مقبرو شريف

ناديه خان

دنيا ۾ نالو پيدا ڪندڙ هر شخص جي پويان ڪو لڪل سبب ضرور هوندو آهي. جيڪو ان جي وڏي هجڻ جو سبب بڻبو آهي، ان جي پٺيان ڪا ڳجھيل وجھ ضرور ھوندي آھي ۽ ان شخص سان جڙيل ھر ڳالھ خاص چورائجندي آھي ۽ جڏھن اھو ماڻهو ھن دنيا مان رخصت ٿي وڃي ٿو ته هن جي قبر به خاص بڻجي وڃي ٿي ۽ اھي عام قبرون نه پر مزار جي نالن سان سڏرائجن ٿيون.

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مزارون ۽ مقبره آھن، جن مان ڪي ته نھايت قديم آھن. اھڙين مزارن مان ٽنڊي سائينداد جي مزار به ھڪ آهي، جيڪا ”مقبره شريف“ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ھي مزار گنجي ٽڪر جي ويران جبلن جي وچ ۾ واقع آھي.

ھي مزار ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ پير سرھندين جي آهي، جيڪا اٽڪل سؤ سال پراڻي آھي.

ھن مزار شريف اندر ٽن اوليائن بزرگن (خواجه حضرت عبدالرحمن جانؒ، حضرت خواجه محمد حسن جانؒ ۽ حضرت خواجه عبدالله جانؒ ) جون قبرون آھن. هنن بزرگن جا ڪيترائي مريد پڻ آھن.

ھي مزار مٿان نھايت خوبصورتي سان ٺاھي وئي آھي، جنھن جي اونچائي 40 فٽ آھي. جيڪا تمام ڪشادي ۽ ويڪري آھي هن مزار جي تعمير لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان مختلف علائقن مان گھرايو ويو ھو. هن جي اڏاوت ڪجهه اهڙي طرح سان ڪئي وئي آهي جو ھن جون ديوارون اڪثر ٿڌيون رھن ٿيون.

ھن مزار مٿان چار مينار آھن، ان جا چار دروازا آھن. چار مينارن جي وچ ۾ بزرگن جون قبرون آھن، جنھن جي مٿان کان نھايت خوبصورتيءَ سان گنبذ ٺھيل آھي ان گنبذ جا چار محراب ۽ پراڻي زماني جي شاندار دستڪارن کي خوبصورتي سان نکاريو آھي.

ٻاھرين حصي ۾ پير سرھندي جي خاندان جا ٻيا فرد پڻ دفن ٿيل آھن. مقبري سان گڏ مسجد پڻ تعمير ٿيل آھي ۽ ويجهڙائي ۾ ھتي ھڪ مدرسو ٺاھيو ويو آھي.

 ۽ ھر سال ھن مقبري جي مرمت جو ڪم ڪرايو ويندو آھي. مقبري جي سار سنڀال لاءِ ھڪ متولي مقرر آھي.

ھي مقبرو ويران علائقي ۾ واقع آھي، پر مرشدن جي محبت ۾ ڪڏھن به مريدن ھن مزار کي خالي نه ڇڏيو.

ھر سال 12 ربيع الاول، نائين ڏھين محرم ۽ ھر مھيني جي پھرين آچر تي ھتي خيرات ڪرائي ويندي آھي، جتي ھزارن جي تعداد ۾ ماڻھو ايندا آھن، جتي ننڍا وڏا ماڻھو سڀ برابر ھوندا آھن.