غوثپور شهرجي تاريخي قُبا مسجد

عمران ملڪ

دنيا ۾ هر شيءِ جيڪا فن ۽ مھارت سان ٺهيل آهي. تن جي تاريخ هڪ آئيني جي عڪس مثل آهي جنهن ۾ هر انسان پنهنجون يادگيريون ڏسي سگھي ٿو.

 دنيا ۾ ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون آهن جن جي تاريخ هر انسان کي انهيءَ دور جون يادون ڏياري ٿي. جيئن لاهور شهر ۾ شاهي تاريخي قلعو جيڪو اڪبر بادشاھ جو دؤر ياد ڏياري ٿو.

غوثپور شهر جي قبا مسجد به اهڙي تاريخي ماڳن مان هڪ آهي. غوثپور شهر جو اصل نالو فتحپور هو، اتي غوث ۽ جيلاني رهندا هئا. تنهن ڪري فتح پور تي ڪجھ ئي سالن کانپوءِ غوثپور نالو پئجي ويو.

 قبا مسجد جي تاريخ 150 سال پراڻي آهي جيڪا انهيءَ دور جي اعلي ڪاريگريءَ سان تعمير ٿيل آهي. هن مسجد تي قبا (مسجد) نالو انهيءَ ڪري پيو جو اها هڪ وڏي گنبذ سان ٺهيل آهي.

انهيءَ گنبذ ۾ نه ڪنهن قسم جو لوھ استعمال ٿيل آهي اهو گنبذ صرف مٽيءَ جي ڪچيءَ سرن جو ٺهيل آهي. ان تي اڇي چوني جو رنگ ڏنل آهي ايتري عرصي گذرڻ باوجود به اهو گنبذ قبا مسجد جي نالي سان مشهور آهي انهيءَ گنبذ کي ڏسڻ لاءِ روزانو ڪيترا ئي ماڻهو مختلف هنڌن کان ايندا آهن.

 پهرين ئي قبا مسجد ۾ قرآن پاڪ جو ”ناظر “ پڙهايو ويندو هو. ٿوري وقت کانپوءِ حفظِ قرآن جي تعليم جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.

اڳي غوثپور شهر جا رهندڙ سوين ماڻهو قبا مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ايندا هئا آهسته آهسته اها قبا مسجد صرف مقامي ماڻهن تائين محدود ٿي وئي.

هي مسجد قديمي هئڻ ڪري ڪجهه هنڌن کان خسته حالي جو شڪار آهي پر ڪنهن به سرڪاري اداري هن تاريخي مسجد جي سار نه لڌي آهي ۽ نه ئي ڪنهن امير سرندي واري هن مسجد کي مرمت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اسين گورنمينٽ ۽ سرندي وارن کي عرض ڪريون ٿا ته هن تاريخي قبا مسجد کي مڪمل بربادي کان بچايو وڃي ته جيئن هي تاريخي ماڳ هميشه لاءِ آباد رهي.*