مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري

فرحان علي ملاح

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ قائم ڪيل سينٽرل لائبريري جي عمارت انجنيئرنگ جي آرڪيٽڪچر شعبي جو بهترين شاهڪار آهي. هن لائبريري جي ٺهڻ جو ڪم 2004ع ۾ شروع ٿيو جيڪو 2007ع ۾ مڪمل ٿيو.

هيءَ لائبريري 2008ع ۾ باضابطه طور شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ کولي وئي. ڳاڙهي رنگ جي ٺهيل هيءَ خوبصورت لائبريري جي عمارت ٽي ماڙ آهي، جڏهن ته ڪمپيوٽر سيڪشن انڊر گرائونڊ آهي، جتي شاگرد ۽ شاگرياڻين کي انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. لائبريري سينٽرل ايئرڪنڊيشن آهي جنهن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن.

سينٽرل لائبريري ۾ روزانو سنڌي، اردو، انگريزي اخبارون اينديون آهن. لائبريري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڌار حصا رکيل آهن ته جيئن ماحول کي صاف سٿرو رکي سگهجي.

هن لائبريري ۾ هڪ ئي وقت 500 شاگرد ويهي مطالعو ڪري سگهن ٿا. هن لائبريري ٺهڻ سان شاگردن کي مطالعي جي وڏي سهولت ٿي آهي، ۽ شاگرد به هن مان گهڻو فائدو وٺي رهيا آهن.

 لائبريري انتظاميه شاگردن کي هر سهوليت ڏيڻ لاءِ ڪوشان هوندي آهي. اسان اميد ٿا ڪريون ته ٻين يونيورسٽين ۾ به اهڙيون خوبصورت لائبرريون جوڙايون وينديون ته جيئن هر شاگرد کي لائبرري ۾ ويهي آرام سان مطالعو ڪرڻ جي سهوليت ملي سگهي.

مهراڻ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري يونيورسٽي جي خوبصورتي سان گڏوگڏ ڄامشوري جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي.*