شڪارپور جو شيش محل

قنديل مسرور بدري

شڪارپور شهر پنهنجي دور جو نهايت سهڻو شهر  آهي. شڪارپور شهر جا ڪيترائي حوالا آهن. جيڪڏهن اسين شهر جي ادبي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ڪيترائي نالا ادبي ميدان ۾ مٿانهان نظر ايندا.

 ڪارنامن سان ادبي تاريخون ڀريون پيون آهن. شڪاپور هڪ اهڙو شهر آهي جنهن کي ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهوري حاصل آهي.

 ڪن لکارين شڪارپور شهر جي گهٽين کي يونان جي جڳ مشهور شهر اٿينس جي گهٽين سان تشبيهه ڏني آهي، ڪنهن وري ان کي خوابن ۽ خيالن جو شهر چيو آهي ڪن کي وري هن شهر ۾ پراسراريت نظر آئي آهي، ڪن شهر کي بيوفا اولاد جو شهر سڏيو آهي، پر شيخ اياز شڪارپور شهر کي ڪيفيت جو نالو ڏنو آهي.

شڪارپور ۾ رهندڙ پنهنجي مزاج ۽ سوچ ۾ نهايت ترقي پسند آرٽسٽڪ ذهنيت جا مالڪ هئا. انهن پنهنجي ذوق آهر نهايت خوبصورت جايون جوڙايون جن شهر جي رونق سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ اهڙيون ته سهڻيون جلويدار جايون ٺهرايون جو انهن مان اڄ به ڪجهه جايون پنهنجي ڪاريگرن جي ڪاريگري ۽ هنرمندي جي هنر کي نمايان ڪري رهيون آهن.

ان کان علاوه جاين کي وڌيڪ سوڀياوان ڪرڻ لاءِ ڪاٺي تي اُڪَرَ جو ڪم ڪرايو جيڪو پڻ مهارت سان ٿيل هو جنهن جا آثار اڄ به شڪارپور ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

شڪارپوري شهر جون جايون پنهنجي مخصوص اڏاوت جي ڪري ڏينهون ڏينهن مشهور آهن سندس هاڪ جي ڪري ئي آمريڪي رياست شڪاگو جي هڪ ميوزيم (عجائب گهر) ۾ دنيا جي هڪ سؤ خوبصورت شهرن جي فهرست ۾ شڪارپور جو نالو پڻ مشهور آهي.

لوڪ رام لوڏي جا پنهنجي ڪتاب ”منهنجو شهر منهنجا ماڻهو“ ۾ شڪارپور جي ڍڪ بازار کي ڏاڍو ساراهيو آهي ۽ اسان کي اهو ٻڌايو آهي ته اهڙيون بازارون ثمر قند بخارا ۾ آهن.

انگريز حڪومت جي اثر سبب عمارت ۾ به انقلاب آيو ۽ شڪارپور جون اڪثر عمارتون مختلف طرز اڏاوت جو حسين منظر پيش ڪري رهيون آهن.

هتان جي اڪثر هندو سيٺين پنهنجون جايون وڪٽورين جرمن ۽ نيپولين طرز جون ٺهرايون ۽ دنيا جي مختلف علائقن جو حُسن، آرٽ کڻي اچي پنهنجي گهرن ۾ لڳرائي شڪارپور کي وڌيڪ رونقدار بڻائيندا هئا.

شڪارپور جي انهن سهڻن گهرن منجهان شيش محل به هڪ هو. جنهن بابت ٻه روايتون مليون آهن جن کي پيش ڪريان ٿي.

شڪارپور جي قديم عمارتن ۾ هتان جو شيش محل به هڪ آهي، جنهن جي اندر شيشي جي ٿيل ڪم کي نظر ۾ رکندي ماڻهو کيس شيش محل به سڏيندا هئا.

ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ آيل هڪ وفد شڪارپور جون پراڻيون جايون پئي ڏٺيون جڏهن شيش محل وٽ پهتا ته مان انهن سان شامل ٿي اندر وڃي شيش محل ڏسڻ لڳس اندر شيشي ۽ ساڳ جو ڪم ڏسي حيران ٿي ويس.

شيش محل ۾ پنهنجي نوعيت جو هڪ بهترين ڪم ٿيل هو، مان شڪارپور ۾ اهڙي جڳهه وري ڪا ٻئي نه ڏٺي هجي. ان محل جو ٻاهران رنگين جانورن جون تصويرون نقش ٿيل هيون. (مرحوم نقش ناياب منگي کان مليل روايت)

شيش محل جهڙو نالو هئس تهڙو ئي هو. مون ننڍپڻ ۾ به شيش محل کي ڏٺو، اندر محل جي مالڪن جا سيمينٽ جي سرن تي نالا لکيل هئا. شيش محل جا مالڪ هندستان ۾ رهندا هئا ۽ جڏهن ايندا هئا ته ماڻهن ۾ اٽو لٽو ورهائيندا هئا.

ڪيترن ئي گهرن کي خرچ ڏيندا هئا. شيش محل جي اندر ساڳ جي ڪاٺي تي اُڪَرَ جو ڪم ٿيل هو. ڇت ۾ ٿلها ساڳ جا شهتير پيل هئس جن جو شيش محل هو انهن جو ئي لال محل هو هاڻي ان لال محل ۾ ڇوڪرين جو پرائمري اسڪول هلي رهيو آهي ۽ ان عمارت جي به حالت خستا ٿي وئي آهي.

(روايت منظور احمد موچي کان مليل عمر اٽڪل 75 سالن کان مٿي).

شيش محل 1923ع ۾ جڙي راس ٿيو شيش محل مرلي ڌر نالي شخص ٺهرايو هو. جيڪو پنهنجي پيءُ جو ٻيو نمبر پٽ هو. واضح رهي ته مرلي ڌر نالي هڪ ٻيو شخص به مشهور آهي جنهن جي سڃاڻپ بحيثيت وڪيل جي آهي.

 شيش محل جو مالڪ مرلي ڌر 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هندستان هليو ويو پر هو هميشه شڪارپور کي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ياد ڪندو رهندو هو. مرلي ڌر جو 76 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ٿي ويو.

شيش محل جي اڏاوت نهايت آرٽسٽڪ ذوق جي ڏيکائي ڏيندڙ هئي. عمارت وڪٽورين طرز تي اڏيل هئي هن ڀتين جي آرائش لاءِ جاپاني وال پيپر لڳرايا هئا. هن مک در تي پڻ مور پکي ۽ ٻين پکين جي تصويرن وارا وال پيپر لڳرايا هئا.

خوبصورت در، دريون ٽائلس جو ميلاپ دل لڀائيندڙ هو ان کان سواءِ اندر مجسما وغيره پڻ ٺهيل هئا. الماريون، صوفا سيٽ ۽ ڳجهي ٽجوڙي پڻ مرلي ڌر جي ذوق جي آئينيدار هئي.

هينئر شيش محل پنهنجي بيوسي ۽ انسانن جي بيحسي جي ور چڙهي ويو آهي وقت جي گرمي ۽ موسم جي ڏاڍاين هن جو حال هيڻو ڪري ڇڏيو آهي.

 وري جو ڪراچي جي ڪاٺ جي واپارين جي نظر هن جي فن پارن تي پئي ته انهن هنن فن پارن کي خريد ڪري ڪراچي جي بنگلن جي زينت بڻايو آهي، هن وقت شهر شڪارپور ۾ اهڙا ڪيترائي شيش محل آهن جيڪي اها گهر ڪري رهيا آهن ته اچو اچي پنهنجي ثقافتي ورثي کي بچايو.