ڀنڀورجي دڙي جي تاريخ

عبدالسلام جانوري

سسئي پنهون جي رومانوي داستان جي حوالي سان مشهور شهر ڀنڀور جيڪو شروع ۾ ديبل جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. موجوده گهاري شهر جي اولهه طرف چار ڪلوميٽر ۽ ڪراچي کان 65 ڪلوميٽر جي پنڌ تي هڪ ننڍڙي ٽُڪري تي واقع آهي.

پاڪستاني آثاري قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ايف اي خان 1958 کان 1965 تائين ڀنڀور جي کنڊرات جي کوٽائي ۾ هٿ آيل شين جو جائزو ورتو. ان شهر جي ڊيگهه 610 ميٽر ۽ ويڪر 365 ميٽر آهي. ڀنڀور شهر جي تاريخي حيثيت ڏسبي ته اهو شهر 2100 سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي.

هن شهر جي کوٽائي دوران مختلف قسمن جون شيون لڌيون ويون آهن، جن ۾ انسانن جا ڍانچا، انساني عضوا، چوڙيون، ٺڪر جا ٿانو، سڪا زيور مسلمانن ۽ هندن جي عقيدن واريون جايون مسجدون ۽ مندر لڌا ويا آهن.  جنهن ۾ چيني جا ٿانو پڻ شامل آهن.

اها هئي ڀنڀور شهر جي موجوده صورتحال پر هاڻي اسين هڪ نظر ان شهر جي تاريخ تي وجهنداسين. هن شهر جي باري م مختلف قسمن جا رايه ملن ٿا ته اهو نالو هن شهر تي ڪيئن پيو مختلف ماهرن جا ڌار ڌار نظريا آهن، اهي ڪجهه هن ريت آهن، تقريبن ڏهين صدي دوران ڀنڀور  ”چيف بنبمو راجا“ جي گادي جو هنڌ هيو، ان ڪري مٿس نالو ڀنڀور پيو.

پر ڪتاب ”سنڌو جي ساڃاهه“ ۾ ڪجهه هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌ تي ايراني ڪياني سامراج جو تسلط تقريبن ٻه صديون رهيو، جن ڏينهن ۾ زردشت جو مذهب سنڌ ۾ آيو ۽ ان جا آتشڪده سنڌ ۾ ٺهيا انهي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ عربن جي اچڻ تائين پارسي ٻولي ۽ زردشتي مذهب عروج تي هئا. ”برهمن آباد“ جو نالو به انهيءِ دور ۾ پيو جنهن جو نالو ڪياني شهنشاهه جي سپهه سالار بهمن جي نالي پٺيان رکيو ويو.

ڀنڀور شهر جنهن جي اصل معنيٰ آهي ”بن ڀورا مطلب سورج ديوتا“ جو شهر آهي، ڇاڪاڻ ته سورج پوڄا به زردشتي مذهب جي يادگار آهي. جيئن ته ڀنڀور جنهن جو شروعاتي نالو ديبل هو ۽ ديبل کي ديبل بندر جي حوالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو. ديبل جي ان حوالي سان به مشهور آهي ته محمد بن قاسم سنڌ جي سرزمين تي پهريون قدم ديبل ۾ رکيو هو.

عرب جنرل محمد بن قاسم 712 عيسوي ۾ هن شهر کي فتح ڪيو ۽ اهو دور 8 عيسوي کان 13 عيسوي جو دور هو. ديبل جو بندرگاهه ڏکڻ ايشيا ۾ اسلام جو دروازو بڻيو، اتي هڪ مسجد موجود آهي جيڪا ايشيا جي پهرين مسجد آهي.

محمد بن قاسم جي حملي سان شهر جون حالتون تبديل ٿي ويون هن شهر کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ هيٺيون ۽ ٻيو مٿيون، هيٺين حصي ۾ هندو ۽ مٿين حصي ۾ مسلمان رهندا هئا.

ديبل جي باري ۾ ڪجهه هن ريت لکيل آهي ته هن شهر ۾ وڏا وڏا عالم رهندا هئا، هتي هڪ قلعي جا آثار موجود آهن. وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪجي ٿو ته ڀنڀور جي کوٽائي مان جيڪي شيون مليون آهن انهن مان چڱي طرح معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر مسلمانن کان اڳ جو آباد ٿيل آهي.

هتان جيڪي ٿانو مليا آهن، انهن تي ارڌناگري ۽ لوهاڻڪي خط ۾ ڪجهه لکيل آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته اهي ٿانو ٻاهران نه آندا ويا آهن. هڪ هڏي ملي آهي جنهن تي پڻ ارڌناگري لفظ اڪريل آهن.

هتان جي اهل علم ۽ برگزيده شخصيتن جا نالا ملن ٿا جنهن مان پتو پوي ٿو ته هي شهر ٺٽي کان اڳ تمام وڏو علمي مرڪز هيو. هن شهر جي ويران ٿيڻ بابت اختلاف راءِ  آهن، ڪي چون ٿا ته سامونڊي زلزلن ۽ آفتن سبب برباد ٿيو ته ڪن جي راءِ آهي ته حمله آوارن هن جي رونقن کي ختم ڪيو. مليل ثبوتن مان پتو پوي ٿو ته هي شهر ڪنهن اوچتي آفت سبب اجڙي ويو.

انهن سڀني شين جي ملڻ سان ايترو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي شهر مسلمانن کان اڳ جو جڙيل آهي. مشهور مؤرخ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تحقيق جي نظر ۾ موجوده ڀنڀور جي دڙي کي ديبل بندر سڏيو آهي.

سنڌ جو رومانوي داستان سسئي پنهون ڀنڀور جي حوالي سان مشهور آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام جي پنجن سُرن ۾ سسئي پنهون ۽ ڀنڀور جو ذڪر ڪري هن شهر کي لازوال بڻائي ڇڏيو. جيستائين سنڏي ٻولي رهندي تيستائين ڀنڀور جو ذڪر به رهندو.*