ڏيهان ڏيهه مشهور شڪارپور جو آچار

عاصم چنا

دنيا جي هر شهر کي ان جي ڪنهن مشهور شيءِ سان سڃاتو وڃي ٿو. اسان صوبي سنڌ جي شهرن جو ئي ذڪر ڪيون ته انهن ۾ مٽياري شهر جو مائو، ماهوٽي جو زيتون، حيدرآباد جي رٻڙي وغيره جهڙين شين ڪري شهر کي هڪ الڳ سڃاڻپ سان ڏٺو وڃي ٿو.

اهڙي ئي ريت شڪارپور شهر هونئن ته ڪيترين ئي ڳالهين جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور آهي پر ان جي سڃاڻپ اتان جي آچار به آهي، جيڪا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي پسند ڪئي وڃي ٿي.                                        

آچار جي قسمن ۾ سڀ کان وڌيڪ انب جو آچار ٺهي ٿو، جنهن جا 6 کان وڌيڪ مختلف قسم ڪاتر، مڪس، تيل، سرڪو ۽ ٻيا آهن، ان کان سواءِ ڀاڄين ۾ ڪريلو، بهه، بصر، ٿوم، چڻن، مرچ، پالڪ، ساڳ، گوگڙو، گوبي ۽ فروٽ ۾ ڦاروا ۽ گوشت ۾ ڪڪڙ ۽ مڇي کان سواءِ چٽڻي جا به آچار ٺاهيا وڃن ٿا.

آچار خاص ڪري ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ تيل وارو ۽ ٻيو سرڪي وارو. هونئن ته آچار جا 30 کان وڌيڪ ڪارخانا آهن پر گهڻو آچار گهرن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪي وڪرو پڻ ڪن ٿا.

شڪارپور ۾ لکين روپين جو ڪاروبار آچار جو ئي ٿيندو آهي، پر آچار ٺاهڻ جو موسم تازيون لهندڙ ڀاڄيون ۽ انبڙيون لهڻ جي موسم هجي ٿي.

آچار جي واپار جي شروعات ته گهرن ۾ ٺاهڻ کان ٿي هئي پر هن وقت هن ڪاروبار لاءِ ڪيترائي ڪارخانا جوڙيا ويا آهن.

پراڻي وقت ۾ جڏهن ڀاڄين جو فصل گهٽ هوندو هو ان وقت هي آچار ڀاڄي طور استعمال ڪيو ويندو هو. ٻهراڙي توڙي شهر جا ماڻهون آچار مان ڀاڄي جو ڪم وٺندا هئا.

چوندا آهن ته سُرڪو ۽ ماکي اهڙيون شيون آهن، جنهن ۾ جيڪڏهن ڪا شيءِ رکي وڃي ته اها گهڻي وقت تائين خراب نه ٿي ٿئي ۽ آچار ۾ سُرڪي جو استعمال ٿيڻ سبب اهي ڀاڄيون، فروٽ، مڇي يا ڪڪڙ جو گوشت گهڻي وقت تائين خراب نٿو ٿئي.

هاڻي جيئن ته دنيا ترقي ڪري وئي آهي، معاشري ۾ جديد شيون ۽ کاڌا متعارف ٿي رهيا آهن ۽ آچار کي هاڻي ٻين ڀاڄين سان گڏ ذائقي طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اڳ ماڻهن کي گهٽ خبر هئي پر ٻوڏ کان پوءِ ملٽي نيشنل اين جي اوز ٻين سامانن سان گڏوگڏ کاڌي پيتي جو سامان ڏنو آهي.

انهن ۾ پڪل گوشت، ڀاڄيون ۽ ٻيون شيون شامل آهن، مليل سامان مان پڪل کاڌو جيڪو ڀاڄين يا گوشت جي روپ ۾ آهي، ان کي ماڻهو ٻيهر صرف گرم ڪري واپرائين ٿا. ساڳي ئي ريت آچار به ائين ئي آهي پر هن کي گرم ڪرڻ جي به ضرورت نه هوندي آهي.

هاڻي آچار کي ضرورت مند ڀاڄي طور ۽ دولتمند ماڻهو ذائقي طور واپرائين ٿا. ساريالن علائقن ۾ وڌيڪ سارين جا سيلر ۽ ڪارخانا آهن، ڦٽي پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ ڪپڙن ۽ ڌاڳن جون ملون ۽ ڪمند پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ شگر ملون هجن ٿيون، اهڙي ئي ريت شڪارپور ۾ جيڪڏهن لاڀائتو ڪاروبار آهي ته اهو آچار جو واپار آهي، واپاري آچار جو واپار ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائين ٿا ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.*