ڪوڙين رسمن جي ورچڙهيل سنڌ جي عورت

سنڌو ميمڻ

اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا ان معاشري ۾ جتي هر شيءِ ۾ ترقي آئي آهي، اتي ملڪ جي شهرن ۽ خاص ڪري ڳوٺن واري علائقن ۾ اڄ به پراڻيون رسمون راڄ ڪن ٿيون.

 جهڙوڪ: ڪاروڪاري، ننڍپڻ جون شاديون، نياڻين جهڙيون رحمت کي بار سمجهندڙ ۽ ان کي ڳوٺ جي جرڳن جي چوڻ تي ”سڱ چٽي“ نالي جي رسم جي ڀيٽ چاڙهڻ جهريون رسمون اڄ به وڏي عروج تي آهن.

 جيڪڏهن ڪنهن به گهر جو فرد ڪنهن ماڻهوءَ کي قتل ٿو ڪري ته بجاءِ جو ان قاتل کي سزا ڏجي ان جي بدران معصوم نياڻين کي سزا ڏني وڃي ٿي.

 اهي نياڻيون جيڪي خدا جي رحمت آهن، انهن جون بنا ڪنهن گناهه جي پاڻ کان ٻيڻي بلڪه ٽيڻي عمر جي مرد سان شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، ڇو ته انهن جي وڏن قتل ڪيو آهي.

ڪارو ڪاري جي سزا ۾ ته هڪ ئي دفعي ۾ انهن جي زندگين کي ختم ڪيو ٿو وڃي، پر هن قسم جو عمل ڪرڻ سان انهن معصوم نياڻين کي هر روز هر گهڙي مرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ٿو.

 ان ڳوٺ جا جرڳا ته ٺهيو پر جن جون نياڻيون آهن، جن کي ايڏين مشڪلاتن سان نپائن ٿا، انهن جون اهي نياڻيون ايئن اهڙن ظلمن جو شڪار ٿين ٿيون، اهي والدين به نٿا سوچين ته جيڪڏهن هو پنهنجي نياڻين کي ڪنهن قتل جي عيوض ڪنهن سان به پرڻائن ٿا ته ان سان انهن جي نياڻين کي ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

ان جو مثال ته مون پاڻ به ڏٺو آهي ته ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙي واري جو قتل ڪيو ته ان ڳوٺ ۾ جيڪي جرڳا ٿين ٿا انهن جرڳن ان قاتل کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ ان جي 12 سالن جي معصوم نياڻي جنهن کي اڃان شادي لفظ جي معنيٰ جي خبر نه هئي ان جي شادي 40 سالن جي وڏي عمر واري سان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

 گهڻو ئي انڪار ڪرڻ جي باوجود به ان معصوم جي شادي ان وڏي عمر واري شخص سان ڪرائي وئي.

ان جي باوجود به اها معصوم ڇوڪري صبر ڪري هر اها ڳالهه، هر اهو ڪم ڪندي رهي، جيڪا هڪ سمجهدار عورت پنهنجو گهر هلائڻ لاءِ ڪندي آهي.

 هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڪندي رهي ته جيئن هڪ عزت واري زندگي گذاري سگهي. پر افسوس جو اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به ان کي ان جي بدلي ۾ ان جا گهر وارا ان کي ”قاتل جي ڌيءَ“ سڏين ٿا.

ڇا هڪ نياڻي ٿي جنم وٺڻ ايترو وڏو گناهه آهي....؟ جو ٻين جي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جي باوجود به ان نياڻي کي اهو مرتبو، اها عزت نه ٿي ملي سگهي.

 حيف آهي انهن والدين تي جيڪي پنهنجي گناهه کي لڪائڻ لاءِ، ۽ پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ لاءِ پنهنجين معصوم نياڻين سان ايئن ظلم ٿا ڪن، انهن کي جيئري ئي ايئن باهه ۾ اڇلائي ٿا ڇڏين.

ان باري ۾ منهنجي سوچ اها آهي ته رسمن ۽ رواجن جي نالي تي ٿيندڙ نياڻين توڙي عورتن تي اهو ظلم ڪنهن گناهه کان گهٽ نه آهي.

اهو ظلم ڪرڻ وارا به اسان ئي آهيون، انهن رواجن ۽ رسمن کي لاڳو ڪرڻ وارا به اسان ئي آهيون ۽ انهن ناجائز رسمن جي پيروي ڪرڻ وارا به اسان ئي آهيون. جيسيتائين اسان ان مان خود پنهنجي جان نه ڇڏائينداسين، تيستائين اهي رسمون ايئن ئي هلنديون رهنديون.

ڪنهن به ملڪ جي حڪومت به تڏهن ئي ڪجهه ڪري سگهندي جڏهن ان ملڪ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز اٿارڻ جي همٿ ۽ جذبو هوندو.

هر اها شيءِ جيڪا غلط پئي ٿئي ان جو الزام حڪومت جي مٿي تي مڙهڻ به غلط آهي، اسان جي ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا ادارا آهن جتي عورتن جي حقن لاءِ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ٿي وڃي ۽ انهن ادارن مان فائدو ۽ تحفظ انهن کي ئي ملي ٿو جيڪي پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪري پنهنجو آواز اٿارين ٿا انهن ناجائز رسمن ۽ رواجن جو حل اهو ئي آهي ته پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪيو مونکي اميد آهي ته پنهنجي زندگي جيئڻ جو، ڪونه ڪو رستو ضرور ملندو.*