سنڌالاجي، هڪ ننڍري سنڌ

عبدالسلام سپڙو

ڪجهه ادارا ملڪن جي ڪري ۽ ڪي ملڪ وري ادارن ۽ ماڳن مڪانن  جي ڪري سڃاتا ويندا آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي بهترين ادارا ۽ ماڳ مڪان آهن.انهن مان سنڌالاجي به هڪ آهي جيڪو سنڌ شناسائي جو مهان ادارو بڻيل آهي.

سنڌالاجي سنڌ جي ڀرپور شناسائي ڪرڻ سان گڏ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياحن جي نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي، جتي سنڌ جي عظيم ۽  شاهوڪار ورثي، ثقافت، تاريخ، ادب، آرٽ، ريتن، رسمن، سياست، سونهن، موسيقي، ملاکڙن، محفلن بابت ناياب ذخيرن جي محفوظ ٿيڻ سان سنڌ جي عڪاسي ٿئي ٿي.

 انڊلٺي رنگن جو روپ اختيار ڪري ويل سنڌالاجي لاءِ هاڻ اها به چوڻي مشهور ٿي وئي آهي ته ”جنهن سنڌالاجي نه ڏٺي، ڄڻ اُن سنڌ نه ڏٺي“، جنهن کي ٿوري وقت ۾ سڄي سنڌ گهمڻي هجي يا سنڌ جي ماضي ۽ حال بابت گهڻ رُخي ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ته پوءِ اهو سنڌالاجي ئي گهمي ته ان لاءِ ڪافي هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌالاجي ۾ سڄي سنڌ بابت معلومات گڏ ڪيل آهي.

 ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي علامه آءِ آءِ قاضي، سائين جي ايم سيد، عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ ٻين سنڌ جي گهڻ گهرن جي سنڌ شناسائي واري نظر کي ساڀيان ڪندي سنڌالاجي جهڙي هن عظيم اداري  جو بنياد 1962ع ۾ رکي هڪ ڪمري ۾ ٽيبل ۽ ڪرسي رکي ان جي مقصدن حاصل ڪرڻ جي شروعات ڪئي وئي، جڏهن ته هن وقت سنڌالاجي جي نادر نمونو بڻيل موجوده عمارت جي پيڙهه جو پٿر 10 ڊسمبر 1972ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خاص توجهه سان سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ممتاز علي خان ڀٽو رکيو هو.

سنڌ يونيورسٽي جيان ڄامشورو جي سڃاڻپ بڻيل سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي جي ٻنهي داخلي رستن جي وچ ۽ سپر هاءِ وي کان ڄامشورو شهر طرف ويندي کاٻي هٿ تي انڊس هاءِ وي جي ڀرسان پرڪشش ۽ پر رونق ماحول ۾ قائم ڪيل آهي.

 سرڪاري ۽ ڪاغذي نالن ۾ سنڌالاجي جو نالو ” انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ آهي، ناريل، سُهانجڙي، نمن، عملتاس ۽ ٻين وڻن جي ڇانوري ۾ قائم سنڌالاجي جي هوادار عمارت اندر لائبريري، ميوزڪ، ريسرچ سيل، نمائش ۽ پبليڪيشن جا شعبا قائم ڪيل آهن، جن جا الڳ الڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيل آهن، جن جي نگراني ۾ پنهنجي پنهنجي شعبي جو ڪم ڪيو پيو وڃي.

سنڌ جي تاريخي ورثي کي سهيڙڻ واري هن اداري سنڌالاجي ۾ قائم سڀني شعبن جي پنهنجي الڳ الڳ اهميت ۽ افاديت آهي پر انهن ۾ نمائش وارو شعبو جنهن کي آرٽ گئلري به چئجي ٿو اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

جتي نوجوان آرٽسٽ سعيد منگي جي نگراني ۾ سنڌ جي قبلين، ذاتين ۽ انهن جي ڌنڌن ۽ ڪمن جي سڃاڻپ لاءِ انهن جا مجسما جوڙيل هجڻ سان گڏ سنڌ جي روايتن جا ڪارنر به قائم ڪيل آهن. هتي اديبن، دانشورن، ڏاهن، سگهڙن، سياستدانن، شاعرن، فنڪارن جا ڪارنر ۽ مجسما قائم ڪيل ۽ پورٽريٽ ٺهيل آهن. جن ۾ سائين جي ايم سيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،  شهيد بينظير ڀٽو، محمد عثمان ڏيپلائي، علامه آءِ آءِ قاضي، حسن علي آفندي، قائد اعظم محمد علي جناح، قمر شهباز، جيجي زرينا بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ٻيا شامل آهن جن جي استعمال هيٺ آيل روزمره جون شيون ۽ انهن جو مختصر لکيل تعارف به موجود آهن.

 انهن ڪارنرس ۾ خاص ڳالهه اها به آهي ته سنڌ جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي حياتي ۾ سمورو سامان سنڌالاجي انتظاميه کي ڏئي ۽ پنهنجي نالي واري ڪارنر جو پاڻ افتتاح ڪيو جيڪا سنڌالاجي تاريخ ۾ نئين روايت آهي، جڏهن ته پ پ پ جي سربراهه ۽ پاڪستان جي وزير اعظم بينظير ڀٽو پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي استعمال ۾ آيل شيون ۽ مختلف ملڪن ۽ شخصيتن کان مليل شيون پڻ سنڌالاجي حوالي ڪيون جيڪي هڪ ڪارنر قائم ڪري ان ۾ نمائش لاءِ رکيون ويون آهن.

ريسرچ لائبريري ۾ ٻين ادبين ۽ ليکڪن جيان  شهيد بينظير ڀٽو بابت ڪتاب ڪارنر قائم ڪيل آهي، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي لکيل ڪتابن توڙي ان بابت لکيل ڪتابن کي رکيو ويو آهي.

سنڌالاجي جي ميوزم ۾ جتي کوڙ ساريون تاريخي شيون رکيل آهن انهن ۾ دنيا اندر 1926ع ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪيل سنڌي لکڻي وارو ٽائيپ رائيٽر به نمائش لاءِ رکيل آهي. سنڌالاجي جي مقصدن ۾ اهو به شامل ڪيل آهي ته سنڌ جي اهم شخصيتن جا تاريخي، تفيصلي ۽ /ڏسو صفحو ....... 4