تاريخي شهر تي هڪ نظر

انيسه

سکر شهر سنڌو درياهه ۽ سکر بئراج جي نظاري جي ڪري منفرد طور ڄاتو وڃي ٿو. سکر ضلعي ۾ گهمڻ وٽان ڪيتريون ئي خوبصورت ۽ تاريخي جايون موجود آهن جنهن ۾ لبِ مهراڻ، ستين جو آستان، معصوم شاهه جو منارو ۽ سکر ضلعي جي سڀ کان خوبصورت ۽ دلڪش جڳه پنو عاقل ڪينٽ شامل آهي.

 هن ڪينٽ کي سکر جو پئرس به چيو وڃي ٿو. پنو عاقل ڪينٽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪينٽ آهي ۽ هن شهر ڏانهن داخل ٿيندڙ گيٽ وٽ ٻن خوبصورت اڇي رنگ جي  گهوڙن جو مجسمو ٺهيل آهي ۽ گيٽ جي آس پاس جي ماحول کي سُهڻو بڻائڻ لاءِ ديوارن تي دستڪاري ٿيل آهي.

 پاڪستان نيشنل هاءِ وي هن شهر کي الهندي طرف کان لڳي ٿو. هن شهر ۾ ريلوي لائين پڻ آهي، شهر جا روڊ رستا بهتر طريقي سان ڪشاده ٺهيل آهن ته جيئن مسافرن کي مشڪلات درپيش نه اچي، زمينون ذرخيز ۽ سرسبز آهن.

پنو عاقل بنيادي طور تي زرعي علائقو آهي. سکر ائيرپورٽ هن شهر کان تقريبن 45 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي.

 هي شهر زرعي علائقو هجڻ سان گڏوگڏ زرعي صنعتون پڻ رکي ٿو جنهن ۾ ڪپهه جي فيڪٽري، مهراڻ فلور مِل، ڀٽو فروٽ فارم ۽ ان کان علاوه ٻيا پڻ ڪيترائي ڪارخانه موجود آهن.

هن شهر ۾ فروٽ ۽ ڀاڄين جو فصل گهڻي مقدار ۾ ٿئي ٿو. جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀنڊي جو فصل آهي.

هن شهر ۾ تعليم جهڙي بنيادي سهولت لاءِ مهراڻ ماڊل اسڪول، ايس ايس انفارميشن اسڪول، سٽي اسڪول، اسلاميه اسڪول، الشهباز اسڪول، گورنمنٽ گرلز اسڪول، هاءِ اسڪول، گورنمنٽ سيڪنڊري ڊگري ڪاليج ۽ ٻيا ڪيترائي اسڪول موجود آهن.

نائين ڏهين ۽ يارهين ٻارهين ڪلاسن جي شاگردن لاء خاص طور تي سينٽر هلايا وڃن ٿا ۽ ان کان علاوه پري انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ بهترين سينٽر پڻ آهن.

 هن شهر ۾ اسلامي تعليم لاءِ بهترين ادارا به آهن جتي ديني تعليم ڏني وڃي ٿي. جن ۾ شامل جامعيه المدينه العلوم، جامعيه تفسيرالقرآن، دارالعلوم اسلاميه ۽ ٻيا ڪيترا ئي ادارا شامل آهن.

 هن شهر ۾ ٻين ڪيترن علائقن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيل شاگردن کي هاسٽل جي سهولت پڻ ڏني ويندي آهي. هندو ۽ عيسائي مذهب جا ماڻهو پڻ رهائش پذير آهن.*