کلچر ريسرچ سينٽر ڀٽ شاهه

خادم عباس هالار

هر قوم جي سڃاڻپ انهن جي تهذيب، رهڻي ڪهڻي ۽ رسمن مان ڪئي ويندي آهي. دنيا جي شاهوڪار تهذيبن مان هڪ تهذيب سنڌ جي آهي جيڪا 5000 سال پراڻي آهي ڪنهن تهذيب کي زندهه رکڻ ۽ پرکڻ لاءِ ان جي لڳاتار تلاش جاري رکڻ ۽ ان جي رسمن ريتن ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ان کان واقف ڪرائڻ هوندو آهي.

مرحوم عبدالستار پيرزادو جيڪو 1954ع ۾ وزير اعليٰ سنڌ رهيو جنهن ڪلچر اينڊ ريسرچ سينٽر ڀٽ شاهه جو بنياد رکيو.

ذوالفقار علي ڀٽو 1962ع ۾ ان وقت منسٽر آف انڊسٽري اينڊ نيچرل ريسورسز هو.هن اداري کي مختلف ڇهــن (6) حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

شاهه عبداللطيف ريسرچ سيل، شاهه عبداللطيف ميوزم، ريسٽ هائوس، لائبريري، ڪلچر ۽ ثقافت ريسرچ سينٽر ۽ شاهه جو باغ.

صوفي ازم جو مقصد ئي انسانيت هوندو آهي مطلب ته انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ پرکي ته هو ڇا آهي ۽ ڇو آهي، انسانن سان بهترين رويو اختيار ڪري ته جيئن هر ماڻهو ان کي اهڙي طرح اپنائي هر مشڪل ۾ ان کي ۽ ان جي ڳالهين کي پنهنجي زندگي ۾ اپنائي ۽ ان مان رهنمائي حاصل ڪري.

هن اداري جو مقصد ئي جهالت کي ختم ڪري محبت، روادري ۽ انسانيت پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن انسان پنهنجي زندگي ۾ هڪ انمول موتي وانگر هميشه چمڪندو نظر اچي.

جيئن ته موجوده حڪومت ڀنڀور ڪانفرنس ۽ شاهه عبداللطيف ڪانفرنس ڪرائي جنهن ۾ وڏا اسڪالر شامل هئا. جنهن ۾ اسڪالرن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ثقافتي ورثي کي ٻاهرين دنيا تائين متعارف ڪرائي انهن ۾ وڌ کان وڌ اسان جي تهذيب کي اجاگر ڪيو وڃي.

اهو تڏهن ٿيندو جڏهن علم جي پرچار رکبي ۽ شاهه سائين جي پيغام تي عمل ڪبو.

ڇو ته جيڪي علم کان محروم ٿي ويندا آهن انهن جو گهر تباهه ۽ برباد هوندو آهي جنهن سان انسان مان انسانيت وارو احساس ختم ٿي ويندو آهي ۽ اهي ماڻهو جهالت جو شڪار بڻجي ويندا آهن.*