تبديل ٿيندڙ ڄامشورو

هرچند

سنڌ جو ڪوبه پڙهيل لکيل شخص جڏهن ماضي ۾ پنهنجي تعليمي حوالي سان يادن کي کولڻ چاهيندو آهي ته ڄامشوري جي نالي ياد اچڻ تي پنهنجي چپن کي مسڪرائڻ کان روڪي نه سگهندو آهي.

 شروع ۾ ڄامشورو دادو ضلعي جي تعلقي ڪوٽڙي ۾ هڪ ديهه ۽ يونين ڪائونسل جو درجو رکندو هو. جنهن کي ڊسمبر 2004ع ۾ انتظاميا طرفان ڌار ضلعي جو درجو ڏنو ويو.

ڄامشورو هوائن کان علاوه تعليمي حوالي سان به تمام گهڻو مشهور آهي جنهن ۾ سنڌ جون ٽي وڏيون يونيورسٽيون مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي شامل آهن.

جتي پرڏيهي توڙي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جي علائقن جا شاگرد اعليٰ تعليم پرائين ٿا.

ان کان سواءِ هتي سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، بيورو آف ڪريڪيولم، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جهڙا ادبي ۽ تعليمي ادارا پڻ موجود آهن.

ڄامشوري جو صنعتي علائقو ڪوٽڙي کان نوري آباد تائين پکڙيل آهي. جتي سائيٽ ايريا ۾ 100 کن ننڍا وڏا ڪارخانا موجود آهن جتي هن وقت ڪيترائي مزدور ڪم ڪري رهيا آهن.

ڄامشوري جي رهواسين کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو فلٽر پلانٽ ۽ بجلي لاءِ لاکڙا پاور هائوس ۽ ٿرمل پاور هائوس پڻ موجود آهن.

ڄامشوري جي اوڀر ۾ سنڌو ندي تي هڪ وڏو تفريح گاهه المنظر آهي. جتي ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ٻين علائقن جا رهواسي درياهه جي ڪپ تي برسات جي موسم ۾ اُتي وڃي ٿڌڙين هوائن جو مزو وٺندا آهن، ڪي ٻيڙين تي چڙهي درياهه جي موجن جو مزو وٺندا آهن ۽ ڪي پهر ويهي ڪچهري ڪندا آهن، جنهن وقت درياهه ۾ تازو پاڻي اچي ٿو ۽ درياهه جي سطح ڪجهه مٿي چڙهي ٿي ته سنڌ واسي خوشي مان لطف اندوز ٿيڻ ايندا آهن درياهه جي ڀرسان هوٽلن تي ماڻهن جي رش لڳي ويندي آهي هتي جي مڇي ۽ پلا تمام گهڻو مشهور آهن.

سنڌ ۾ 2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ ڪيترن ئي شهرن مان ماڻهو لڏپلاڻ ڪري هتي اچي آباد ٿيا آهن ۽ هن وقت ٻوڏ متاثرن لاءِ پيٽارو ڪاليج جي ڀرسان هڪ ڪالوني ٺاهي ويئي آهي جتي ٻوڏ متاثرن کي رهائش ڏني ويئي آهي.

ڄامشوري جي آبادي وڌڻ ۽ روڊ رستا سوڙها هجڻ جي ڪري هتي هر وقت ٽريفڪ جام ٿي ويندي آهي. جنهن جي ڪري شاگردن توڙي مريضن کي تمام گهڻا مسئلا پيش اچن ٿا.*