آٽورڪشن مان نڪرندڙ دونهين جا نقصان

اسد ڀٽو

رڪشا اڄ جي دؤر ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين پهچڻ جو سڀ کان آسان ۽ سولو ذريعو آهي. جنهن ۾ انسان بنا ڪنهن انتظار جي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچي ٿو نه ته اڳ ۾ ماڻهن کي ڪلاڪن تائين بس جو انتظار ڪرڻو پوندو هو يا ته هڪ ٻه ڪلوميٽر جو مفاصلو هوندو ته پنڌ هليا ويندا هئا پر اڄ جو انسان هڪ ڪلوميٽر به پنڌ وڃڻ بجاءِ رڪشا تي وڃي ٿو.

اسان جي ماحول کي آلوده ڪرڻ ۾ فيڪٽرين کان پوءِ سڀ کان وڏو هٿ رڪشا مان نڪرندڙ دونهون آهي.

اُهي رڪشا اسان کي هر گلي ۾ نظر اچن ٿا، پهريان ٻهراڙي ۾ شهر تائين وڃڻ لاءِ سائيڪل جو استعمال ڪيو ويندو هو پر هاڻي اتي به رڪشا موجود آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته ٻهراڙين جي هوا به صاف نه رهي آهي اتي به طرح طرح جون بيماريون پکڙجي رهيون آهن.

 سي اين جي رڪشن مان نڪرندڙ دونهين ۾ تقريباً 7 هزار ڪيميڪلز موجود هوندا آهن، جيڪي ڊائريڪٽ انسان جي ڦڦڙن تي اثر ڪندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته نشو نه ڪندڙ ماڻهن کي به ڪينسر يا ڦڦڙن جون بيماريون ٿين ٿيون.

هڪ رپورٽ موجب سي اين جي رڪشا هلائيندڙ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪينسر جو مرض ڏٺو ويو آهي، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ سيڪنڊ هينڊ سموڪنگ آهي. سيڪنڊ هينڊ سموڪنگ اها آهي ته توهان اڻ سڌي طرح نشو ڪريو، مطلب ته ڪو خطرناڪ زهر اوهان جي جسم ۾ داخل ٿئي. مثلاً ٻئي ڪنهن پيئندڙ جي سگريٽ جو دونهون يا ته رڪشن ۽ فيڪٽرين وغيره جو دونهون جيڪي ساهه کڻڻ وسيلي اسان جي جسم ۾ پکڙجي ٿو.

ڪينسر ۽ ٻين بيمارين کي روڪڻ ۽ ماحول کي الودگي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هيلٿ ڊپارٽمينٽ هڪ رٿا ڏني آهي ته دونهين وارين گاڏين تي جرمانو لڳايو وڃي، ايڪٽ 1997 ۽ موٽر ويهيڪل رول 1969 تحت ڪابه دونهين واري گاڏي لاهور جي ڪينٽومينٽ ايريا ۾ داخل نه ٿيندي، اهو قانون صرف لاهور ۾ ئي ڇو آهي. اُهوجيڪڏهن هر ضلعي ۾ لاڳو ڪيو وڃي ته هتان به گهڻي آلودگي گهٽجندي.

پنجاب حڪومت اهڙا رڪشا متعارف ڪرائي رهي آهي جيڪي سي اين جي تي هلڻ بدران سج جي روشني تي هلندا اُهي دونهين کان به پاڪ هوندا، اُهو پروجيڪٽ 2015 ۾ پورو ٿيڻو آهي.

رڪشا ڊرائيورن کي به گهرجي ته اهي رڪشن ۾ معياري سائيلينسر لڳرائين ۽ ماحول کي دونهين کان پاڪ رکن ته جيئن معاشرو صحتمند ٿي سگهي.*