ٻارن جو جبري پورهيو

شفيق عالم چانڊيو

ٻار اسانجي اڱڻ جي سونهن هوندا آهن، ٻارن کي توجهه جي ضرورت هوندي آهي، پر بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ انهن کان جبري پورهيو ڪرايو ويندو آهي.

هُنن جي راند کيڏڻ جي عمر ۾ هُنن تي تشدد ڪيو ويندو آهي ۽ چند ڏوڪڙن خاطر هنن کان ڪارخاني، گاڏين جي گيرج، سرن جي بٺن يا ٻين هنڌن تي ڪم ڪرايو ويندو آهي.

اسان مڃون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ ڪافي ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارين ٿا پر هو پاڻ ڪمائڻ بدران پنهنجي ٻارن کان ڪم ڪرائين ٿا.

اسان جو مشاهدو آهي سوزوڪي ۾ لٽڪيل، گيرج ۾ ڪم ڪندڙ، ڪار واش دڪانن تي اميرن جي گاڏين کي چمڪائي مالڪ کان 20 رپيا وٺڻ، اهو معصوم چهرو به اوهان کي ياد هوندو جيڪو ڪيترو معصوم، نفيس ۽ نازڪ هوندي توهان پنهنجي اکين سان گيراج تي ڦاٽل ڪپڙن، هٿ ۽ منهن ڪاري سان (هن معاشري کي ڪارو هجڻ جو اهو ثبوت آهي)ڪم ڪندي ڏٺو هوندو، هڪ اهو به اسان جو معاشرو آهي جتي توهان وڏن شهرن جي ڳتيل آبادي ۾ جبري رهائش ڪرائي ٻارن کي پنڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.

هڪ اهو معاشرو آهي جتي ٻار پنهنجي والدين جي خوشي بڻجن ٿا، هڪ اهي به ٻار آهن جتي خوبصورت پارڪن ۽ جهولن ۾ لڏندي ڪڏندي ڏٺا جنهن کي توهان جنت جا باغ به چئي سگهو ٿا، مهذب معاشري ۾ ٻار خدا جي نعمت هوندا آهن، ٻار ڦٽن تي مرهم برابر هوندا آهن.

دنيا ۾ 20 نومبر کي ٻارن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن ته جيئن ڪٿي به ٻارن جي حقن تي ڌاڙو نه لڳي، پر الائي ڇو اسان جو معاشرو مهذب دنيا کان ڪٽيل آهي، جتي ٻارن کي ٻارتپڻي ۾ ئي قلم بجاءِ صفائي جو ڪپڙو، پٽي ۽ ڪاپي بجاءِ سوزڪي ۽ رڪشائن تي ڀاڙي جا پئسا جهلايا ٿا وڃن، ٻارن کي ملندڙ اجوري مان ڦاٽل ڪپڙن تي چتي به نٿي لڳي.

ٻارن جي جبري پورهيي خلاف قومي اسيمبلي مان بل به پاس ٿيل آهي، تنهن هوندي به ٻارن کان جبري پورهيو ورتو پيو وڃي ۽ اسان جي حڪومت خاموش آهي.

آخر ۾ آئون اسانجي ملڪ جي ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سڄاڻ ڌرين کي اپيل ڪندس خدارا ٻارن جي جبري پورهيي طرف ڌيان ڏنو وڃي هن لعنت کي ختم ڪرايو وڃي ته جيئن اسانجي مستقبل جا معمار پورهيي بجاءِ تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ پنهنجو حصو ملائي سگهن