مياڻي ٻيلو:هڪ تاريخي ماڳ

افشان ڇلگري

 حيدرآباد شهر کان تقريبا 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قدرتي حُسن، جاذب ٻوٽن، پرسڪون ماحول ۽ تاريخي ماڳن طور مشهور مياڻي فاريسٽ اٽڪل ٻه هزارن ايڪڙن تي واقع آهي.

واپار سانگي سنڌ تي قبضي جي نيت سان ايندڙ انگريز سامراج ۽ ميرن جي وچ ۾ جنگ به هن ئي ماڳ تي 18 فيبروري 1843ع تي لڳي، جنهن سبب هن جڳهه کي تاريخي حيثيت حاصل آهي.

ڪجهه محققن ۽ مياڻيءِ جي رهاڪن جو رايو آهي ته مياڻي نالو اصل ۾ مياڻ مان ورتل آهي، مياڻ نالي هڪ ڍنڍ هتي واقع هوندي هئي، جيڪي پاڻي جي قلت ڪارڻ خشڪ حالي جو شڪار ٿي وئي ۽ هاڻ اها ڍنڍ وڃي نالي ماتر بچي آهي.

مياڻي فاريسٽ هن وقت پنجن ڊويزنن تي مشتمل آهي، سلويڪلچر ريسرچ ۾ مختلف قسمن جي ٻوٽن جي مطالعي ۽ تحقيق ذريعي ايجاد ۽ نشونما ڪئي ويندي آهي، تحقيق وسيلي اهڙن ايجاد ڪيل ٻوٽن ۾ بهڻ، ڪونوڪارپس، توت، سنڀالو ۽ تازو ئي جپان مان گهرايل  جٽوفا جهڙا قيمتي ٻوٽا شامل آهن.

جٽوفا اهو ٻوٽو آهي جنهن مان تحقيق ذريعي هاءِ ڊيزل تيار ڪيو وڃي ٿو. ٻئي ڊويزن سيريڪلچر آهي، جنهن ۾ مصنوعي ماکي ۽ پٽ ڪيئنيان پاليا ويندا آهن جن کي ريشم جا ڪيئنيان به چيو ويندو آهي.

پٽ ڪينئي جي آنن کي سلڪ سيڊ چئبو آهي، جنهن جو ٻج جاپان، ڪوريا ۽ چين مان گهرايو ويندو آهي.

پر افسوس سان پٽ ڪيئين جو اهو نشونمائي مرڪز عملي جي اوڻائين ۽ بي ڌياني سبب بدحالي جو شڪار آهي.

ڊويزن پراجيڪٽ مياڻي فاريسٽ جو ٽئين سيڪشن طرفان هتي ٻيلن کي ترقي ڏيڻ خاطر، هُڙيون لڳائڻ ۽ ٻٻر جي وڻن کي پوکڻ جو ڪم سرانجام ڏنو ويندو آهي.

افارٽيشن ڊيويزن ۾ مياڻي فاريسٽ جي سموري ايراضي اچيو وڃي، انکانسواءِ مياڻي فاريسٽ ۾ هڪ  فاريسٽ ۽ وائلڊ لائف سينٽر به واقع آهي، جنهن جو بنياد 1984ع ۾ پيو،  فاريسٽ ۽ وائلڊ لائف سينٽر مياڻي سال ۾ ڇهه مهينا ٻيلن سان سلهاڙيل گيم واچرن  ۽ ڇهه مهينا فاريسٽ گارڊن ۽ ٻيلن سان واسطو رکندڙن ماڻهن کي سلويڪلچر فاريسٽ، مئنجمينٽ فاريسٽ پراڊڪشن، فاريسٽ لا، باٽني پارڪ  مئنجمينٽ ۽ سوشل سائنس جهڙا سبجيڪٽ پڙهايا ويندا آهن.

مياڻي فاريسٽ ٽريننگ سينٽر ۾ تعليم پرائڻ جي لاءِ  سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان ايندڙ شاگردن جي رهائش جي لاءِ هاسٽل پڻ تعمير ٿيل آهي،

قدرتي حسن جو ڏيک ڏيندڙ هن علائقي ۾ ماڻهن جي تفريح لاء  هڪ تفريح پارڪ قائم ڪيو ويو، جيڪو 1984ع ڌاري ان وقت جي سنڌ ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير مير محمد وساڻ جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو، ان بعد ساڳئي وقت هڪ جديد طرز جي نرسري پڻ قائم ڪئي وئي.

مياڻي فاريسٽ پارڪ قومي شاهراه حيدرآباد تي واقع هجڻ جي ڪري فطرت کي پسند ڪندڙن ماڻهن جي لاءِ هڪ بهترين تفريح گاه جو مرڪز هو، مقامي ماڻهن موجب هتي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ۽ غير ملڪي سياح پڻ گهمڻ ايندا هئا، ۽ قدرتي ماحول مان لطف اندوز ٿيندا هئا  پر هاڻ عملي ۽ لاڳاپيل اداري جي بي ڌياني ۽ امن امان ڪارڻ قدرتي حسن سان مالا مال اهو تاريخي ماڳ بنجر ۽ ويران بڻيل آهي. مياڻي ٻيلي جا جانور ۽ ناياب پکي فقط ڳالهين ۾ ئي بچيا آهن. مياڻي فاريسٽ جي موجوده حالت تمام بدتر آهي، جتي گند گاه جي صفائي نه هئڻ ڪري تفريح گاه طور بڻايل مياڻي فاريسٽ پارڪ هڪ ڀيانڪ جهنگ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، اُتي موجود ٻارن جي وندر جو سامان پڻ ناڪاره بنجي چڪو آهي. مياڻي فاريسٽ ۾ واقع نرسري جيڪا لکين روپين جي لاڳت سان جديد نموني ”ريزڊ بيسڊ“  هئي، جتي چنبيلي، گل مور، رات جي راڻي، بومڪا، ولائتي نم، سنڊر ڪنڊي ۽ ناريل سميت تقريبن هڪ هزار ٻوٽا دستياب هئا.

مياڻي فاريسٽ جي قيمتي ٻوٽن ۾ بيهڻ جي وڻ کي نمايان مقام حاصل آهي، جنهن جي قيمتي ڪاٺ مان هالا شهر ۾ عمده فرنيچر تيار ڪيو ويندو آهي، ان کان علاوه انڊيا جي ٻيڙي جو پن، ولائتي ٻٻر ۽ پرفيوم ٺاهڻ جي لاءِ ٻيا به ڪيترائي ٻوٽا پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي انهن تي تجربا ڪيا ويندا آهن.

مياڻي اهو تاريخي ماڳ آهي جتي اڃان به انگريزن ۽ ميرن جون تاريخي نشانيون موجود آهن، جن ۾ مياڻي فاريسٽ ۾ واقع ريسٽ هائوس سنڌ جي سپوت ميرن ۽ فرنگين جي ياد تازه ڪري ٿو،  هن بابت اهو چيو وڃي ٿو ته هي ميرن جي منزل گاه هوندو هو، جتان مير پنهنجن فوجين کي هدايتون ڏيندا هئا. سنڌ فاريسٽ پاران انهيءِ کي ريسٽ هائوس ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هتي ”مٺڙا شال ملن“ ”آگ ڪا دريا“ ”پيار تان صدقي“ جهڙيون ڪامياب فلمون فلمبند ڪيون ويون.

مياڻي فاريسٽ کان اولهه طرف ڏيوري نالي علائقي ۾ اجتماعي طور انگريز سپاهي پڻ دفن ٿيل آهن، جيڪو هڪ ڪتبي جي شڪل ۾ انگريزن جي يادگيري طور موجود آهي.

انهيءَ ڪتبي تي انگريز فوج جي ڪمانڊر سر چارلس، سي جي نيپيئر ۽ ٻين جا نالا اُڪريل آهن. جيڪو پڻ بي ڌياني سبب پنهنجي اصلوڪي حالت وڃائي رهيو آهي. مياڻي فاريسٽ ۾ هڪ تاريخي مسجد پڻ واقع آهي، جيڪا ”اڇي مسجد طور“ مشهور آهي.

هن مسجد جي ڀرسان ميرن ۽ انگريزن جي جنگ دوران شهيد ٿيل مير سپاهين جون قبرون پڻ آهن. هن تاريخي اڇي مسجد جي حالت به تمام زبون آهي. هن تاريخي ماڳ جي سارسنڀال نه هجڻ ڪري ميسارجي چڪي آهي. مياڻيءِ ڀرسان ڳوٺ ٻڍو خان سيال ۾ ”مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون “ جهڙي حب الوطني نعري جي بانيڪار بهادر جرنيل هوش محمد شيدي جي قبر موجود آهي، هن بابت ڪن تحقيق ڪندڙ جو رايو آهي ته هوش محمد شيدي جي قبر  پڪي قلعي حيدرآباد ۾ آهي.

عام ماڻهو جي اڻڄاڻائي ۽ سرڪاري سرپرستي نه هئڻ سبب مياڻي فاريسٽ ۾ واقع تاريخي ماڳ پنهنجي اصل حالت وڃائي رهيا آهن، وقت جي انگريز سامراج ته پنهنجي نشانين کي هميشه جي لاءِ مضبوط ڪري ڇڏيو پر افسوس جو اسان پنج هزار سال قديم قوم سڏرائيندڙ پنهنجن قومي هيرن،  اثاثن ۽ تاريخي ماڳن کي هٿ سان تباهه ڪري رهيا آهيون.*