ڀٽ شاهه جو سير

ماجد سومرو

سنڌ ۾ اهڙيون هستيون ۽ جايون آهن جتي وڃڻ سان روح کي راحت، سيني کي سُرور ۽ دل کي هڪ سڪون ملي ٿو. انهن جڳهن مان ڀٽ شاهه جي مزار به هڪ آهي جتي وڃڻ سان روحاني سڪون ملي ٿو.

جيڪا مزار تمام بهترين ۽ پُرڪشش انداز ۾ ٺهيل آهي. جنهن ۾ پوري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو هتي زيارت ڪرڻ، گهمڻ ۽ پنهنجي مراد ۽ آس کي پورو ڪرڻ لاءِ باس باسيندا آهن.

 مزار تي پري پري کان آيل ماڻهن لاءِ تمام وڏو ۽ ڪشادو مسافر خانو ٺهيل آهي. ڀٽ شاهه تي لنگر به عام هوندو آهي جيڪي ماڻهو گهمڻ ۽ زيارت لاءِ ايندا آهن اهي الله جي راهه ۾ پئسو خرچ ڪندي گهمڻ آيل مسافرن، غريبن ۽ فقيرن ۾ لنگر پڻ ورهائي ويندا آهن.

 مزار سهڻي انداز ۾ ٺهيل آهي جنهن ۾ هڪ مسجد موجود آهي جتي گهڻو ڪري جمعي جي ڏينهن تمام گهڻي رش هوندي آهي.

 تنهن کانسواءِ ڀرپاسي ۾ هڪ چِله گاهه آهي جتي پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي الله جي عبادت ۽ چِلي ۾ وهندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ حويلي آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو عرس مبارڪ 14 صفر تي ملهايو ويندو آهي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. انهن ڏينهن ۾ شاهه لطيف ڀٽائيرح جي لکيل بيتن کي شاهه جا فقير پنهنجي آواز ۽ سهڻي انداز ۾ ماڻهن جي آڏو ڳائي پيش ڪندا آهن.

جنهن کي ٻڌڻ سان دل کي سڪون ملي ٿو، جنهن کان علاوه ڍول ۽ نغاره رکيل هوندا آهن. نغارن جو آواز ٻڌي مست مولائي فقير ۽ گهمڻ آيل ماڻهو جهومڻ ۽ ڌمالون شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن ۾ مرد توڙي عورتون به ڌمال ڪنديون آهن.

 ڀٽ شاهه جي مزار کان ٻاهر هڪ وڏي بازار آهي جنهن ۾ مٺايون، فروٽ، ننڍڙن ٻارن جا رانديڪا ۽ وڏن ماڻهن لاءِ به تمام شيون، ٽوپي اجرڪ، گهر جي سيج ۽ سينگار لاءِ تمام شيون موجود هونديون آهن.

 جتان ماڻهو ڀٽ شاهه جون سوکڙيون ڪري ۽ ضرورت واريون شيون خريد ڪري ويندا آهن. ڀٽ شاهه مزار کان اڳتي ڪجهه مفاصلي تي شاهه عبداللطيف لائبريري ۽ پارڪ پڻ موجود آهن.

 انهيءَ لائبريري ۾ سنڌي ثقافت ۽ ڪافي ڄاڻ وارا ڪتاب موجود آهن ۽ پارڪ ۾ ماڻهو پري پري کان پڪنڪ طور پنهنجو وقت گذارڻ لاءِ به ايندا آهن.

ان کان علاوه اتي هڪ شاهه لطيف ميوزم ٺهيل آهي جنهن ۾ سنڌي ثقافت ۽ سنڌ ۾ گذريل نامور عاشقن ۽ پيار ڪندڙن جا مجسمه ٺهيل آهن جيئن سهڻي ميهار، سسئي پنهون، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياج، نوري ڄام تماچي ۽ ٻيا به گهڻا دل لُڀائيندڙ مجسمه رکيل آهن.

 انهن جي سار سنڀال لاءِ هڪڙو ماڻهو رکيل آهي جيڪو انهن ڪهاڻين کي مختصر بيان ڪري انهيءَ ميوزم ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ دلچسپي ۽ تجسس پيدا ڪري ٿو.

 ان ميوزم کان ٿوري مفاصلي تي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي قبر ٺهيل آهي جتي سچا عاشق ۽ شاعري جو قدر ڪندڙ حاضري ڀري پوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن روانه ٿي ويندا آهن.*