ڪتي جي قبر: ڪجهه حقيقت ڪجهه مفروضا

صابر علي ٻرڙو

کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تي ”ڪتي جي قبر“ جي نالي سان هڪ پراڻو تاريخي ماڳ آهي. اها چوٽي7200 فوٽ اوچي آهي ۽ هن جبل جي حد ۾ سڀ کان وڌيڪ ٿڌ وارو علائقو آهي، جتي گورک هِل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌ پوي ٿي.

 پر بدقسمتي اها آهي ته هن وقت تائين اتي پهچڻ لاءِ ڪوبه سٺو ۽ سولو رستو ڪونه آهي. اهو علائقو قمبر کان صرف 60-70 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

 جيڪڏهن روڊ هجي ها ته ڪلاڪ ڏيڍ جو مفاصلو آهي. پر روڊ نه هجڻ جي ڪري گڏهن ۽ اٺن تي وڃڻو پوي ٿو جنهن جي ڪري ”ڪتي جي قبر“ تائين پهچڻ لاءِ 6 کان 7 ڏينهن لڳي وڃن ٿا.

ڪتي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته کيرٿر جبل تي هڪ مالوند ماڻهو رهندو هو جنهن جي مال جي حفاظت ۽ چوڪيءَ لاءِ هڪ ڪتو هوندو هو جيڪو خطرناڪ بلائن، جهڙوڪ بگهڙن، چراخن، رڇن وغيره کان چوپائي مال، رڍن، ٻڪرين جي حفاظت ڪندو هو.

اتفاق سان ان ماولند ماڻهوءَ کي سامان يا پئسن جي سخت ضرورت پئي جنهن جي ڪري هن هڪ دڪاندار کان قرض وٺي پنهنجو وفادار ۽ نمڪ حلال ڪتو گروي رکيو ۽ چيو ته توهان جو قرض ڏئي ڪتو ڪاهي ويندس.

 جنهن کان پوءِ اچانڪ اتان دڪاندار جي دڪان مان چور چوري ڪري ويا ۽ پوءِ دڪاندار صبح جو هُل گهوڙا ڪئي، جنهن تي ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيا ۽ اتي پيرو ويندو به نه ظاهر نه پئي ٿيو. پر اهو ڪتو چورن جي پيري جي پويان دانهون ڪونڪون ڪري ڀونڪندو هلندو پئي ويو.

جنهن تي هڪ ڏاهي ماڻهو چيو ته ڪتو هَر هَر ڀونڪي پيو هلو ته سهي ڪتي جي پويان هلي ڏسون ته ڪهڙي ماجرا آهي.

 ۽ پوءِ جڏهن دڪاندار سميت ڳوٺاڻا ڪتي جي پويان هلڻ لڳا ته ڪتو چند ڪلوميٽرن جو پنڌ ڪري انهيءَ هنڌ تي وڃي بيهي رهيو جتي چورن جي چوري وارو سمورو سامان لڪايل هو. ۽ پوءِ اتي ڪتي پيرن سان مِٽي کوٽڻ شروع ڪئي ته دڪان مان چوري ٿيل سامان ظاهر ٿي پيو. جيڪو چورن چوري ڪري لڪايو هو.

هوڏانهن ڪتي جي مالڪ کي ڪتي جي سخت ضرورت هئي جيڪو دڪاندار جا پيسا هٿ ڪري دڪاندار ڏانهن وڃي رهيو هو ته ڪتو کيس انهيءَ هند مليو جتي هينئر ”ڪتي جي قبر“ واقع آهي.

ڪتي جي مالڪ ڪاوڙ، غصي ۽ بي خبري جي حالت ۾ ڪتي کي ”ڀونڊو“ ڏنو ۽ چيائين ته نمڪ حرام اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ لاءِ اچي رهيو هيس تون دڪاندار سان بيوفائي ڪري ڇو ڀڄي آيو آهين؟ ۽ پوءِ ڪتو ڀونڊو ملڻ شرط اتي مري ويو.

 پوءِ جڏهن ڪتي جو مالڪ دڪاندارر وٽ پهتو ۽ کانئس ڪتي جي بيوفائي تي معذرت ڪري قرض واپس ڏيڻ لڳو ته دڪاندار کيس پنهنجي چوري جي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائين مون تنهنجو قرض معاف ڪري ڇڏيو هو.

 جنهن کان پوءِ ڪتي جو مالڪ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ واپس اچي قبر کوٽي منجهس پوري ڇڏيو. جنهن کان پوءِ اڄ تائين اها ڪتي جي قبر طور مشهور آهي.*