ٻوڙي فقير جو ميلو

زاهد حسين ڪلوئي

سنڌ ڌرتي تي ميلن جي روايت قديمي دؤر کان هلندي پئي اچي. اڄلڪھ جي هن ڪشمڪش واري دؤر ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن پريشاني ۾ جڪڙيو پيو آهي تنهنڪري هر ڪو ماڻهو پريشانين مان جان ڇڏائي تفريح گاهن ميلن ۽ ملاکڙن جو رخ ڪندا آهن.

 ميلن ۽ ملاکڙن ۾ هر عقيدت مند دلي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مرشدن، اوليائن ۽ صوفين جي درگاهن جي زيارت لاءِ پنهنجون منتون ۽ مرادون دل ۾ سانڍي انهن جي درگاهن تي ويندا آهن.

ٻوڙي فقير جو ميلو به هر سال لڳايو ويندو آهي. هن درويش جي درگاھ شهبيگ مري تعلقه ٽنڊو آدم ضلع سانگھڙ جي هڪ ننڍي ڳوٺ پيرو فقير شوري ۾ آهي.

 هن درويش جو اصل نالو پيرو فقير شورو هو. پيرو فقير عرف ٻوڙو فقير هڪ عاجزي طبيعت سان درويشي شخصيت جا مالڪ هئا.

هن جي پيدائش 1186 هجري ۾ شهبيگ مري ۾ ٿي. ٻوڙو فقير سنڌي شاعري به ڪندو هو. هن کي فقيري ورڇ غوٽ اعظم مان ملي. هي فقير ملتان جي پير غوثِ اعظم جو مريد هو.

برسات وارن ڏينهن ۾ ٻوڙو فقير ملتان ۾ پنهنجي  پيرن لاءِ کير کڻي ويندو هو. پاڻ هڪ سچار ۽ ايماندار ماڻهو هو ملتان وارا ٻوڙي فقير کان جڏهن به کير وٺندا هئا ته ان کان شاعري ضرور پڇندا هئا.

هڪ ڏينهن ماڻهن پيرو فقير کي سندس پٽ جي شڪايت ڪئي ته ان جو ماڻهن سان رويو سٺو نه آهي. پيرو فقير پنهنجي پٽ جي شڪايت نه ٿي ٻڌڻ چاهي.

 تنهن ڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو ته مان ٻوڙو آهيان ٻڌي نه ٿو سگھان. ان کانپوءِ ماڻهن پيرو فقير جو نالو بدلائي ٻوڙو فقير رکيو ۽ پوءِ پيرو فقير ٻوڙي فقير جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

 هن درويش 6 رجب 1306 هجري ۾ وفات ڪئي. تنهن ڪري هر سال 6 رجب تي سندس مزارتي ميلو لڳايو ويندو آهي.

 هن ميلي ۾ سنڌ جا مشهور نعت خوان، قاري، حمد خوان ۽ مولود چوڻ وارا ايندا آهن. ميلو گھمڻ ۽ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن.

 جيڪي منتون ۽ مرادون دل ۾ سانڍي ايندا آهن ته ڪي وري دل جو مرادون پوريون ٿيڻ بعد مختلف طريقن سان باسون ڏيندا آهن.

 هن درگاھ تي ميلي جو سامان سنڌ جي عام رواجي ميلي جيان هوندو آهي. هي ميلو فقط هڪ رات لاءِ لڳندو آهي. هن درگاھ تي ايندڙن لاءِ وڏي پيماني تي ننگر جو انتظام به ڪيو ويندو آهي.

 ننگر جو انتظام عقيدت مندن ۽ مريدن طرفان ڏنل مال جھڙوڪ: ٻڪريون، رڍون ۽ مينهون وغيره مان ڪيو وڃي ٿو. هن ميلي ۾ عورتن لاءِ الڳ انتطام ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻارن لاءِ مختلف تفريح گاهه موجود آهن.

ميلي ۾ مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويندا آهن. جنهن ۾ عورتون ۽ ٻار دلچسپي سان خريداري ڪندا آهن.

هن ميلي جا انتظام ڀرپاسي ۾ واقعي مختلف ڳوٺن ۾ وسندڙ مختلف ذاتيون بلا تفريق رضا ڪاراڻي طور ميلي جا انتظام سنڀاليندا آهن. اهڙي طرح عقيدت، پيار، امن ۽ ڀائيچاري سان ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو آهي.*