سبي ميلو

محمدطاهر مستوئي

ميلا ته دنيا ۾ جتي ڪٿي ملهايا ويندا آهن، ڪنهن واقعي کي ياد ڪندي يا ته ماڻهن جي دل وندرائڻ خاطر. اهڙو ئي هڪ ميلو پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ ”سبي ميلو“ جي نالي سان لڳندو آهي.

هي علائقو وڏيرن ۽ زميندارن جي فيصلي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آيو آهي، سبي جي شروعات بابت مختلف راءِ ملي ٿي. بلوچستان جي علائقي سبي ۾ ٿيندڙ هن ميلي جي شروعات 1885ع ۾ ٿي. انگريزن جي چوڻ مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهريون ڀيرو ”گهوڙي جي ڊوڙ“ فيبروري جي مهيني ۾ ”سبي ميلي“ ۾ ڪرائي وئي هئي.

هن ميلي جو اصل مقصد ته چوپائي مال جو واپار ڪرڻ آهي، بلوچستان سان گڏو گڏ سنڌ ۽ پنجاب جا ماڻهو پڻ هن ميلي ۾ حصو وٺندا آهن ۽ پنهنجي چوپائي مال جو واپار ڪرڻ پري پري کان ايندا آهن.

سبي جو علائقو حيدرآباد کان 570.5 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي. سبي ميلي ۾ چوپائي مال جي واپار سان گڏ گهڻيون ئي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون. اُٺن، ڏاندن، گهوڙن جي ڊوڙ ۽  هر قبيلي جي موسيقي پڻ پيش ڪئي وڃي ٿي.

ميلي دوران سبي شهر جي رونق ڏسڻ جهڙي هوندي آهي ۽ ميلي دوران اتان جا بيروزگار ماڻهون طرح طرح جا اسٽال هڻي پنهنجو روزگار ڪندا آهن.

هي بلوچستان جو سڀ کان وڏو عوامي ثقافتي ميلو آهي، پوري پاڪستان ۾ لاهور جي ”هارس اينڊ ڪيٽل شو“ کان پوءِ سبي ميلو ٻئي نمبر تي آهي. هي تاريخي ميلو معشيت ۽ تفريح جي حوالي سان

بلوچستان ۾ اهميت جو حامل آهي، جنهن جي ذريعي چوپائي مال جي واپار کي متعارف ڪرايو وڃي ٿو. هن ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾  بلوچ قبيلا پنهنجي چوپائي مال سان گڏ اچي شريڪ ٿيندا آهن، سندن ميلي کان سال اڳ هو پنهنجي مال جي خاطرداري ڪندا آهن ته جيئن مُلهه به ٻيڻو ملي.

هن ميلي جي هڪ ٻي خاصيت هي به آهي ته هتي هر قبيلي جي ثقافت کي ظاهر ڪيو ويندو آهي، هٿ جي ٺهيل شين جو ڏيکاءُ ۽ رات جي وقت آتش بازي جا پروگرام پڻ ڪيا ويندا آهن.