برساتن۾ تباهکاري ۽ حکومت جي بي ڌياتي

عائشه ڪيريو

غريب عوام پهريائين بيمارين، بدحالين ۽ مهنگائي جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي. مٿان وري قدرتي آفتن ماروئڙن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ آيل برساتن سبب سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن کي مالي توڙي جاني نقصان رسيو ۽ ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيا. کاڌي پيتي جo سامان ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي تباهه ٿي ويا ۽ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا.

ان سموري ٿيل تباهه ڪاري جي تصديق (اين ڊي اي) نيشنل ڊزاسسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پڻ ڪئي. برسات کانپوءِ هڪ ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ ٻيو ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي ور چڙهي ويا.

سنڌ جي ماڻهن جا اڃا گذريل سال واري ٻوڏ جا زخم ختم ئي ڪونه ٿيا ته وري هاڻوڪي برسات انهن زخمن تي لوڻ ٻرڪي تازو ڪري ڇڏيو.

ان آيل برسات سبب هينئر تائين لکين ماروئڙا دربدر آهن پر انهن جي سار لهڻ وارو ڪوبه نه آهي.

حڪومت جي بي ڌياني ۽ بدانتظامي سبب لکن جي تعداد ۾ ماڻهن سان جيڪو حشر ٿيو اهو اسان سڀني جي سامهون آهي.

ترقي يافته ملڪن ۾ ڪنهن به قسم جي آفت ۾ جيڪو نقصان ٿيندو آهي انهيءَ بعد حڪومت انتظامي حالتن کي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچڻ لاءِ هڪدم اُپاءَ وٺندي آهي ۽ پوءِ زندگي جو وهنوار معمول تي ايندو آهي.

برسات گذريل 4 سالن کان رحمت بجاءِ عذاب ۽ زحمت بڻجي وئي آهي، هن ٻوڏ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، ۽ سياستدانن جو ٻٽو رويو نظر آيو.

اسان ان ڳالهه کان انڪار نه ٿا ڪريون ته هن سال سموري سنڌ ۾ رڪارڊ برسات پئي پر جيڪڏهن اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪو بهتر نظام موجود هجي ها ته برسات ۾ متاثر ٿيل ماروئڙن ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙها نه ڏسڻا پون ها.

برسات جي شروعات ۾ گورنمينٽ اعلان ڪيو هو ته هن سال مشڪل گهڙي کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ حفاظتي اُپاءَ ورتا ويا آهن پر صورتحال بلڪل ان جي ابتڙ نظر آئي.

برسات سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي روڊن رستن تي کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا پر اسان جا اقتدار اعليٰ بي خيالي جي ننڊ ۾ ستا رهيا.

سنڌي ۾ هڪ عام چوڻي آهي ته اهو ئي هنڌ سڙندو آهي جتي باهه لڳندي آهي.

حڪومت کي گهرجي ته جن ماڻهن جا اجها برساتن جي ڪري لُڙهي ويا ۽ اهي ماڻهو دربدر آهن انهن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ علاج معالجي جو ڪو بندوبست ڪري ۽ آئنده قدرتي آفتن جي اچڻ کان پهريائين انهن کان بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿي سگهي.*