کلهوڙن جو تاريخي قبرستان

عاقب حسين سيال

سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون آهن جن کي ڏسي ڪري قومن جي ماضي جو حُسن ۽ ڪاريگري واضع ٿيو پوي ۽ ان دؤر جا واقعا ۽ يادگيريون دل تي تري ايندا آهن.

 اسين جڏهن تاج محل کي ڏسنداسين ته اسان کي شاهجان جي ياد ايندي ۽ ان دؤر جون يادگيريون به سامهون واضع ٿينديون

. وري مڪلي جي قبرستان تي نظر وجھبي ته هڪ نئون منظر اکين جي سامهون تري ايندو اهڙي طرح پوري دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڳ موجود آهن.

اسان جي موئن جو دڙو به هڪ وڏو تاريخي ماڳ آهي. هتي به اسان اهڙي تاريخي جاءِ جي ڳالھ ڪري رهيا آهيون. جيڪو تاريخ جي لحاظ سان وڏي حيثيت رکي ٿو. جنهن کي ڪلهوڙن جي تاريخي قبرستان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.

ضلعي نوابشاھ جي دولتپور شهر کان پندرنهن ڪلوميٽر اوڀر طرف هي قبرستان واقع آهي. هن قبرستان کي ”ميان نور محمد ڪلهوڙو قبرستان“ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.

 هي قبرستان اٽڪل چار سئو سال پراڻو آهي عام ماڻهو هن کي ميان جا قبا ڪري سڏيندا آهن. هن قبرستان ۾ ڪلهوڙا خاندان جي فردن جا مقبرا موجود آهن.

 جنهن سنڌ تي گھڻو عرصو حڪومت ڪئي ۽ اهڙن حڪمرانن ۾ ميان ناصر محمد ڪلهوڙو (1657 کان 1690 تائين). ميان يار محمد ڪلهوڙو (1700 کان 1719). ميان نور محمد ڪلهوڙو(1757 کان 1772) جن جا مقبرا پڻ شامل آهن.

ڪلهوڙا خاندان ڌارين (ارغونن) کان سنڌ جي عوام کي آزادي وٺي ڏني ۽ پوءِ سنڌ جا حڪمران ٿيا. ڪلهوڙي خاندان جا فرد تمام هوشيار ۽ همت وارا هئا.

انهن تمام هوشياري ۽ ڏاهپ سان حڪومت ڪئي ۽ پنهنجي حڪمراني جون حدون وڌايون. غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ واھ کوٽايا مطلب ته انهن سنڌ کي هر طرح سان خوشحال ڪيو پر افسوس! اڄ اهڙن عظيم حڪمرانن جا مقبرا پنهنجي ضعيف حالت ۾ آهن ۽ انهن جي ڪير به سار سنڀال لهڻ وارو نه آهي.

 هن قبرستان ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مقبرو ٻين کان واضع آهي پر پوئين سال برساتن ۽ حڪومت جي لاپرواهي سبب هن مقبري جو حسن ۽ ڪاريگري ختم ٿي وئي آهي حيراني جي ڳالھ وري اها آهي ته آثارِ قديمه وارن مقبري جي بيٺل حصن کي رنگ ڪرڻ جي بجاءِ رکيل پٿرن کي رنگ ڪيو آهي ۽ مقبري جي اندر هڪ مختلف رنگ جو وزني پٿر رکيو آهي جيڪو تمام بد صورت ٿو لڳي.

 پوئين سال جي برسات پوري ملڪ کي نقصان پهچايو آهي. قبرستان ۾ پڻ برسات جي ڪري ڏاڍو نقصان ٿيو.

قبرستان ۾ واقع ڪيترن ئي مقبرن جي گمبض ۾ ڏار پئجي ويا آهن. جن کان پوءِ انهن جي قبرن جي جاءِ تي نشاني طور پٿر رکيا ويا آهن.

 برسات جي ڪري ميان فضل علي ڪلهوڙو ۽ ميان خداداد علي ڪلهوڙي جا مقبرا ڊهي ويا آهن جنهن جي ڪري اندر موجود قبرون به ٽٽي پيو آهن.

 برسات جي ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري ڏکڻ طرف واري ديوار ڊهي پئي آهي جنهن کي جلد از جلد مرمت جي ضرورت آهي مقبري جي اندر قيمتي شيون آهن اگر مرمت نه ٿي ته خزانو چورائڻ لاءِ ڪيترائي چور آساني سان مقبري ۾ داخل ٿي سگھن ٿا.

 ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گھر واري جو مقبرو به تمام خراب حالت ۾ آهي. هي مقبرو ميان نور محمد جي مقبري جي اولھ ۾ واقع آهي.

 هن مقبري جو گمبض بلڪل ٽٽي چڪو آهي هي مقبرو مستطيل شڪل ۾ تعمير ڪيل آهي جنهن جي اندرين ديوارن تي خوبصورت ڊزائين ٺهيل آهي جيڪي اڄ تائين صحيح حالت ۾ آهن پر پنهنجي اصلي خوبصورتي وڃائي ويٺيون آهن ميان نور محمد ڪلهوڙي جو قبرستان ۾ واقع قبرن جي بدحالي کي روڪيو وڃي ۽ حڪومت طرفان ڪي جوڳا ورتا وڃن نه ته هن قبرستان جو نشان به سنڌ مان مٽي ويندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل اهڙي تاريخي ماڳ کان محروم ٿي ويندو. *