ڪالهه جي شاهي سواري ٽانگا سواري

رضا محمد لغاري

ٽانگي جي سواري، قديم سواري آهي، اها دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شاهي سواري طور اڄ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي. آمريڪا، بر طانيا ۽ چين ۾ اڄ به ڪيترائي ماڻهو ماحول کي آلودگي کان بچائڻ لاءِ ٽانگن ۾ سفر ڪن ٿا.

ڪو وقت هو جو اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ٽانگي جي سواري عام جام هئي، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هن سواري جو استعمال عام هو. ٻين شهرن سان گڏ ميرپورخاص ۾ به هن شاهي سواري جي هلڻ ڪري شهر جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳي ويندا هئا.

اڄڪلهه ان شاهي سواري جي جڳهه آٽو رڪشا، چنگچي ۽ ٻين جديد گاڏين والاري ورتي آهي. ميرپورخاص ۾ ڪافي عرصو پهرين سول اسپتال سامهون هڪ وڏو ٽانگا اسٽاپ هو، جتي شهر کان علاوه ٻهراڙي مان ايندڙ ڪيترائي ٽانگا بيهندا هئا.

هِن وقت  جي ميونسپل اداري ٽانگا اسٽاپ کي وڪرو ڪري وڏي مارڪيٽ ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا ان وقت 5 ڪروڙ کان به مٿي جي ملڪيت هئي. 

هن وقت غريب طبقي جا ماڻهو ئي هن سواري تي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين ٿا. هن وقت شهر ۾ ٽانگي جو انگ گهٽ آهي ۽ هن مهانگائي جي دور ۾ به ٽانگي جو 5 رپيا آهي. ڪجهه سال پهرين ميرپورخاص ۾ ٽانگن جو تعداد 4 سئو تائين هوندو هو، جيڪو هن وقت 15 کان 20 وڃي بچيو آهي.

هن جديد دور ۾ هر انسان پنهنجي وقت بچائڻ لاءِ اڪثر آٽو رڪشا، چنگچي ۽ ٻين گاڏين ۾ سفر ڪندو آهي، جنهن ڪري هن شاهي سواري ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽتائي اچي رهي آهي. جيڪي هڪ ڏينهن ۾ 4 کان 5 سئو تائين ڪمائين ٿا، جنهن ۾ 150 تائين جو گهوڙي کي کاڌو کارائن ٿا.

اڄ کان ڪجهه سال پهرين جڏهن ٽانگا  ميرپورخاص جي عوامي سواري طور مشهور هوندا هئا، تڏهن انهن جا ڪيترائي شعر ۽ هوڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. هن وقت ته ماڻهو ٽانگي ۾ ويهڻ کي  پنهنجي گهٽتائي ۽ شرم محسوس ڪندا آهن، اڃا تائين غريب ماڻهن لاءِ اها سواري وڏي ڪارآمد آهي، جيڪا ٻين گاڏين کان گهٽ اگهه ۾ ماڻهن کي پنهنجي منزل تائين پهچائي ٿي.

اڳي ميرپورخاص جي ڀرپاسي وارن علائقن مان ٽانگا گاڏي سواري کڻي شهر ايندا هئا پر هن وقت ٽانگا مالڪ صرف سامان جي هڪ کان ٻي جڳهه تائين رسائي طور ڪم ڪري رهيا آهن.

گهٽ ڪمائي، مهانگائي ۽ ٻين گاڏين جي اچڻ سبب اڄڪلهه ٽانگا مالڪ ٻيو ڪاروبار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، جنهنڪري ٽانگي گاڏي جو رجحان گهٽجي ويو آهي.

ميرپورخاص کپرو اسٽاپ تي ٽانگي وارن ٻڌائيندي چيو ته اڄ ڪلهه ٽانگا سواري تمام گهٽ ٿي وئي آهي، هن وقت شهر ۾ هن سواري جو ڪو به سامان نٿو ملي، آٽو رڪشا ۽ چنگچي جي اچڻ ڪري اسان کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي.

گورنمينٽ طرفان ٽانگا اسٽاپ نه هجڻ ڪري پوليس وارن کي ٽانگا بيهارڻ جا پئسا پڻ ڏيڻا پون ٿا.

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ ٽانگي گاڏي ٺاهڻ جا ڪاريگر هوندا هئا، جنهن ۾ ڪاريگر طرح طرح جي سجاوٽ ڪري وڪري لاءِ پيش ڪندا هئا، پر اڄ ڪلهه ته ٽانگي جو سامان ملڻ به مشڪل بڻيل آهي ۽ ٽانگي مالڪ به بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

جيڪڏهن ٽانگي گاڏي جو حال ائين ئي رهيو ته ٽانگن جو نالو نشان ئي ختم ٿي ويندو ۽ اچڻ وارن ڪجهه سالن ۾ ڪتابن جي ڪهاڻين تائين محدود رهجي ويندو.

اسان صلاح ڏينداسين ته جيڪڏهن هن سواري کي ٻيهر هلايو وڃي ۽ اهوئي مان ڏنو وڃي ته شهرن ۾ دونهين سان ڦهلجندڙ آلودگي، سي اين جي جي جهنجهٽ ۽ ٻين ڪافي شين مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو ۽ غريب ماڻهو کي روزگار به ملي سگهي ٿو.*