رُڪ ريلوي اسٽيشن

مبين نٽار ابڙو

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جڳهيون آهن، انهن مان رُڪ ريلوي اسٽيشن به هڪ آهي. هند ۽ سنڌ جا ماڻهو گڏ رهندا هئا جنهن دوران هن اسٽيشن تي هڪ وڏو ۽ اهم واقعو پيش آيو هو، هندو برادري جي مشهور ۽ ناليواري شخصيت کي هن اسٽيشن تي قتل ڪيو ويو جنهن جو نالو ”ڀڳ ڪنور رام“ آهي ڀڳت ڪنور رام جي ياد ۾ هندو برادريءَ جا ماڻهو هر سال اچي اسٽيشن تي ميلو ڪندا آهن، رُڪ ريلوي اسٽيشن جي بلڊنگ تمام قديم زماني جي ٺهيل آهي، جيڪا انگريزن جي دور ۾ ٺهي راس ٿي.

هي بلڊنگ 1898ع ۾ تعمير ڪرائي وئي هئي، هي ريلوي اسٽيشن ڪنهن دؤر ۾ هڪ وڏو جنڪشن هوندي هئي، هتان تقريبن 10 کان 15 ريل گاڏين جو گذر هوندو هو ۽ هن اسٽيشن تي هر ريل گاڏي اڌ ڪلاڪ بيهندي هئي ۽ مختلف قسمن جا اسٽال پڻ لڳل هوندا هئا، جتي چانهه، ماني ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جو سامان ملندو هو، جتان ريل گاڏي جا مسافر پنهنجي کائڻ پيئڻ جو سامان وٺندا هئا.

اڳئين دؤر ۾ هن تاريخي ريلوي اسٽيشن تي وڏي رونڪ هوندي هئي پر هاڻي اها رُڪ ريلوي اسٽيشن قبيلائي جهيڙن ۽ بدامنيءَ ۽ حڪومت جي لاپرواهي سبب کنڊر جو ڏيک ڏئي رهي آهي.

 ماڻهن ان ڀوءَ جي ڪري اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي جنهنڪري سڄي ڏينهن ۾ وڌ مان وڌ ٻن ريل گاڏين جو گذر ٿي رهيو آهي. هن وقت اهڙي صورتحال آهي جو ڪا به ريل گاڏي اسٽيشن تي بيهڻ لاءِ تيار نه آهي.

پهرين اتي هڪ وڏو ڊيري فارم هوندو هو، جتي پنجاب جا ماڻهو اچي ڪري چوپايو مال ريل گاڏين جي وسيلي مختلف شهرن ڏانهن فروخت ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا، جيڪو اوڪاڙي کان پنجاب ۽ پنجاب کان هن اسٽيشن تائين چوپائي مال جي ڏي وٺ ڪندا هئا پر هاڻي صورتحال خراب ٿيڻ جي ڪري اتي فوجي ڇانوڻي لڳل آهي جيڪا مسافرن جي حفاظت لاءِ آهي