لائبريري ۾ رکيل ڪتابن مان فائدو وٺو

قنديل مسروربدوي

سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ گهڙندي ئي مون کي ميٽرڪ جو ڪلاس فيلو دوست ياد ايندو آهي، انهن ڏينهن ۾ ڏهه روپيا خرچي ڪنهن امير ڇوڪري کي ملندي هئي باقي مون جهڙن لاءِ چار پنج روپيا به وڏي ڳالهه هوندي هئي.

سو اهو دوست ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو جنهن کي سولي سنڌي ۾ ڪتابن جو ڪيڙو کڻي چئجي ته هن وٽ مهيني ۾ 60 رپيا مس گڏ ٿيندا هئا تڏهن به ڪتاب وٺڻ جهڙو ڪونه ٿيندو هو.

ڇو ته سئو روپئي واري ڪتاب لاءِ اڃابه چاليهه روپيا کٽن پيا هڪڙي ڪتاب وٺڻ لاءِ پوڻا ٻه مهينا انتظار ڪندو هو، اهو ڪتاب پڙهڻ وارو شوق هن جي وڏي مجبوري هو.

پر سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪتابن جي کوٽ ئي ناهي هر شعبي جي جدا جدا لائبريري ته ڄڻ ڪتابن جو شهر آهي هر مضمون تي ٻڌل ڪتابن جون پنجاهه 50 ڪاپيون پيون آهن.

مذهب، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان وٺي هر سبجيڪٽ جو ڪتاب ملندو، نه رڳو ڪتاب پر ان سان گڏ ريسرچ ڪيل بهترين مواد، هفتيوار، ماهوار توڙي ٽه ماهي مئگزين به ايندا رهندا آهن، مختلف موضوعن تي ٻڌل ڪتابن کي ڌار ڌار ڪٻٽن ۽ الڳ سيڪشن ۾ رکيو ويو آهي.

جتي هر هڪ سيڪشن ۾ هڪ سئو جي لڳ ڀڳ شاگردن جي ويهڻ جي جاءِ به آهي ته جيئن مختلف مضمونن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي پڙهائي ۾ سولائي ٿئي پر دوستن کان اهو پڄي ئي نٿو جو اهي اهڙا ناياب ڪتاب مفت حاصل ڪري پڙهڻ جي زحمت ڪن.

اردو، سنڌي، هسٽري ۽ قانوني ڪتابن سميت مختلف سيڪشن ۾ ڪتاب پڙهڻ لاءِ ته ڪو ويندو به ناهي ڪي دوست ويندا آهن ته اهي رڳو اي سي جي هوا کائڻ يا ڪلاسن جو ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ پوائنٽ بسن جو انتظار ڪرڻ لاءِ اتي ڪلاڪ اڌ ويهندا آهن، ڪتابن واري هالن ٻاهران ڪاريڊور ڏانهن نظر ٿي ڪجي ته اتي رڳو ڪچهري پروگرام لاءِ ويٺل دوست نظر ايندا آهن.

ها باقي هڪڙي ڳالهه وڻي ٿي ته اخبارن واري سيڪشن ۾ تمام گهڻي رش هوندي آهي.

اخبارن پٺيان ڀيڙ ڀيڙان هوندي آهي هڪڙو ڇڏيندو آهي ته ٻيو وڃي کڻندو آهي اهو به رڳو سنڌي ۽ اردو اخبارون باقي انگريزي اخبارن کي هٿ لڳائڻ جو جهڙو قسم کنيل هجي، ڪو ورلي کڻي پڙهي ته ٺيڪ نه ته ٻيو مڙئي خير....

سينٽرل لائبريري جي ٻاهران چئني پاسن کان به شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ميڙ لڳل هوندا آهن اتي ويهڻ لاءِ خاص ڪري ٽائيم ڪڍيو ويندو آهي اهو سمورو لقاءُ ڏسي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته ماڻهن کي ڪتاب ڳوليا نٿا ملن، ڪتاب پڙهڻ لاءِ سڪن ٿا، پر هتي ڪافي شاگردن جي اي سي ڪمرن ۾ ويهي مفت ڪتاب پڙهڻ لاءِ به نيت نٿي ٿئي اتي هڪ مهاورو ياد اچي ٿو ته ڪٿي چور سُڃا ڪٿي ڍور سُڃا.*