هالا ۾ جنڊي ءَ جو کم

سيده ڪنول شاهه

هالا سنڌ تمام پراڻو ۽ تاريخي شهر آهي، هالا ۾ مشهور بزرگ سرور نوح جي درگاهه آهي، هالا ۾ سرور نوح جا مريد ۽ معتقد تمام گهڻو ايندا هئا انهن ۾ جنڊي جي ڪم جا سٺا ڪاريگر پڻ هوندا هئا.

هالا جي ڏاکڻي پاسي جيڪي سومرا  ويٺل آهن اهي جنڊي جي ڪم جا تمام ماهر آهن، هتي جنڊي جو ڪم نهايت سهڻو ۽ وڻندڙ ٿيندو آهي ۽ انهيءَ جنڊي تي ڪاشيگري جو ڪم پڻ ڪيو ويندو آهي.

 سنڌ جي ڳوٺن ۾ گهرن ۽ اوطاقن ۾ جنڊي جون کٽون، پينگها ۽ ڪرسيون وغيره وڏي شوق سان استعمال ڪيا ويندا آهن، هن فرنيچر کي پوري پاڪستان ۾ پسند ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ملڪن ۾ به هن جي وڏي ڊمانڊ آهي.

ٻاهرين ملڪن ۾ جتي به سنڌي ماڻهو رهن ٿا اهي هالا جو ئي فرنيچر استعمال ڪن ٿا.

  جنڊي وارو سامان هاڻ سنڌ جي ثقافت ۾ شمار ٿي ويو آهي، هالا ۾ اجرڪ جو ڪم به بهترين نموني سان ٿئي ٿو، هالا جون اجرڪون ڏيهان ڏيهه مشهور آهن.

هالا ۾ هٿ سان ٺهيل شين ۾ ويلڻ، ٿالهه، کٽن جا پاوا، کاڌي، دٻڪيون وغيره مشهور آهن. جن تي جنڊي جي جڙاوٽ ڪيل آهي، ڀٽ شاهه تي جنڊي جي ڪم جو هڪ خاص ثقافتي مرڪز کليل آهي.

ڪاريگر ڪاٺ کي پنجويهن ڪلاڪن تائين پسائي رکندا آهن انکانپوءِ ان تي پنهنجي ڪاريگري جا جوهر ڏيکاريندا آهن ۽ ان ڪاٺ کي تمام خوبصورت شين ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي جهڙوڪ: کٽ جا پاوا، پينگها، صوفا وغيره.

ٽريڊيشنل اينڊ ايڪانالاجيڪل ريسرچ مان خبر پئي آهي ته جنڊي جي فرنيچر تي ڪنهن به قسم جو نانگ نٿو چڙهي سگهي.

ڇو جو جنڊي جي ڪم ۾ اهڙي قسمن جون ڌارون آهن جنهن سان نانگ کي نقصان ٿئي ٿو ۽ سندس کل ڦاٽي پئي ٿي.

اڳ ۾ جنڊي جو ڪم هٿ سان ڪيو ويندو هو پر هاڻ جديد دؤر ۾ جنڊي جا ڪجهه قسم مشينن جي ذريعي به ڪيا ويندا آهن، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته جنڊي جو ڪم هالا ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ۽ سُٺو ٿيندو آهي.*