سنڌي راڳ

حنا ڪنول

سنڌي تهذيب 5000 سال پراڻي آهي ۽ ايترو ئي پراڻو سندس گيت سنگيت آهي. سنڌي راڳ کي پنهنجو هڪ اهم مقام حاصل آهي.

سنڌي راڳ تمام گهڻن سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي، تن مان صوفي راڳ اڪثر ڪري مزارن، مقبرن ۽ محفلن ۾ ڳايو ويندو آهي ۽ پاپ ميوزڪ دعوتن ۽ گڏجاڻين ۾ ٻڌو وڃي ٿو. سنڌي راڳ اڪثر ڪري سنڌ صوبي ۾ ڳايو ويندو آهي، اهو”بيت“ يا ”وائي“ طور ٻڌو ويندو آهي.

”بيت“ اڪثر ڪري هلڪي آواز ۾ چيو ويندو آهي ۽ ”وائي“ هڪ اوزاري راڳ آهي. اها مختلف طريقن سان تار واري اوزارن سان چئي ويندي آهي. وائي ”ڪافي“ جي طور تي به سڃاتي وڃي ٿي جيڪا بلوچستان، پنجاب ۽ ڪڇ جي علائقن ۾ پڻ ٻڌي ويندي آهي.

سنڌي راڳ ۾ مختلف سازو سامان استعمال ٿيندا آهن. جيئن ته بوڻينڊو، نفيل، چنگ، ناد يا نڙ، شرنائي، بانسري، مُرلي، سراندو، دمورو، يڪتارو، دلو، باجو، بينون يا پاوا.

سنڌي ڪلاسيڪل راڳ يا صوفي راڳ ڳوٺن ۾ اوطاقن تي ڪچهرين دوران پڻ ٻڌو ويندو آهي، جتي راڳ جا پارکو وڏي شوق ۽ دلچسپي سان اهو راڳ ٻڌندا آهن ۽ راڳيندڙن کي داد ڏيندا آهن.

صوفي راڳ ئي سنڌ جي اصل سڃاڻپ آهي. شاهه جو راڳ 30 روايتي سُرن ۾ ڳايو ويندو آهي.

ڪلياڻ، بلاول، يمن ڪلياڻ، کنڀاٽ، سوري راڳ، سامونڊي، سهڻي، سسئي ابوري، مزوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني، ليلا چنيسر، مومل راڻو، ماروي، سارنگ، سورٺ وغيره.

سنڌي راڳ کي فروغ يا ترقي ڏيارڻ ۾ سنڌ جي گائڪن سان گڏ سنڌ جي موسيقارن جو به وڏو هٿ آهي. سنڌي گائڪن جن سنڌي راڳ کي عروج تي پهچايو ۽ پنهنجون بهترين ڌُنون پڻ ڏنيون انهن ۾ استاد محمد جمن، استاد منظور علي خان، عابده پروين، سهراب فقير، علڻ فقير، سرمد سنڌي، استاد محمد يوسف، استاد محمد ابراهيم، صنم ماروي، ماسٽر چندر، الله ڏنو فقير، مائي ڀاڳي، حميرا چنا ۽ ٻيا شامل آهن.

انهن سنڌي راڳ کي ديس پرديس ۾ مشهور ڪري هڪ اعليٰ مقام تائين پهچايو. اسان اميد ٿا ڪريون ته اسان جو ايندڙ نسل به ان کي جاري ۽ قائم و دائم رکندو.*