پينافليڪس جو وڌندڙاستعمال

اسد خاصخيلي

پراڻي زماني ۾ فوٽوگرافي ۾ مصوري ۽ ڊرائيننگ جو وڏو ڪردار هو. پر وقت جي اٿل پُٿل ۽ جستجوءَ هن کي جديد فوٽو گرافي يعني ڪئميرا جي اک ۾ سمايو آهي. ان مقصد لاءِ ڪيترن ئي سائنسدانن پنهنجو وقت ۽ زندگيون ارپي ڪئميرا تيار ڪئي.

جيڪو وقت جي مناسبت سان ترقي ڪري اڄ جي ڪمپيوٽر دؤر ۾ ڪافي ڪمن ۾ ڪم اچي رهيو آهي. دنيا جا حساب ڪتاب، موويز، وڊيوز لائبريريون ۽ البم سڀ سيڪنڊ جي حساب سان هڪ ڪمپيوٽر ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

 دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ موجود آهي اتي جا مکيه مسئلا، حال احوال، منظر ۽ ڪاروهنوار ڪمپيوٽر اسڪرين تي ڏسي سگهجن ٿا.

 اڄ جي ميڊيا ۾ ڊيجيٽل ڪئميرائن ذريعي فوٽو ڊزائينگ ڏکي نه رهي آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جا مسئلا، حادثا، احتجاج ۽ وايومنڊل ڪمپيوٽرائيزڊ ڪئميرا ڏيکاري رهي آهي.

نه صرف ايترو پر هن وڌندڙ آباديءَ ۾ مسئلن جي حل ۾ پڻ ڪمپيوٽر وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

واپاري لحاظ سان دنيا جا واپار ته هن طريقي سان ٿي رهيا آهن، پر پيداواري صلاحيتن ۾ به ڪمپيوٽر وڏو ڪم ڪري رهيو آهي.

پراڻي دؤر ۾ جيڪو ڪم ورهين بعد ٿيندو هو اهو هاڻي سيڪنڊن ۽ ملي سيڪنڊن ۾ وڏي صفائيءَ سان ٿئي ٿو. جيئن ته موجوده سرمائيداري نظام ۾ ”اشتهار بازي“ جو وڏو استعمال ٿي رهيو آهي.

 جنهن لاءِ مصور، پينٽر يا ڊرائينگ ماسٽر اهو ڪم ڪيترن ئي مهينن بعد مڪمل ڪري سگهندا هئا، ۽ خرچ جي لحاظ کان پڻ مهانگو سودو هو.

پر هن وقت اشتهار بازي جو جديد طريقو ۽ معاشي لحاظ کان تمام سستو هُنر پينا فليڪس ادا ڪري رهي آهي. هر هڪ ڪمپني توڙي سياستدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري، سماجي تنظيمون ۽ خيراتي، فلاحي ادارا پنهنجي مشهوريءَ لاءِ پينا فليڪس جو سهارو وٺي رهيا آهن.

 نه صرف ايترو پر ڇپجندڙ اشتهار جي بيڪ گرائونڊ جا ڪلر، نمونا ۽ ڊزائين به پنهنجي خواهش مطابق ٺهرائي سگهجي ٿي. پينا فليڪس جي هُنر هڪ طرف خواهشمند ماڻهن جون گُهرجون پوريون ڪيون آهن ته ٻئي طرف ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار ۽ گذر سفر جا موقعا پڻ فراهم ڪيا آهن.

وقتي طور تي هي ڏاڍو عمدو ۽ پُرڪشش اشتهار ۽ سائن بورڊ تيار ڪرڻ جو طريقو آهي. مختلف شخصيتن جا فوٽو پينا فليڪس جي وڏين وڏين شيٽن تي ڇپجي شهرن کي زينت افروز ڪري رهيا آهن.

 ان کان علاوه ميلن ملاکڙن مذهبي تهوارن، قومي ڏينهن، احتجاجن ۽ سياسي جلسي عام جا اشتهار به پينا فليڪس تي ڇپجي رهيا آهن.

 اهڙيءَ طرح ڪيترائي خوشامندي ماڻهو به پاڻ وڻائڻ خاطر پنهنجي سياسي ليڊرن يا روحاني پيشوائن جون وڏيون وڏيون تصويرون پنهنجن نالن سان ٺهرائي ڪُنڊ ۾ پنهنجو فوٽو ڇپرائي ذهني طور تي عيش محسوس ڪن ٿا.

 ان ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته هن دؤر ۾ پينا فليڪس جو استعمال اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين، بلڊرن ۽ انيڪ ڪمپنين جي ترجماني ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ ماڻهن جو رجحان پاڻ ڏانهن ڇڪايو آهي.*