پراڻي جيولري ءَ جو نئون ٽرينڊ

الطاف حسين کوکر

اڄڪلهه ڪيترائي پراڻا فيشن ٻيهر واپس اچي رهيا آهن، ڪيترائي پراڻا هيئر اسٽائل ۽ ميڪ اپ جو انداز پڻ اڄڪلهه ٻيهر مقبوليت حاصل ڪري رهيو آهي، جنهن بابت اسان اوهان کي اڪثر ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهيون.

پراڻي انداز جي ڪجهه زيورن کي به اڄڪلهه عورتن پاران پسند ڪيو پيو وڃي. انهن مان سڀ کان وڌيڪ نمايان زيور ڳلوبند  آهي، جيڪو اڄ کان تقريباً چار يا پنج ڏهاڪا پهريان گهڻو مشهور هو، هن جي نالي مان ئي ظاهر آهي، ڳلي ۾ پائڻ وارو هي زيور عورتن جي جيولري باڪس جو لازمي حصو تصور ڪيو ويندو هو ۽ ڪنوار بڻجڻ واري ڇوڪرين جي ڳلي جي زينت به ضرور بڻجندو هو.

جيڪڏهن ڪنهن ڪنوار جي ڳلي ۾ سون سان ڀريل ڳرو ڳلوبند نه هوندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ ڪنوار جي هار سينگار ۾ ڪا گهٽتائي ٿي وئي هجي پر پوءِ آهستي آهستي ڳلوبند جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ايندي وئي ۽ ڳري جيولري جي جاءِ تي هلڪي جيولري جو رواج ٿيو، هي فيشن به خارج ٿي ويو.

جڏهن ڪو زيور فيشن ۾ نه هجي ته پوءِ ان کي پهرڻ سان بيڪ ورڊ هئڻ جي نشاني سمجهيو ويندو آهي، ان لاءِ عورتن پنهنجا ڳرا ڳلوبند ٽوڙائي نئين فيشن موجب هلڪڙي جيولري ٺهرائي، پر اهي پهريان جون ڳالهيون آهن جڏهن سون ايترو مهانگو نه هو، هاڻي ته سون غريب ته ڇا پر وچولي طبقي جي پهچ کان به پري ٿي چڪو آهي.

اهو ئي سبب آهي ته هاڻي امينٽيشن ميچنگ جيولري جو رواج آهي. هن ميچنگ جيولري ۾ هڪ کان وڌيڪ هڪ دلڪش ۽ نفيس جيولري مارڪيٽ ۾ دستياب آهي، جنهن کي اوهان موقعي جي مناسبت سان چونڊي سگهو ٿيون.

خوشنما ڊيزائينن ۾ ملڻ وارا ڳلوبند کان علاوه پراڻا اسٽائيل جا ڪنگڻ ۽ ڪڙا به اڄ به فيشن ۾ آهن. جڏهن ته اينٽنگ جيولري ته هميشه ئي انهن عورتن جي پسند ۾ شامل آهي جن کي منفرد قسم جا زيور پائڻ جو شوق هوندو آهي.

ان ڪري اوهان به شادين مرادين جي موقعي تي ڳلوبند نه ته گهٽ ۾ گهٽ چوڙيون ۽ ڪنگڻ وغيره ته خريد ڪيو.

شادي جي تقريب هجي ته ان لاءِ ڳلوبند خريد ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي، ڇو ته ان جي پائڻ سان اوهان جو لباس ويتر سهڻو لڳندو.

مصنوعي زيور، ديده زيب ۽ باڪفايت:

عورت ۽ زيور جو تعلق لازم ۽ ملزوم آهي، زيورن سان انهن جي اها جذباتي وابستگي صدين کان هلندي پئي اچي.

خاص ڪري سون جا زيور هميشه کان عورتن لاءِ اهم ترجيحن ۾ شامل رهيا آهن ڇو ته هي زيبائش سان گڏوگڏ شان شوڪت جو اظهار ۽ ملڪيت جو احساس پيدا ڪندو آهي، جيڪو عورتن لاءِ تسڪين جو سبب بڻيل آهي.

اسان جي معاشري ۾ شادين جي موقعن تي ڪنوارن لاءِ ڏاج ۾ سون جو سيٽ هجڻ لازمي سمجهيو ويندو پر عالمي سطح تي سون جي قيمتن ۾ ٿيندڙ اضافي سبب هاڻي اهو خريد ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

جڏهن ته هاڻي اهو رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته عورتون سون جي مقابلي ۾ مصنوعي زيورن کي اهميت ڏئي رهيون آهن. خاص ڪري وچولي طبقي جي والدين لاءِ نياڻين کي سون جا زيور ڏيڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. اڄڪلهه مشڪل سان نياڻيءَ کي ٻه کان ٽي سون جا سيٽ ڏنا ويندا آهن ۽ باقي آرٽيفيشل جو سهارو ورتو ويندو آهي.

شهر ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، ڦرن ۽ چورين جون وارداتون به ان جا بنيادي سبب آهن. گهر ۽ بئنڪ ته انهن وارداتن کان غير محفوظ هئا پر هاڻي ته شادي هالن ۾ به چورين جون وارداتون رپورٽ ٿي رهيون آهن.

انهيءَ آزار ڪري عورتن کي مصنوعي زيورن ڏانهن منهن ڪرڻو پيو ڇو ته ان جي کسجڻ سان لکين رپين جو نقصان نه ٿيندو، ايتري قدر جو اڄڪلهه جون ڪنواريون به مصنوعي زيورن کي اهميت ڏين ٿيون ته جيئن انهن جي جان ۽ مال محفوظ رهي.

انهن سڀني مسئلن کي نظر ۾ رکندي ائين چئي سگهجي ٿو ته مصنوعي زيور، سون جي زيورن جو بهترين نعم البدل ثابت ٿي رهيا آهن .

مصنوعي زيور هار سينگار جو مقصد ته پورو ڪندو آهي پر ان سان گڏ جان ۽ مال جو تحفظ به فراهم ڪري ٿو.

بدلجندڙ رجحان سبب مصنوعي زيور پنهنجي خوبصورتي بناوٽ ۽ مناسب اگهه تي وڪري سبب مقبوليت ماڻي رهيا آهن.

پسنديدگي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت ملڪ جي سڀني شهرن جي مشهور ۽ ناليوارن بازارن ۾ مصنوعي زيورن جون ڪيتريون ئي ويرائٽيون موجود آهن، جن جي انڊيا، چائنا ۽ هانگ ڪانگ مان درآمدي ٿي رهي آهي.

پاڪستان ۾ به انهن زيورن جي تياري ڪئي ويندي آهي پر ان حوالي سان ڪيترن ئي دڪاندارن جي اها راءِ آهي ته ان جي تياري ۾ اڪثر پاڪستاني ڪاريگر هيرا ڦيري سان ڪم ڪندا آهن.

جڏهن ته پائيداري ۽ ڊيزائن ۾ فنشنگ نه هجڻ سبب عورتن جو وڏو انگ امپورٽيڊ جيولري جي خريداري ۾ دلچسپي وٺندو آهي.

خاص ڪري انڊين مصنوعي زيور وڌيڪ وڪرو ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پاڙيسري ملڪ جي ڊرامن ۾ وڻندڙ جيولري جي مشهوري عمدگي سان ڪئي ويندي آهي، جيڪا عورتن لاءِ ڪشش جو سبب بڻجندي آهي، ان لاءِ برائيڊل ۽ پارٽي ويئر لاءِ انڊين جيولري ذوق ۽ شوق سان خريد ڪنديون آهن.

جيڪڏهن مصنوعي زيورن جي قسمن جي ڳالهه ڪريون ته منجوس ۽ پولڪي ٻه اهڙا قسم آهن، جنهن جي خريد ۽ وڪرو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي.

منجوس ۾ جڙاوئو جا زيور ايندا آهن جيئن ڪڙا، ڳلوبند، ڀاري سيٽ وغيره ان جي خوبي اها هوندي آهي اهو سون سان مشابهت رکي ٿو ۽ خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي پالش ڪرائي ٻيهر استعمال جي قابل بڻائي سگهجي ٿو، هن جي قيمت 1000 رپين کان 10000 رپين تائين آهي.

جڏهن ته پولڪي ۾ اسٽون ۽ موتين سان زيورن کي سينگاري ان کي وڻندڙ بڻايو ويندو آهي.

ان جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ نگينن جي سڃاڻپ ڪرڻ ايترو آسان نه آهي (ڇو ته چمڪندڙ سڀ هڪجهڙا لڳندا آهن) ڪوالٽي جي حوالي سان چائنا جو نگينه ڏسڻ ۾ گهڻو چمڪندڙ محسوس ٿيندو آهي پر جلد ئي ان جي چمڪ مٽجي ويندي آهي.

جڏهن ته آسٽريلين نگينه اعليٰ ڪوالٽي جو هوندو آهي ۽ اهو پنهنجي چمڪ دمڪ برقرار رکندو آهي.

احتياط ۽ حفاظت جي نقطه نظر سان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته سلور ميٽل کي کليل ڇڏيو ويندو آهي ته اهو هڪ هفتي ۾ ئي ڪارو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته گولڊن ميٽل دير تائين هلندو آهي، هي سال ٻه سال آساني سان استعمال ڪري سگهجي ٿو.