موبائيل دوستي

الطاف حسين کوکر

موبائيل اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ڪجهه سال اڳ آئي هئي، نئين ٽيڪنالاجي جي اچڻ سان ائين پيو محسوس ٿئي ته هاڻ اسان پنهنجي پيارن گهر وارن يا ڏورانهن عزيزن سان موبائيل ذريعي رابطو ڪري سگهنداسين ۽ اسان کي خط يا ٻيو ذريعو استعمال نه ڪرڻو پوندو.

 اسان موبائيل کي سائنس جي هڪ نعمت ڪري پئي ڏٺو. پر ڪنهن کي خبر هئي ته اها نعمت مستقبل قريب ۾ اسان لاءِ زحمت جو سبب بڻجندي.

اڄڪلهه موبائيل جو استعمال عام ٿي ويو آهي، معاشري جي هر ننڍي وڏي، امير توڙي غريب وٽ موبائيل فون آهي. مطلب ته سماج جي هر طبقي وٽ موبائيل فون جي سهولت موجود آهي.

موبائيل فون جو استعمال سماج جي ٻين طبقن کان وڌيڪ نوجوان نسل ۾ تمام گهڻو ڏٺو پيو وڃي، ۽ ان رجحان جي ڪري موبائيل دوستي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون موبائيل تي رابطو ڪري، پاڻ ۾ ميسيجن تي پهريان چيٽ ڪن ٿا ۽ پوءِ اها ئي چيٽ ڪلاڪن جي پيڪيجن ۾ تبديل ٿيو وڃي.

اڳتي هلي نتيجو اهو ٿو نڪري ته هو پاڻ ۾ دوستي ڪن ٿا ۽ اها دوستي وري محبت جي شڪل اختيار ڪري ٿي. ان موبائيل دوستي جي ڪري سماج ۾ بگاڙ پيدا ٿي رهيو آهي.

بدمعاش ماڻهو معصوم نياڻين کا موبائيل تي پنهنجي ”چڪني چوپڙين“ ڳالهين سان ڦاسائي پهريان محبت جا اقرار ۽ پوءِ شادي جا وچن وعدا ڪن ٿا.

بعد ۾ موبائيل دوستي جو نتيجو اهڙو ته ڀيانڪ ۽ دل برداشته ٿو نڪري جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارن جو روح تڙپي ٿو.

موبائيل دوستي جو اهڙو ته گندو وائرس اسان جي سماج ۾ ڦهليو آهي جو نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ننڊ ڪرڻ بجاءِ ٻه ٽه بجي تائين ڳالهائين ٿا.

ڪيئي اهڙا به ڪجهه مثال ملن ٿا جن ۾ انهن جي شادي ته ٿئي ٿي، پر بعد ۾ شڪ شبهن، طعنن ۽ مار ڌاڙ جو سلسلو شروع ٿو ٿئي جنهن جو مثال ملتان جي هڪ ڇوڪري حسنه آهي جنهن سکر جي هڪ ڇوڪري سان شادي ڪئي، شادي کانپوءِ ڪجهه مهينن تائين خوش رهيا ۽ اڳتي هلي اها شادي ٽُٽي وئي.

 ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته جنهن عورت پنهنجو گهر ۽ والدين ڇڏي، هيڏي قرباني ڏئي، شادي ڪرڻ لاءِ ملتان کان سکر آئي، ان کي ان جو صلو اهو مليو. سڄي معاملي ۾ آخر نقصان ڪنهن جو ٿيو؟

ان ڇوڪري جو جنهن پنهنجو گهر ڇڏيو يا وري سندس والدين جو جنهن جي منهن تي هن سماج ۾ ذلت جي ڪارنهن هڻي ڇڏي؟ ظاهر ۾ ڏسجي ته ان ننڍڙي قدم نه صرف سندس زندگي برباد ڪري ڇڏي پر هن جي والدين تي به بدنامي جو داغ پڻ لڳائي ڇڏيو.

موبائيل دوستي جي ملوث هجڻ جي ڪري تخريبڪاريون ٿين ٿيون. آخر ۾ انهن سڀني ڳالهين کي ٻڌي ۽ پڙهي نوجوان ڇوڪرين کي صرف اها نصيحت ڏئي سگهجي ٿي ته توهان ان موبائيل دوستي کان پاڻ کي بچايو، ان ۾ نه صرف اوهان جي عزت محفوظ رهندي پر توهان جي والدين ۽ خاندان جي پڻ عزت برقرار رهندي ۽ توهان انهن کي سماج جي ذلت کان بچائي سگهندؤ.

سائنس موبائيل فون انهن مقصدن لاءِ ايجاد نه ڪئي هئي، مهرباني ڪري حقيقي نموني ۾ ان کي صحيح مقصد لاءِ استعمال ڪيو