چي گويرا اِن فيشن

حيدرزرياب

چي گويراجي شخصيت جا ننڍو کنڊ توڙي وڏو کنڊ هجي، يورپ هجي يا آفريڪا هجي، جتي ڪٿي ان جي هاڪ ۽ ڌاڪ جا پڙاڏا گونجندي نظر پيا اچن.

بوليويا جي گهاٽن جهنگن ۾ سامراجي فوجين سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻيندڙ چي گويرا مظلوم قومن جي آزادين جو حامي هو. هن سڄي دنيا کي هڪ نظر ۾ ڏسڻ پي چاهيو، پر ان جي جدوجهد ڪيوبا جي آزادي کان پوءِ بوليويا جي جهنگن ۾ ڄڻ آڻ مڃي ويهي رهي.

هو بنيادي طور ڪارل مارڪس جو پوئلڳ هو ۽ هن آجپي جي ڌارا ۾ قومن کي پوئڻ پي چاهيو پر ائين ڪونه ٿي سگهيو ۽ فاشت قوتون حاوي پئجي ويون.

اڄڪلهه نه صرف پاڪستان ۾ پر پاڪستان سان گڏ پوري دنيا ۾ چي گويرا جي تصوير فيشن طور استعمال ٿي رهي آهي. ان فيشن جي پٺيان ظاهر ته الائي ڇا ٿو ٿئي ان جي خبر ناهي.

پر تقريباً نوجوان نسل جي ٽي شرٽس ۽ گاڏين ۾ بمپرز تي، پٺيان شيشن ۽ موٽر سائيڪلن جي نمبر پليٽن تي سندس تصوير ۽ ڪڏهن ڪو قول پڙهڻ لاءِ ملي ويندو آهي ۽ ڪراچي شهر توڙي ان کان ٻين وڏن شهرن جي مشهور مارڪيٽن ۾ سندس پوسٽر ۽ وڏن دوڪانن جي اندر پڻ سندس پوسٽر ملن ٿا. پر حقيقت ۾ انهن مان تمام گهٽ ماڻهن کي ڄاڻ هجي ٿي ته هي شخصيت ڪير آهي ۽ هن جو فلسفو يا نظريو ڇا آهي.

 هڪڙو ننڍڙو مثال حيدرآباد جي گول بلڊنگ ڀرسان آباد شاپنگ سينٽر جو ڏيندس، جنهن ۾ جڏهن منهنجي هڪ دوست کي چي گويرا شرٽ وٺڻ جو شوق ٿيو ۽ اتي وڃڻ ٿيو.

مان ۽ منهنجو دوست هڪ دوڪان تي چڙهياسين ۽ پڇيوسين، ”چاچا چي گويرا جي شرٽ آهي؟“ تنهن ٿورو غور ۽ ويچار واري انداز ۾ ان دوڪاندار وراڻيو ”چي گويرا“ ”جي چاچا چي گويرا“ وراڻي ۾ هن شخص وراڻيو اسان وٽ ان کان علاوه ٻين گهڻن قسمن جون شرٽس موجود آهن پر هن قسم جي ڪا شرٽ ناهي.“

 مطلب ته جواب مليو ۽ انهيءَ کان پوءِ اسان مختلف دوڪانن تي سندس گيٽ اپ ٻڌائڻ لڳاسين، پر اسان کي ڪٿان شرٽ نه ملي.

 ساڳئي نموني اسان جڏهن شهر جي هڪ مُک چوڪ تي بيهي اتان گذرندڙ شاگردن کان پڇڻ شروع ڪيو ته ”چي گويرا ڪير آهي؟“ ڪٿان جواب مليو ”اداڪار آهي“، ڪٿان جواب مليو ”ڪمپني جو نالو آهي“ ڪٿان جواب مليو ”ڪنهن ملڪ جو نالو آهي“ مطلب ته ڪم دنگ لڳو پيو آهي ۽ جيڪي ماڻهو سندس تصوير استعمال ڪري رهيا آهن اهي سندس نظريي ۽ فلسفي کان پڻ وانجهيل آهن.

 جن کي حقيقت جي ڪابه سڌ ناهي. هو ان کي بلڪل فيشن طور استعمال ڪري رهيا آهن. هڪڙي مشهور انقلابي ۽ جدوجهد ڪندڙ شخصيت کي هاڻي صرف فيشن تائين محدود ڪيو ويو آهي.

 ان کي ڄاڻڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. هن سڄي صورتحال کان پوءِ جيڪو نتيجو سامهون آيو ان کي ڏسي ڪري اهو اندازو بلڪل درست نموني سان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ شعور گهٽ پر فيشن وڌيڪ آهي.

جنهن جي عمر به تمام مختصر آهي. وڏين شخصيتن کي فيشن تائين محدود ڪندڙن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي تمام سخت ضرورت آهي.

ته جيئن هو ڪنهن جدوجهد ۽ انقلابي کي فيشن تائين محدود ڪري پنهنجو فرض پورو نه ڪن ته مستقبل ۾ اسان جا نسل اهڙن معتبر شخصيتن جي ٻين پهلوئن کي وساري صرف فيشن طور استعمال ڪرڻ لڳن ۽ تاريخ کان وانجهيل رهجي وڃن.*