تير آوازن سائلنسرز زندگي عذاب ڪري ڇڏي

طارق عزيز چانگ

ڪراچي ۾ موٽر سائيڪلن ۽ موٽر گاڏين جي سائيلنسرز جي خريد ۽ وڪري جو سڀ کان وڏو مرڪز جوبلي مارڪيٽ آهي، هتان جا سائيلنسر سڄي شهر ۾ ۽ اڪثر ڪري ٻين شهرن ڏانهن به ويندا آهن، هتان جا مقامي هنرمند هتان تيار ٿيندڙ سائيلنسرن کانسواءِ ڪيترن ئي وڏن ادارن ۾ تيار ٿيندڙ سائلنسر به وڪرو ڪن ٿا.

 جڏهن ته اڪثر دڪانن تي مقامي طور تي تيار ٿيل مال نمايا نظر ايندو آهي، هي ويلڊنگ مارڪيٽ سڏجي ٿي، جنهن ۾ سائيلنسر تيار ڪندڙ جا پنجويهه کان ٽيهه دڪان آهن، انهن مان هڪ دڪان تي سجاد نالي نوجوان هنرمند سان گفتگو ڪرڻ جو موقعو مليو.

 هن نوجوان جو چوڻ هو ته هتي سائيلنسر ٺاهڻ وارا بنيادي طور تي ويلڊر آهن، جن پنهنجي مهارت سان هن شعبي ۾ سالن جي محنت کانپوءِ هڪ خاص قسم جي مهارت حاصل ڪري ورتي آهي، هتي ڪم ڪندڙ اڪثر هنرمند کي اهڙو هنر پنهنجي بزرگن کان ورثي ۾ مليو آهي، سجاد جي چوڻ مطابق هن جي پيءُ هن کي ٻڌايو ته پهرين هتي ويلڊرن جا ڪجهه دڪان هئا، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ جڏهن جوبلي جو علائقو موٽر سائيڪلن جي پرزن ۽ مرمت جو مرڪز بڻجي ويو ته ويلڊنگ جي دڪانن تي به ان جا نمايا اثر پيا ۽ اڪثر ويلڊر موٽر سائيڪلن ۽ موٽر گاڏين جي ويلڊنگ لاءِ ننڍا توڙي وڏا ڪم ڪرڻ لڳا پوءِ سائيلنسرن جو ڪم ٿيڻ لڳو ۽ ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙن جي نئين نسل جي ڪيترن ئي فردن هن شعبي ۾ مهارت حاصل ڪندي سائيلنسر ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.

سڀني دڪانن ۾ صرف سائيلنسر ٺاهڻ جو ڪم نٿو ٿئي، بلڪه ڪيترن ئي دڪانن ۾ گاڏين جي باڊين جي مختلف حصن جي ٻيهر مرمت ڪرڻ ۽ لوهه جي شيٽ جي ڊائي ڪٽنگ جي ذريعي ڪيتريون ئي شيون يا حصا ٺاهڻ جو ڪم به ٿئي ٿو.

سجاد مطابق هن مارڪيٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان به خريدار ايندا آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مختلف شهرن جي رهندڙن جي سائيلنسر جي حوالي سان پسند مختلف ٿئي ٿي.

 مثال طور: ڪراچي ۾ پراڻا ٽائيگر نالي سائيلنسر نوجوان وڌيڪ استعمال ڪن ٿا پر وري حيدرآباد جا نوجوان ڪڙڪ سائونڊ نالي سائيلنسر وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ميرپورخاص جا رهواسين پسند وري مختلف آهي.

 اعجاز نالي هنرمند جو چوڻ آهي ته تقريبن 40 سالن کان هن مارڪيٽ ۾ سائيلنسر ٺاهڻ، انهن جي مرمت ڪرڻ ۽ ويلڊنگ جا ٻيا ڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهيان، هن جي چوڻ مطابق جڏهن کان پاڪستان ۾ چين جي ٽيڪنالاجي سان سستيون موٽر سائيڪلون ٺهڻ شروع ٿيون آهن، سائيلنسر جو ڪاروبار تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، اڄ صرف ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ موٽر سائيڪلون ۽ اسڪوٽر آهن، جڏهن ته اسڪوٽر ۾ پسند جو سائيلنسر لڳائڻ وارن جو تعداد تمام گهٽ آهي، ان جو سبب هي آهي ته پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ اسڪوٽرن جو هڪ مخصوص آواز هوندو آهي، ان آواز ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آڻڻ لاءِ ڄاري ڪڍي ڇڏڻ، سائيلنسر ۾ سيٽي لڳائڻ ۽ ٻيون به ڪافي تبديليون ڪيون وينديون آهن.

آواز تبديل ڪرڻ لاءِ ڍولڪي جي شڪل تبديل ڪئي ويندي آهي ۽ اصل شڪل برقرار رکندي ڄارين جي ترتيب يا شڪل ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ڪرڻي پوي ٿي.

 ان هنرمند جو چوڻ آهي ته وٽس ڪجهه اهڙا نوجوان به اچن ٿا، جيڪي غير ملڪي فلمون، ڊراما، رسالا وغيره ڏسي يا انٽرنيٽ جي ذريعي معلومات حاصل ڪري پنهنجي پسند جو سائيلنسر ٺهرائڻ جي فرمائش ڪندا آهن، انهن مان ڪجهه نوجوان پرنٽ آئوٽ ڪڍي يا ڪتابن جا صفحا ڦاڙي وٽس کڻي ايندا آهن ۽ ضد ڪندا آهن ته انهيءَ تصوير مطابق سائيلنسر ٺاهي ڏي، ڪجهه نوجوان اهڙا به هوندا آهن، جن جو ذهن ٽيڪنيڪل هوندو آهي ۽ اهي شڪليون به ٺاهي ايندا آهن، اهي ڄارين جي سوراخن جي تعداد ۽ ڄارين جي جوڙجڪ جي باري ۾ به ٻڌائيندا آهن پر انهن کي اهو اندازو ناهي هوندو، سندن ڊزائين مطابق سائيلنسر ٿيڻ کانپوءِ ان مان نڪرندڙ آواز ڪهڙي قسم جو هوندو، بهرحال مارڪيٽ ۾ ڪم ڪندڙ گهڻا هنرمند پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي روشني ۾ ڪو سائيلنسر يا ان جو ڪو ڊزائن ڏسي ٻڌائيندا آهن ته ان کي موٽر سائيڪل ۾ هڻڻ کانپوءِ ڪهڙو آواز پيدا ٿيندو؟ بازار ۾ 70 سي سي جي موٽر سائيڪل ۾ 1982ع ماڊل جو سائيلنسر هٽائڻ لاءِ ايندڙ چاليهه سالن جي راجه اختيار سان به ڳالهه ٻولهه جو موقعو مليو، هن جو چوڻ هو ته هي سائيلنسر هٽائڻ سان جيتوڻيڪ موٽر سائيڪل جو آواز تبديل ۽ تيز ٿي وڃي ٿو پر ان سان گاڏي جي پڪ اپ سٺي ٿي ويندي آهي ۽ وري پيٽرول جو خرچ جو گهٽجي ويندو آهي، سائيلنسر جي تبديلي سان گاڏي جي پڪ اپ وڌڻ ۽ پيٽرول جو خرچ گهٽ ٿيڻ واري ڳالهه جي تصديق لاءِ جڏهن ان بازار ۾ 40 سالن کان ڪم ڪندڙ محمد صالح سان رابطو ڪيو ويو ته هن جو موقف هو ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته موٽر سائيڪلون تيار ڪندڙ ڪمپنيون گهٽ آواز وارا سائيلنسر ڇو لڳائن ها؟ اصل ۾ سائيلنسر جي اندر ڄاريون هونديون آهن ته جيئن دونهون ۽ آواز انهن مان گهمي نڪري ان عمل جي نتيجي ۾ آواز گهٽ پيدا ٿئي ٿو.

 موٽر سائيڪلن جا سائيلنسر ٺاهيندڙ عامر علي جو چوڻ هو ته ڪار کان وٺي ٽرڪ ۽ بسن تائين جي سائلنسر جا ٻه بنيادي حصا هوندا آهن، جن کي ڍولڪي ۽ پائيپ چيو ويندو آهي. ڪنهن گاڏي ۾ هڪ ۽ ڪنهن ۾ ان کان وڌيڪ ڍولڪيون لڳل هونديون آهن، هر ڍولڪيءَ جي شڪل مختلف هوندي آهي، هاڻي ڪجهه بسن ۽ ٽرڪن ۾ سائيلنسر سان گڏ ڊرم به لڳل هوندا آهن، جنهن ڪري انهن جو گوڙ ۽ دونهون فلٽر ٿي نڪرندو آهي، اڄڪلهه نوجوان ڪارن جا سائيلنسر به الٽر ڪرائڻ لڳا آهن.

سائيلنسر مان پيدا ٿيندڙ ماحولياتي آلودگي جي باري ۾ جڏهن انهن هنرمندن جو موقف معلوم ڪيو ويو ته انهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هي اهو ڪم نه ڪندا ته ٻيا ڪندا. جيڪڏهن سڀني شهرن ۾ تيز آواز پيدا ڪندڙ سائيلنسر ٺاهڻ يا الٽر ڪرڻ تي پابندي وڌي وڃي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ته هر هنرمند ان عمل تي پابندي ڪرڻ لاءِ تيار هوندو. سندن چوڻ هو ته اهو کين به احساس آهي ته تيز آواز وارا سائيلنسر تڪليف ڏيندا آهن، پر ڪنهن ڪنهن کي روڪبو؟ هي جنون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، هن مسئلي جي ڪري نه رڳو شور ۽ گوڙ وڌي رهيو آهي پر ماحولياتي آلودگي جا به مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، جنهن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي