راءِ گهراڻي جو اگهم ڪوٽ

امجد لغاري

گهم ڪوٽ يا (اگهاماڻو) ضلع بدين تعلقه ماتلي جي ڳوٺ گلاب لغاري کان هڪ ڪلوميٽر اتر طرف آهي. هي ڪوٽ 300 ايڪڙن تي مشتمل آهي.

راءِ گهراڻي جي حڪمران اگهم ڇهين ۽ ستين عيسوي صدي ۾ سنڌ جي ڏاکڻي علائقن تي حڪومت ڪئي جن کي لوهاڻا پرڳڻو چيو ويندو هو. اهو نالو حڪمران اگهم جي ڪري پيو.

 

ڪتاب تحفته الڪرم موجب 1025-711ع ۾ عرب گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ اگهاماڻو پنهنجي عروج تي هو.

انهيءَ کان پوءِ سترهين عيسوي صدي ۾ مدد خان پٺاڻ حملو ڪري ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. عربن جي دور ۾ هي علائقو ترقي يافتا علائقن ۾ شمار ڪيو ويندو هو.

 

 تاريخي ڪتابن ۾ ان ڳالهه جو واضح ذڪر ملي ٿو ته اگهم ڪوٽ هڪ شاهوڪار شهر سنڌو درياهه جي ڪپ تي واقع هو تاريخ مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته ان دور ۾ اگهم ڪوٽ جو واپار ٻين شهرن سان گهڻو هو.

 

 جڏهن محمد بن قاسم جهمپير مان واپس آيو ته هو پنهنجي پنج هزار فوجين سان گڏ هن شهر ۾ ڪجهه ڏينهن ترسيو هو ۽ جڏهن محمد بن قاسم سيوستان کي فتح ڪيو ان وقت لوهاڻي پرڳڻي تي حڪمراني اگهم بادشاهه جي هئي.

 

هتي بزرگ مخدوم محمد اسماعيل جو مقبرو به آهي. جنهن تي چٽسالي جا شاهڪار ملن ٿا. مقبري جي ڀتين تي فارسي ۾ ڪيتريون لکتون موجود آهن. مخدوم محمد اسماعيل جي سن وفات 996هه لکيل آهي.

 

مخدوم محمد اسماعيل سان گڏ، شاهه عبدالمجيد شاهه، محمود سهروردي، حسين شاهه ۽ مخدوم جون ڌيئرون دفن آهن.

 

مارچ 1996ع ۽ آڪٽوبر 2000ع ۾ هن ڪوٽ جي سروي ڪئي وئي ته ثقافت کاتو ۽ آرڪيالاجي وارن صرف نالي ماتر کوٽائي ڪئي جن ۾ مٽي جا ٿانو، رڱيل شيشا، ٺڪر جا رانديڪا، سينگاريل پٿر، جانورن جون مورتيون، ٽامي جا سڪا ظاهر ٿيا. پر ڪم اڌ ۾ روڪيو ويو.

ان علائقي جي صحيح کوٽائي نه ٿيڻ سبب ڪافي قيمتي شيون ائين پيل آهن. ان علائقي ۾ سرعام ٻڪريون چاريندڙ ڌنار ٻڪريون پيا چارين ان تاريخي ماڳ جي تباهي ۾ مصروف آهن ۽ ان جا سنڀاليندڙ ڪوبه قدم نه ٿا کڻن ۽ نه ئي ثقافت ان تاريخي جڳهه جي ڪا سار سنڀال لڌي آهي. سرڪار کي اپيل آهي ته ان تاريخي جڳهه کي اهميت ڏني وڃي.*