سنڌ جي ٽقافت جو اهڃاڻ:اوطاق

اسد محمد خان خاصخيلي

انساني آباديءَ جي وڌڻ ۽ سماجي رشتن جي اوسر سنڌ ۾ اوطاق جي نظام کي قائم ڪيو، اوطاقن ۾ مختلف علائقن ۽ جاين تي رهندڙ ماڻهو پنهنجي مسئلن، جڳهڙن ۽ فسادن جي نبيري لاءِ گڏ ٿيڻ لڳا.

وقت جي رفتار سان گڏوگڏ اوطاق جو نظام پنهنجي عروج تي پهتو، جو انهن اوطاقن ۾ برادرين جا فيصلا، وِهانءُ، غمي خوشيءَ جا ڏهاڙا ملهائجڻ لڳا، ائين ڳوٺ ۾ اوطاق رکڻ جو رواج پيو.

اوطاق جو نظام عام ماڻهن، وڏيرن، جاگيردارن کان علاوه پيرن فقيرن پڻ رائج رکيو، جتي سندن معتقد ۽ مريد اچي رهاڻيون ڪندا هئا.

پوءِ پيرن فقيرن وٽ اوطاق جو نظام ترقي ڪري خانڪاهن جي صورت اختيار ڪري ويو جتي اڄ به ميلا، ملاکڙا، راڳ ويراڳ ٿيندا رهن ٿا.

اڄ به ڪوهستان جون ڪچهريون ۽ سنڌ جي مهمانوازي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي. پر آباديءَ جي وڌڻ، وسيلن جي کوٽ ۽ وقت اوطاقي نظام کي گهڻي ڀاڱي ڌڪ رسايو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت جي سُئيءَ ماڻهو کي آمدن آڻڻ جي لاءِ مجبور ڪري رکيو آهي، جو هو اوطاق رکي ماڻهن جي ٽهل ٽڪور ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ٻارن ۽ گهرو خرچ جي پورائي لاءِ اٺ ئي پهر پنهنجا هٿ هلائي مس پيٽ پالي ٿو.

پر سنڌ جون ٻهراڙيون اڄ به مهمانوازي ۽ اوطاقي نظام کي قائم و دائم رکنديون اچن. جتي مچ ڪچهريون، سگهڙن جا سٿ، ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي پوري رات محفلن جا مزا وٺندا رهن ٿا ۽ ائين ڏوهيڙا، منقبت، پروليون ۽ ٻيا اڪيچار ادبي خزانه غير ادارتي طور ماڻهن تائين پهچائي، سيني به سيني علم علم ڏيندا رهن ٿا.

ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون جيڪي اڻ پڙهيل ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ٿيل آهن ايترو تعليم مان فيض پرائجڻ ڏکيو آهي، اهو اوطاق جو نظام ئي آهي جيڪو سماجي اوسر ۽ غير رسمي تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

هن وقت سنڌ جي ٻهراڙين کان علاوه ٻهراڙين سان لاڳاپيل شهرن ۾ پڻ هيٺين سطح جي وڏن ماڻهن، قبائلي سردارن ۽ وڏيرن وٽ ڪٿي ڪٿي اوطاقون ملن ٿيون جن ۾ فرق صرف اهو آهي جو انهن اوطاقن تي پنهنجا راڄ ڀاڳ ۽ ووٽر اچي ڪي گهڙيون پنهنجا مسئلا حل ڪرائين ٿا.

انهن اوطاقن ۾ اڻ سونهي ماڻهوءَ کي اڳ وانگر اهو مان مرتبو نٿو ملي. اڄ ڪلهه ذرائع معائش جي گهٽتائي جي ڪري اوطاقي نظام پوئتي پئجي چڪو آهي.

اوطاق جو نظام سماجي اوسر، غير رسمي تعليم، عدل و انصاف، روحاني وندر ۽ تفريحي جو ماڳ رهيو آهي پر هن وقت ماڻهو جيڪو پنهنجي اجهي اڏڻ لاءِ مجبور آهي، ٻارن جي تعليم و تربيت ۽ طبعي سهولتن لاءِ واجهائي رهيو آهي، اهو اوطاق رکڻ کان قاصر آهي ٻئي طرف وچولو طبقو جيڪو هٿ پير هڻي پنهنجي روزي حاصل ڪري ٿو اهو به اوطاق رکڻ کان لاچار آهي.

تعليمي يافته طبقو پنهنجا ذهني ٿڪ علمي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ لاهي ٿو پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مالوند توڙي هاري پنهنجا ڇنا ۽ ڇپر اڏي اوطاق جي نظام کي قائم و دائم رکندا اچن ٿا، جيڪو سنڌ جي ثقافت جو هڪ اهڃاڻ آهي.*