فليٽن واري زندگي

هرچند مينگهواڙ

اسان فليٽن ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي کي ڏسون ٿا ته حيرت ۽ افسوس ٿئي ٿو ته فليٽن واري زندگي ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي اذيت ڀوڳڻي پوي ٿي، حيدرآباد شهر جي مختلف علائقن ۽ وڌندڙ آبادي ۾ موجود اهي فليٽ جتي گرمين، سردين توڙي برساتن وارن ڏينهن ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿئي ٿي.

فليٽ ۾ رهندڙ ماڻهن جو گهڻو تعداد مڊل ڪلاس جي خاندانن سان آهي جيڪي پنهنجي زمين ۽ پنهنجي ڇت بابت صرف سوچي ئي سگهن ٿا.

حيدرآباد ۾ اڪثر اپارٽمينٽس هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن جنهن ڪري هوا ۽ روشني گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي.

هٿ وارا پنکا فليٽن ۾ رهندڙن جي هٿن ۾ هوندا آهن ۽ انهن جو اڪثر وقت ائين ئي گذرندو آهي.

فليٽ ۾ رهندڙ اڪثر واندا ڇوڪرا ٽولن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا، جنهن ڪري فيملي سان گڏ رهندڙ خاندانن کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.

اسان جي دوست پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي خريد ڪرڻ واري اضافي خرچ بابت ٻڌايو ته حيدرآباد جي علائقي صدر ۽ قاسم آباد جي فليٽن ۾ اڪثر لائين جو کارو پاڻي اچي ٿو، جنهن ڪري مٺو پاڻي مارڪيٽ مان آڻيون ٿا.

جنهن جي معيار بابت اسان به سوچڻ ٿا لڳون ته هي اها فليٽ واري زندگي آهي جتي ماحول گُهٽ ٻُوسٽ وارو ۽ گوڙ گهمسان به تمام گهڻو ٿئي ٿو، انهيءَ گوڙ ۽ شور واري ماحول ۾ ٻارڙا پنهنجو هوم ورڪ ڪرڻ ۾ دلچسپي ته وٺن ٿا پر گهڻي گوڙ جي ڪري پريشان به تمام گهڻو رهن ٿا ۽ انهن جا والدين انهن جي پڙهائي ۾ مدد ڪن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل اختيارن کي گهرجي ته انهن بلڊرز جي خلاف سخت قدم کڻن جيڪي اپارٽمينٽس ته ٺاهين ٿا پر اتي زندگي جون سهوليتون ميسر نه هونديون آهن.*