينھن جي پاڻي جي ڪري ساوا گاه ڦٽندا آھن ۽ ھر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ لڳل ھوندي آھي ۽ ڇيلن جي کاڌي جو دارو مدار گاه تي ھوندو آھي ۽ جڏھن قرباني واري عيد ايندي آھي ۽ ھو اھي ڇيلا وڪرو ڪندا آھن ۽ وري نئين سيزن لاءِ نوان ٻڪرا خريد ڪندا آھن . جنھن سان انھن کي سٺو پئسو ملي ٿو ۽ شوق به پورو ٿئي ٿو . پر اھو شوق ته ھاڻي رسم بڻجي وئي آھي.*