ڊرائيونگ دوران فون تي گالهائڻ جا نقصان

امجد لغاري

سائنس جي ايجاد ڪيل شين مان جيترا گهڻا انسان فائدا حاصل ڪيا آهن انهن جي ڀيٽ ۾ اُهي ايجادون ڪجهه نقصان جو سبب به بڻيون آهن.

 ايئن ئي انسان موبائل فون مان فائدا وٺي رهيو آهي. ۽ اهو ئي انسانن لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿيو آهي، جيئن ڊرائيونگ دوران موبائل فون تي ڳالهائڻ سان ڪيترائي نقصان ٿيا ۽ ڪيترائي حادثا ٿيا آهن جن ۾ موبائل فون وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي اُهي حادثا مختلف روڊن تي مختلف گاڏين سان پيش آيا آهن ۽ هاءِ وي به ڪافي انهن حادثن جي تاريخ سان ڀريل آهي.

 هڪ ڊرائيور هڪ فون ڪال اٽينڊ ڪرڻ سان ڪافي جانين کي نقصان جي سمنڊ ڪناري اچي بيهاري ٿو. اهو نقصان جي انسانن جي جانين ۽ اميدن جو آهي.

جيڪڏهن هڪ بس ڊرائيور ايئن ئي بي ڌياني ۽ غير ذميواري واري حرڪت ڪري ٿو ته هڪ بس ۾ 80 مسافر آهن ته ايئن سمجهو ته هو 80 مسافرن جي جانين جو زميوار آهي ۽ ايئن ئي ڪافي دفعا ٿيو آهي.

 ڪافي انسانن جي مقدر موت کي گلي لڳايو آهي. ۽ ڪافي انسان معذور ٿي پنهنجي اميدن کي اونداهي ۾  ويندي ڏسن ٿا ۽ انهن حادثن ڪيترن ئي مائرن جي هنجن کي نا اميدي جا لڙڪ ڏنا آهن ۽ ڪيترن کان ئي گهر جي سنڀاليندڙ جو سهارو کسيو ۽ اُهي ئي حادثا ڪيترن ئي مالڪن جي روزي ڪمائڻ جو سهارو کسڻ جو سبب بڻيا ۽ انهن ئي بي رحم حادثن ڪيترن ئي معصومن جي چيخن جا لطف ورتا.

 اُهي ڊرائيور جيڪي ڊرائيونگ دوران فون ڪال اٽينڊ ڪن ٿا يا ميسيج کي ترجيح ڏين ٿا ته اهي ئي ڊرائيور پنهنجي ڊرائيونگ جي اصولن مان هٿ ڌوئي ڪڍن ٿا.

ايئن ئي گذريل ٻه مهينا پهرين هڪ واقعو پيش آيو. هڪ نوجوان ڇوڪرو جنهن جي عمر 19 سال هئي جيڪو ٽنڊو الهيار مان موٽر سائيڪل تي ايندي چمبڙ شهر وٽ چنگچي رڪشا سان ٽڪرائجي ويو.

ان سان گڏ موٽر سائيڪل تي ٻه ٻيا ماڻهو گڏ هئا ۽ رڪشا ۾ سوار ٽي ٻار ۽ ٻه عورتون هيون. موبائل فون تي ڳالهائيندي پنهنجي سائيد ڇڏي انهن جي سائيڊ تي اچي ويو.

 انهيءَ حادثي ۾ موٽر سائيڪل هلائيندڙ جي فوتگي ٿي ۽ ان سان جيڪي ٻه ماڻهو گڏ هئا. اهي سخت زخمي ٿيا. جن مان هڪ ٽيڪسي ڊرائيور هو.

 جيڪو ٻن مهينن کان کٽ تي پيل آهي. لاچاري ۽ بي وسي واري زندگي گذاري رهيو آهي ۽ رڪشا ڊرائيور سخت زخمي ٿيو ۽ هڪ عورت فوت ٿي ۽ هڪ ٻار زخمي ٿيو.

جيڪڏهن سوچيو وڃي ته هڪ رڪشا ڊرائيور جي غلطي ڇا ڪيو هڪ عورت کي موت جي حوالي ڪري ۽ ان جي ننڍڙن ٻارن کي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ۽ هڪ نوجوان کي اڻ کٽندڙ اونداهي ۾ ڌڪيو.

 ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي بي وسي ۽ بي رونقي واري زندگي ڏنائين. جڏهن ان ماءُ جي اکين اڳيان نوجوان پٽ جو لاش آيو هوندو. مگر اهو لاش سندس پٽ جي اميدن سان ماٺيڻو لاش هو. ان ماءُ جي ڪرندڙ لڙڪن ۽ بي وسي ڪنهن ڏٺي هوندي؟؟

ٻاهرين ملڪن ۾ ڊرائيونگ دوران فون تي ڳالهائڻ سخت منع آهي مگر پاڪستان ۾ به اهو ئي قانون آهي عمل صرف تيستائين آهي جيستائين موبائل فون جي رنگ نٿي وڃي