هر زمين پنهنجو گهر

سونيا سومرو

ھر صبح جڏھن اسان اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي لاءِ ويندا آھيون ته شھر جي روڊ رستن ۽ آس پاس جي علائقن مان گذرندا آھيون. ھڪ ڏينھن شھر مان گذرندي حيدرآباد جي ريلوي لائين تي رھندڙ ماڻھن تي نظر پئي. حيدرآباد جي ريلوي لائين تي نظر وجھڻ سان ڪيتريون ئي جھوپڙيون ۽ رِلي سان خيمه اڏيل نظر آيا انھن کي ڏسڻ کانپوءِ پھريون سوال ذھن ۾ اھو آيو ته اھي پنھنجي زندگي ڪئين گذاريندا ھوندا. ”گھر“ جيڪا دنيا جي ھر انسان جي خواھش ھوندي آھي جتي انسان پنھنجي زندگي گذاريندو آھي، پر اھي ماڻھون جيڪي پنھنجي گھر کان محروم آھن،  بنيادي سھولتون جيڪي ھر انسان کي ملڻ گھرجن پر ھنن ريلوي لائين تي رھندڙ ماڻھن کي ڏسي محسوس ٿيو ته سھولتن کان دور دور تائين ھنن جو ڪوبه تعلق نه آھي. جنھن ڪري سوچيم ته ٿورو وقت انھن سان گذاريو وڃي، انھن سان ڪجھ وقت گڏ گذارڻ کانپوءِ حالاتن جي خبر پئي.

صبح ٿيڻ سان ئي ريلوي تي رھندڙ مرد مزدوري جي تلاش ۾ گھر کان ٻاھر نڪرن ٿا ته ڪا مزدوري ملي ته ٻچن جو پيٽ ڀريون. ھن مھانگائي جي دور ۾ مزدوري جي ڪمائي مان گھر جو خرچ ھلائڻ تمام ڏکيو آھي ته ٻيون شيون اهي ڪٿان کان حاصل ڪري سگھندا ھوندا. ۽ عام طرح اھو ڏٺو ويو آھي ته ٻارن جي صبح جي شروعات اسڪول وڃڻ سان ٿيندي آھي، پر اتي جي رھندڙ ٻارن جي صبح جي شروعات ته راند سان ٿيندي آھي. ٻار اسڪول وڃڻ بدران صبح جو راند کيڏڻ شروع ڪندا آھن ۽ انھن ٻارن وٽ ڪي مھانگا رانديڪا ته ڪونه ھيا پر اھي ريل جي پٽڙي کي رانديڪو سمجھي راند ڪندا آھن.

 ٻار ته بادشاھ آھن ان تتل ڪاڙھن ۾ به ڪجھ اھڙا پل ڪڍي وٺندا آھن جيڪي سندن چھري جي چمڪ ۽ مسڪراھٽ جي ڏيئن کي اجھامڻ نه ڏيندا آھن. عورتن جي باري ۾ خيال آيو ته کليل آسمان ھيٺان رھڻ سان انھن سان ڪيترائي مسئلا ھوندا، اتي جي رھندڙ عورت کان پڇيو ته ان مايوسي مان جواب ڏنو، اسان جو ڪو مستقل گھر نه آھي اسان لاءِ ته ”ھر زمينپنھنجو گھر آھي“.  ھنن جھوپڙين ۾ رات جو اڪثر ڪري خوف وچان ننڊ به نه ايندي آھي ۽ ھميشه خوف رھندو آھي.

ھنن عورتن کي ڏسڻ سان محسوس ٿيو ته اُھي ڪيتريون ته باھمت عورتون آھن. ھي دربدرواري رستي تي رھندڙ ماڻھون مشڪل سان جھوپڙيون ۽ خيمه ٺاھڻ ۾  ماهر ھوندا آھن، پر بد قسمتي اتي به انھن جو ساٿ نه ڇڏيندي آھي، ڪڏھن قدرتي آفتون، برسات، ٻوڏ ته ڪڏھن گورنمينٽ جو ايڪشن ھنن کي دربدر ڪري ڇڏيندو آھي. جنھن ڪري ھو ھڪ نئين ھنڌ جي تلاش ۾ نڪري پون ٿا ۽ ٻئي ڪنھن محفوظ ھنڌ پنھنجون جھوپڙيون ٺاھي زندگي جو سفر جاري رکن ٿا.*