نشي وارين شين کان پاسو ڪريو

ساجد علي سولنگي

اسان ڪجهه سال پوئتي وينداسين ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ماڻهو صحتمند ۽ چُست نظر ايندا هئا، خاص ڪري اسان جا نوجوان جيڪي پڙهائي سان گڏوگڏ، ڪٻڊي، ملهه ۽ ونجهه وٽي جهڙين راندين ۾ مصروف هوندا هئا ۽ اهي رانديون انسان کي تندرست رکنديون هيون، هر نشي پتي کان پري هي نوجوان خوش و خرم نظر ايندا هئا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن دؤر ۾ اسان جا نوجوان هيروئن، سگريٽ، مين پڙي، ايڪيهه سؤ، گُٽڪو ۽ ٻيون نشي آور شيون وڏي شوق سان واپرائين ٿا.

ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق گُٽڪي، مين پڙي، ايڪيهه سؤ وغيره کائڻ سان وات جو ڪينسر ۽ ٻيون موضي بيماريون جنم وٺنديون آهن، انهن کي واپرائڻ جي ڪري ماني گهٽ کائبي آهي نتيجي ۾ رت گهٽ ٺهندو آهي ۽ قوتِ مدافيت گهٽجيو وڃي ان جي نتيجي ۾ انسان کي مختلف بيماريون وڪوڙيو وڃن.

 جڏهن ته سگريٽ جي واپرائڻ سان ساهه جي تڪليف، ڦڦڙن جو ڪينسر جهڙيون موضي بيماريون ٿين ٿيون، ان کان علاوه پئسن جو زيان به ٿئي ٿو.

تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ جي هر شهر ۾ انتظاميه جي سرپرستي ۾ کلئي عام منشيات وڪرو ٿي رهي آهي، ڪير روڪڻ وارو ناهي مثال طور حيدرآباد شهر ۾ مشهور جڳهه ”ڪامپليڪس“ بلڊنگ ڀرسان سرعام چرس، آفيم، هيروئن جهڙيون منشيات وڪامجي رهيون آهن ۽ اسان جي انتظاميا اهو تماشو ڏسي رهي آهي.

اسان جي حڪومت کي گهرجي ته هن انسان دشمن ڌنڌو ڪندڙن خلاف سخت قانون ٺاهي، انهن کي سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان جي معاشري مان هن لعنت کي ختم ڪري سگهجي ۽ هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ نشي جي نقصان بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ سينٽر کوليا وڃن ۽ اسڪولن ۾ پرائمري ليول کان منشيات جي نقصان بابت ليڪچر منعقد ڪيا وڃن ته جيئن اسانجا ٻار ننڍي هوندي کان ئي نشي جي نقصان کان آگاهه هجن ۽ اهي نشي کان پري رهي سگهن ۽ اسان جو معاشرو منشيات کان پاڪ ۽ صاف سٿرو ٿي وڃي.