درسگاهون ۽ اسان جون زميواريون

سارنگ ڇلگري

صدينکان هلندڙ اُهي درسگاهون جتان کان هر اها نالي واري شخصيت جنهن جو هن معاشري ۾ نالو رهيو آهي ۽ اُهي اديب جنهن جي ڪاميابي پٺيان ڪنهن استاد ۽ درسگاهه جو وڏو ڪردار رهيو آهي.

انهيءَ درسگاهه ۾ ايندي هرروز جيان اڄ به منهنجي نظر منهنجي اداري جي انهن ڀتين تي پئي جيڪي ڪجهه ڏينهن کان مون کي هڪ مايوسي واري نظرن سان ڏسي رهيون آهن ۽ ائين لڳو پئي ڄڻ هو پاڻ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين جي باري ۾ مون کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيو پئي. انهن جي مايوسي، روئيندڙ نظرن کي ڏسي منهنجي دل ۾ هڪ خيال آيو ڇو نه انهن ڀتين کان پُڇان...!

جڏهن مون انهن مايوس ۽ بيوس ڀتين کان پڇيو ته آخر ڇو ائين توهان پريشان ڏسڻ ۾ اچو پيون ته انهن ڀتين مون کي روئي ڪري پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪندي چيائون جيڪا اسان جي هينئر حالت آهي ڪجهه عرصو اڳ مان ائين نه هئي.

 اسان تمام گهڻيون خوبصورت ۽ وڻندڙ هيون سين، اسان جي حُسن ۽ خوبصورتي کي ڏسي اسان جي ڀر پاسي واريون ڀتيون رِيس ڪنديون هيون. هڪ ڏينهن هڪ شخص اسان کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ اسان اندازو لڳايو ته شايد اسان جي خوبصورتي جي ڪري غور سان ڏسي رهيو آهي، پر اسان جو اندازو تڏهن غلط ثابت ٿيو جڏهن هن شخص اسان جي چهري تي ڪجهه لکي ڪري اسان جي خوبصورتي کي بد صورت ڪري هليو ويو.

 ڀرپاسي واريون ڀتيون جيڪي ٿوري دير اڳ پهريان اسان جي خوبصورتي کي ڏسي ڪري سڙن پيون پر اُهي هينئر اسان جي حالت کي ڏسي ڪري کلي رهيون آهن ۽ جنهن جي ڪري شرمسار ٿياسين ۽ اسان جي منهن تي لکڻ وارو سلسلو هلندو رهيو.

هي حال صرف اسان جو نه پر اسان جي ڀر پاسي وارين ڀتين جو به اهو ئي حشر آهي...! اسان پنهنجي قسمت ۽ بيوسي هيٺ پنهنجي انهيءَ حالت کي اندر ئي اندر ۾ رکيو ويٺيون آهيون. ڪيستائين اسان سان هي ويساهه گهاتيون ٿينديون رهنديون؟؟؟

اسان پنهنجو پاڻ کان اهو ئي سوال ڪري رهيون آهيون ته ڇا اسان جي ٺهڻ جو مقصد اهو ئي آهي؟؟؟ آخر ڪير ان ۾ سڌارو آڻيندو؟؟؟ اهو سڀ ٻُڌڻ کان پوءِ حيرت ۾ پئجي ويم ڇو ته اسان ڀتين تي لکڻ جا ايترا ته شوقين آهيون جو صاف ڀت جنهن تي ڪجهه به نه لکيل هجي اُها ائين نظر ايندي آهي ڄڻ ته اها انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي هجي. هي ته صرف اسان جي اداري جو احوال آهي پر اسان جي شهر جي هر هڪ گهٽي جي هر ڀت جو اهو حال آهي.

ڪجهه عرصو اڳ ڀتين تي لکڻ جو رواج صرف فلم جي مشهوري لاءِ هوندو هو پر هاڻي ڀت تي لکڻ جا سئو سبب ڏسجن ٿا. ڇو ته هي هڪ مشهوري ڪرڻ جو مفت طريقو آهي...!!