نياڻين جي شادي ۽ معاشرتي رويا

الطاف خان سيال

اسين جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ نياڻين سان ڪيترائي مسئلا آهن، جن ۾ تعليم، تحفظ ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن جي شادين جو مسئلو آهي.

ڇو ته ڪجهه گهرن ۾ ڇوڪريون صرف ڪم ڪرڻ، شادي ڪرڻ ۽ ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جي لاءِ هونديون آهن.

اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ته جاچڻ گهرجي ته ڇوڪريءَ جي شادي جنهن سان ٿي رهي آهي سو تعليم يافته آهي يا نه، نشو وغيره ته نٿو ڪري، سٺي خاندان جو آهي يا نه، ڪمائي ٿو يا نه، عمر ۾ وڏو آهي يا ننڍو پر بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ اڪثر هنڌن تي نياڻين کي بار سمجهي مٿي تان لاهي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ آهي ۽ ڪجهه خاندانن ۾ صرف شرافت جي نالي تي شادي ڪئي ويندي آهي ته ڇوڪرو سٺو ۽ شريف آهي ۽ ان شرافت ۾ ڀلي هو بيروزگار هجي بس شريف آهي سو ڇوڪري جو رشتو ان کي ملي وڃي ۽ پوءِ ان شرافت جو ازالو نياڻي کي بک، بدحالي، محرومي يا احساس ڪمتري ۾ رهي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي زندگي جا ڏينهن گذارڻا پوندا آهن.

ڪجهه هنڌن تي وري جيڪڏهن ڇوڪري گهڻو پڙهيل آهي ته ڇوڪرو به تعليم يافته هجي. ڇوڪري خوبصورت آهي ته ڇوڪرو به خوبصورت هجي.

ڇوڪري نوڪري ٿي ڪري ته ڇوڪري جو به ڪو چڱو ڪاروبار هجي يا معاشي طور مستحڪم هجي ان سڄي عمل ۾ نقصان نياڻين جو آهي. .

ڏاج نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي ڇوڪرين جي شادي نٿي ٿئي، ڇو ته انهن ڇوڪرين جا مائٽ غريب هوندا آهن ۽ انهن وٽ ڏاج ڏيڻ جي سگهه ناهي هوندي.

هن ملڪ جي ميڊيا، سول سوسائٽي، پڙهيل لکيل نوجوانن کي گهرجي ته اسانجي ڳوٺن ۾ وڃي نياڻين جي تعليم، انهن جي معاشرتي حقن بابت ڇوڪرين کي آگاهه ڪن ته جيئن اهي پاڻ پنهنجي حقن لاءِ وڙهي سگهن.*