هٿ جي هنر جي واهر ڪريو

مريد حسين ٻگهيو

ڪائنات جي اوائلي تهذيبن مان سنڌو ماٿري جي تهذيب انفرادي حيثيت رکي ٿي. سنڌو تهذيب (انڊس سولائيزيشن) پنهنجي عروج واري دؤر ۾ علم ۽ هنر جو وڏو مرڪز هئي، هتي جا ماڻهو محنتي ۽ سٻاڄها هئا.

سندن تعميرات، لباس، رهڻي ڪهڻي سميت سنڌ جي ڪاريگرن جا مٽي، ڪپڙي ۽ ڪاٺ تي هٿ سان ڪيل ڪرشما ۽ سندن مهارتن جا نادر نمونا پنهنجو مثال پاڻ آهن.

سندن هٿن جي هنرن جا نمونا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿا ۽ اهي اڄ به سنڌ جي سڃاڻپ بڻيل آهن پر حڪومتي بي ڌياني ۽ ثقافتي هنرن جي بي قدري اڄ جنڊي، ڪاشي ۽ اجرڪ سازي سميت سنڌ جي سمورن ثقافتي اهڃاڻن کي تباهي جي ڏاڪي تي پهچائي ڇڏيو آهي.

هالا، ڀٽ شاهه، مٽياري ۽ کانوٺ اڄ به هٿ جي هنرن جا اعليٰ مرڪز آهن. هتي هٿ سان  تيار ٿيندڙ جنڊي، ڪاشي، اجرڪ، سوسي ۽ کاڌي سميت ٻين ثقافتي هنرن جو ڪم نهايت سهڻي نموني ٿئي ٿو.

هن هنر کي سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ هٿ سان تيار ٿيل سامان جو مناسب معاوضو نه ملڻ باوجود به انهن ثقافتي هنرن سان واڳيل ڪاريگر سنڌ جي ثقافت سان محبت جي معراج تي پهتل آهن ۽ بکون ڪاٽڻ باوجود به ثقافتي هنرن کي زنده و جاويد رکيو اچن.

انهيءَ ۾ ڪو به شڪ  ناهي  ته اجرڪ سنڌ جي تهذيب، ثقافت ۽ تمدن جو اهم حصو آهي. جيڪو هر دؤر ۾ پنهنجي اصل روپ سان گڏ رهندو آيو آهي. ڀٽ شاهه، مٽياري ۽  نصرپور  ۾ تيار ٿيندڙ اجرڪ ۽ ان جي ڪاريگرن جو سنڌ جي ثقافت سان خاص قسم جو تعلق آهي.

اجرڪ، ڀلي ڪنهن سردار جي پڳ هجي يا ڪنهن نياڻي جي مٿي تي پيل، اها اسان جي لاءِ وڌيڪ عزت جو باعث آهي. اجرڪ اسان جو قومي ۽ ثقافتي ورثو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ جديد دؤر باوجود به انهيءَ قديم ورثي لاءِ وڏي اهميت آهي. اجرڪ ٺاهڻ جا آثار موهن جي دڙي مان به مليا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اجرڪ موهن جي دڙي کان به قديمي ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿي.

اجرڪ جا ويهه کان پنجويهه نمونا آهن چڪي (دبلي وارو نمونو)، ريال، بادامي، خارڪ، جليب، ڪڪر، چڪي مينا، بادامي ڳاڙهي، ڇلو مينا، ڇلو ڳاڙهي، ڇاپ مهر وغيره ان کان سواءِ هڪ ئي بلاڪ جنهن ۾ ٻه ڊزائينون به ٺاهيون وڃن ٿيون. اجرڪ تي استعمال ٿيندڙ مٽيريل ۾ ڪسائي، ڪارو ڪٽ، کنؤر، لوهه جو زنگ، ساکڻ، لئي ٻج، ميٽ، پنير، ڳڙ، مٺي ڪاٺي، تيل، ليما ۽ آلو بخارن جو کنؤر سميت ويهن کان وڌيڪ شيون اچن ٿيون (جيڪي اڳ جڙي ٻوٽين جي شڪل ۾ ملنديون هيون پر هاڻ تيار ٿيل ملن ٿيون).

اجرڪ جي تياري ۾ ڪم ايندڙ شيون فرانس، جرمني، انڊيا ۽ ٻين ملڪ مان تيار ٿي اينديون آهن، ڇاڪاڻ جو هتي انهن شين کي تيار ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ وقت ضايع ٿئي ٿو. ان ڪري وقت بچائڻ خاطر تيار ٿيل شيون ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ڪيون وينديون آهن.

سنڌي هنر ۽ هٿ جي اجرڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مشيني اجرڪون متعارف ڪرايون ويون، جيڪي اجرڪ جي ڊزائن تي ٺاهيون ته ويون پر اهي پنهنجي سونهن کي برقرار نه رکي سگهيون. اڄ به ڀٽ شاهه، مٽياري، هالا ۽ ٻين هنڌن تي هٿ سان تيار ٿيندڙ اجرڪ کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پسند ڪيو وڃي ٿو. اجرڪ سنڌي ثقافت جو بي مثال تحفو آهي.

اجرڪ خوشي ۽ غمي ٻنهي موقعن تي استعمال ٿئي ٿي. اجرڪ اسان مهمانن کي تحفي طور پڻ پيش ڪندا آهيون. سنڌ جو ٻيو ثقافتي هٿ جو هنر جنڊي به آهي جنڊي پنهنجي خوبصورتيءَ سبب هٿ جي هنرن ۾ اهم ۽ منفرد حيثيت رکي ٿي.

جنڊي جا ڪاريگر جهنگ مان ايندڙ ڪاٺ کي هٿن سان گهڙي، ٺاهي مٿس مختلف نقش چٽي لاک مان ٺاهيل رنگ ڀري ڪاٺ کي رنگين شيشي جيان چمڪائي، خوبصورت بڻائي محلن جي زينت بڻايو ڇڏين.

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”واهه واهه ڪهڙي نه جنڊيءَ تي جڙيل شيءِ آهي“ معنيٰ ڪيتري نه خوبصورت شيءِ آهي. هالا جي هر شيءِ اوهان کي جنڊيءِ تي جڙيل ملندي کٽ، هندورو، منجيون، پاٽيون، گنج، صراحيون، عصاءَ، سينگاردانيون، صوفا سيٽ، جهولا مطلب ته اوکرين مُهرين تائين هر شيءِ جنڊيءَ تي جڙيل ملندي نه رڳو هالا پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ دنيا جي انيڪ ملڪن تائين هالا جي جنڊيءَ تي جڙيل شيءِ امير توڙي غريب جي گهر جو سينگار بڻيل آهي.

هالا جي جنڊي کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ وڏو اوج حاصل ٿيو. سنڌو جي ڪناري ڪلهوڙن جي آباد ڪيل گادي واري شهر خدآباد جي ڀر ۾ درياهه جي ڪناري تي هزارين ايڪڙن ۾ پيل بهڻ جي ڪاٺ جي ڪري خداآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارا شهر يعني، هالا ۽ کانوٺ جنڊيءَ جو مرڪز بڻجي ويا.

انگريزن جي دؤر تائين سوين خاندان هن هنر ذريعي پنهنجي زندگي تمام سُٺي نموني گذاريندا هئا. سنڌ جي قديمي هنر اڻاوت، ڪاشي ۽ جنڊي وغيره جي جدت پسندي کان انگريز به تمام گهڻا متاثر ٿيا ۽  هنن پنهنجي مقامي ايجنٽن سان گڏجي خاص ڪري هالا جي هنرن ۽ قديمي صنعت جو جائزو ورتو ۽ انهن هنرن کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪيئي اُپاءَ ورتا پر اهي اڌورا رهجي ويا.

هالا جي جنڊيءَ جا ڪاريگر جيڪي اصل کانوٺ جا رهواسي هئا انهن جي ذات واڍا، هالا ۾ جيڪي آباد هئا انهن کي راهو ۽ جيڪي هالا پراڻا ۾ آباد هئا انهن کي ڀٽو ۽ وگهيو ڪوٺيو ويندو آهي ۽ مجموعي طور تي جنڊي جي هنرمند کي وگهامل سڏيو وڃي ٿو، اجرڪ جي ڪاريگر کي کٽي ۽ ڪاشي جي ڪاريگر کي ڪنڀر ڪوٺيو ويندو آهي.

هزارين سالن کان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندڙ سنڌ جا اهي ثقافتي هنر ۽ هنرمند موجوده دؤر جي سختين سان به مهاڏو اٽڪائي بيٺل آهن.

سنڌ جي ثقافتي هنرن سان وابسته هنرمند تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان وانجهيل هئڻ ۽ بکون ڪاٽڻ باوجود به پنهنجي ثقافتي ورثي کي زنده رکڻ لاءِ وس آهر ڪوششون ته ڪري رهيا آهن پر موجوده وقت ۾ ثقافتي هنرن ۽ هنرمندن جي حالت زار ان مقام تي وڃي پهتي آهي جو، جيڪر هينئر سندن سار نه لڌي وئي ته اهو وقت گهڻو پري ناهي جو اجرڪ، جنڊي، ڪاشي، سوسي ۽ ٻيا هٿ جا هنر پنهنجو حقيقي وجود وڃائي ويهن ۽ اسان جا ايندڙ نسل انهن هنرن جا نالا فقط ڪتابن ۾ ئي پڙهي سگهن.

حڪومت سنڌ کي گهرجي ته جنڊي، ڪاشي ۽ اجرڪ جي قديمي ورثي کي بچائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان جو ايندڙ نسل سنڌي ثقافت کان ناواقف رهجي وڃي ۽ هي هزارين سال قديم تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو موهن جي دڙي جيان تاريخ جي دز هيٺيان دفن ٿي  وڃي