سهولتن کان وانجهيل ريل گاڏي

اسد ڀٽو

نڍي هوندي کان ئي وڏڙن کان ٻڌندو آيس ته ريل جو سفر ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. سفر ۾ ڪو به ٿڪ نه ٿيندو آهي.اهي ڳالهيون ٻڌي دل چوندي هئي ته ريل جو سفر به ڪرڻ گھرجي.

 هاڻي ته بسون ۽ وينون اچي چُڪيون آهن جن تي ماڻهون بنا ڪنهن انتظار جي هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ پهچي وڃي ٿو. جڏهن ته ريل جي لا۽ ڪافي انتطار ڪرڻو پوندو هئو. ۽ اسٽيشن تي به ماڻهن جو ميلو لڳل هوندو هو. پر هاڻي ريل جي سفر ڏانهن  رجهان گھٽجي رهيو آهي.

هڪ ڏينهن  اسان دوستن گڏجي صلاح ڪئي ته هن ڀيري ڳوٺ ريل تي هلبو ۽ ريل جي سفر جو مزو وٺجي.هڪ ڏينهن يونيورسٽي جي موڪل ٿي ته اسين سڀ گڏجي رات جو 10 وڳي گھران پنڌ نڪتاسين هر هڪ کي ڪُلهي تي ٿيلها هئا ۽ ڪچهري ڪندا اسٽيشن تي  پهتاسين.

 ان وقت اسان کي عجيب لڳي رهيو هوُ ڇو ته پهريون دفعو اسٽيشن تي آيا هئاسين اسٽيشن تي مُڪمل خاموشي هئي . اسين به ٿيلها رکي ويهي رهياسين ۽ ٽڪيٽ وٺڻ واري جاءِ  ڳولڻ لڳاسين اتي اسان کي هڪ پوليس وارو نظر آيو اسان ان کان  ٽڪيٽ جي باري ۾ پڇا ڪئي. اُهو اسان کي ڪاؤنٽر تي وٺي ويو اسان ٽڪيٽون خريد ڪيون.

 ۽ هاڻي ريل جو انتطار ڪرڻ لڳاسين بس ڄاڻ ريل آئي. ۽ هر هڪ جون اکيون پٽڙي ڏي هيون ائين ڪلاڪ ٻه ٿي ويا پر ريل نه آئي ۽ سڀ سست ٿي ويهي رهيا. رات جا ٻه ٿيا ته ريل جو هاروُن وڳو. سڀ وري سڄاڳ ٿي ويا.

 اُها ويجهي ايندي رهي سڀ وڌيڪ پراميد ٿيندا ويا. آخر ريل اچي اسٽيشن تي بيٺي. ان کي ڏسي حيرت ٿي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ڪا بتي نه هئي ۽ مڪمل اونداهي هئي. مسافرن جا چهرا نظر نه ٿي آيا.

دل ۾ خيال آيو ته هل ڙي پاڪستان ريل ۾ به لوڊشيٽنگ. گھڻن کي هٿن ۾ ٽارچون هيون ڇو ته اهي ريل جي  سفر کان واقف هئا.

اسان به پنهنجون ٽارچ واريون موبائلون ڪڍيون (ٽي ٽِي)جي هٿ ۾ به ٽارچ هئي.هُو ان جي مدد سان ٽڪيٽون ڏسي رهيو هو. اُتي بلبن جا نشان ته هئا پر بلب نه هئا. پکن جا هُڪ ته هئا پر پکا نه هئا.

 دريون  ته هيون پر انهن کي ڄڻ ڪنهن ايلفي هنئين هجي بند نه ٿي رهيون هيون. جنهن ڪري ٿو بُه گھڻي لڳي رهي هئي. اُتي باٿروم  ته هئا پر انهن  ۾ پاڻي نه هُئو جنهن ڪري فيملي  وارن کي گھڻي ڏکيائي ٿي رهي هئي. اندر ڪا به صفائي نه ٿيل هُئي تمام گھڻي بدبوُ اچي رهي هئي. بوگي کٽارا بس محسوس ٿي رهي هئي.