استاد معاشري جو اڏيندڙ

مريد حسين ٻگهيو

ڪنهن به معاشري کي جوڙڻ ۾ استاد جو اهم ڪردار هوندو آهي. استاد جيئن چاهي معاشرو اهڙو ٿيندو آهي ۽ معلم يعني استاد جي پيشي کي نبوي پيشو به چيو وڃي ٿو ڇا ڪاڻ ته الله جي نبين به عالمِ انسانيت جي رهنمائي استاد وانگر ئي ڪئي آهي ۽ قديم دور کان  جدت تائين جو سفر انسان علم جي اک سان ئي طئه ڪيو آهي ۽ انسان جيڪا به  ترقي ڪئي آهي سا علم جي بنياد تي ڪئي آهي. جيڪا اسان منجهان ڪجهه عظيم انسانن يعني استادن جي محنت جو نتيجو آهي.

سموري دنيا ۾ استاد کي وڏو مقام ۽ مرتبو حاصل آهي. ان جو هڪ ننڍڙو مثال اشفاق احمد جي هڪ ڪتاب مان ملي ٿو، هو لکي ٿو ته ”روم جي هڪ شهر ۾ منهنجو ٽريفڪ چالان ٿيو، مصروفيت  سبب جرماني جي فيس وقت تي ادا نه ڪري سگهيس ۽ عدالت وڃڻو پئجي ويو، جج صاحب جي سامهون پيش ٿيس ۽ ان سبب پڇيو، مون جواب  ۾ عرض ڪيو ته پروفيسر آهيان، مصروف ايترو هئس جو وقت نه ملي سگهيو.

مون اڃا پنهنجي ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته جج صاحب اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته، “A Teacher in the Court!!?” حال ۾ موجود سڀ ماڻهو اٿي بيٺا مون کان معافي گهريائون ۽ چالان رد ڪري ڇڏيائون. ان ڏينهن مون ان قوم جي ترقي جو راز ڄاڻي ورتو.“

يقيناً جيڪا قوم استاد جي عزت ڪرڻ ڄاڻي ٿي سا ترقي جي آسمان تي چمڪندڙ سج جي مثل هوندي.

 اسان جي معاشري ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ چوگرد علم جو نور پکيڙڻ لاءِ استاد ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هتان جا استاد نه فقط تعليم جو زيور عام ڪندا آهن پر جيڪر ٻوڏ اچي ته امدادي ڪئمپون سنڀاليندا آهن، آدم شماري ڪرڻي هجي ته شهر شهر وستي وستي دربدر ٿي آدمشماري ڪندا آهن.

جيڪر اليڪشن هجي ته ويچارا موت جي منهن ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا آهن ۽ عوام جي صحت لاءِ به جيڪر ضرورت پوي ته استاد ويڪسين ڪرڻ کان پوليو جا قطره پيارڻ جهڙن ڪمن ۾ به نظر ايندا آهن.

 پر استاد کي جيڪو مقام ملڻ گهرجي سو اسان جي ملڪ ۽ معاشري  ۾ نٿو ڏنو وڃي، حالانڪه استاد جي نوڪري اسان جي معاشري ۾ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ چوگرد علم جو نور پکيڙڻ لاءِ استاد ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهيا آهن.

هتان جا استاد نه فقط تعليم جو زيور عام ڪندا آهن پر جيڪر ٻوڏ اچي ته امدادي ڪئمپون سنڀاليندا آهن، آدم شماري ڪرڻي هجي ته شهر شهر وستي وستي دربدر ٿي آدمشماري ڪندا آهن، جيڪر اليڪشن هجي ته ويچارا موت جي منهن ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا آهنکي ايترو حقير ڄاتو وڃي ٿو جو جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا ٻي نوڪري نٿي ملي ته ان کي استاد ٿيڻ جا مشورو ڏنو ويندو آهي.

حالانڪه استاد جو پيشو مقدس ترين پيشو آهي. استاد اها شخصيت آهي جيڪا مستقبل جي معمارن کي علم جهڙي زيور سان سنواري ٿي. جنهن جي هٿ ۾ اسان جي مستقبل جي واڳ هوندي آهي.

هن مهنگائي، افراتفري جي دور ۾ استاد جو زندگي گذارڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، استاد پاڻ ته ٻارن کي تعليم ڏي ٿو پر موجوده حالتون اهڙيون آهن جو استاد پنهنجي اولاد کي اعلى تعليم نٿو ڏياري سگهي.

استاد جي پگهار کيس پنهنجن ٻچن کي اعلى تعليم ڏيارڻ جي اجازت نٿي ڏئي. استاد کي نه ميڊيڪل جي سهولت ميسر آهي نه رهائش ۽ نه ئي ٻي ڪا سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي. حيسڪو وارا پنهنجي ملازم کي بجلي فري ڏيندا آهن پر استاد جو اولاد جيڪڏهن تعليم حاصل ڪرڻ وڃي ته کيس ڪا به رعايت نه ملندي آهي.

ڄڻ ته استاد جي ڪا اهميت ئي نه آهي. استادن کي جيڪا اهميت ملڻ گهرجي اها اسان جي حڪمرانن ۽ ڪامورن جي غلط پاليسين ۽ استادن جي سٿ ۾ ويٺل ڪجهه ڪارين رڍن سبب نه ٿي ملي.

حاضر سروس استاد انيڪ مسئلن جو شڪار آهن اتي فوت ٿي ويل استادن جا خاندان مختصر پينشن ۽ فوتي ڪوٽا لاءِ آفيسن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. پر ڪو به سندن داد فرياد ڪرڻ وارو ڪونه آهي.

جڏهن ته استادن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ لاءِ جوڙيل تنظيمون وقتن فوقتن استادن جي حقن لاءِ آواز اٿارينديون رهنديون آهن پر ڪوبه کڙ تيل نٿو نڪري.  حڪومت کي گهرجي ته استادن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪري، استاد کي پنهنجو جائز مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري ان کان علاوه تعليم جي سڌاري لاءِ تعليمي ادارن مان سياسي مداخلت ختم ڪرائي فرض شناس ماڻهن کي اهم ذميواريون سونپيون وڃن ته جيئين استاد جي پيشي جي آبرو بحال رهي سگهي ۽ استاد خوشحال ۽ عزتدار زندگي بسر ڪري سگهن ۽ نوجوان به شوق سان استاد جي پيشي کي اپنائي سگهن.