بنيادي سهولتن ڪان محروم شهر بکر جمالي

حبيب الرحمان جمالي

هن ماڊرن دؤر ۾ ڪير اچي اهو چئي ته سندس شهر صحت، پاڻي، تعليم، صفائي ۽ سفر جي سهولتن کان محروم آهي ته شايد مٿس ڪير اعتبار ئي نه ڪندو پر اها حقيقت آهي ته اقتصادي ۽ معاشي سطح تي ملڪ جو پيٽ ڀريندڙ سهڻيءَ سنڌ جي شهرن جو حال ڪجهه اهڙو ئي آهي جتي نه پاڻي آهي، نه صفائي، نه تعليم، نه صحت جي سهولت ۽ نه ئي وري سفر جي مناسب سهولت.

انهن شهرن مان تعلقي نيو سعيد باد جي اتر طرف 14 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي واقع شهر بکر جمالي به هڪ آهي.

آسپاس جي 40 ڳوٺن جي ڪاروبار جو مرڪز شهر بکر جمالي جا نواب شاهه ۽ سرهاڙي سان زميني رابطو هن وقت به ڪٽيل آهي. جنهن جو سبب کيتري ٻيلي ۾ برساتي پاڻي جو موجود هجڻ آهي.

گذريل برساتن جو پاڻي 2 سال گذري وڃڻ باوجود به نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، گرمين ۾ اهو پاڻي بدبودار ٿي موتمار بيمارين جو سبب بڻجي ويندو آهي ۽ سياري ۾ وري پاڻي جي سطح وڌڻ ڪري روڊ، رستا ٻڏي ويندا آهن، هن وقت به بکر جمالي کان سرهاڙي ۽ نواب شاهه ويندڙ روڊ جيڪي بکر جمالي سميت آسپاس جي 40 ڳوٺن کي شهرن سان ملائين ٿا بلڪل به پاڻي جي هيٺ آهن. روڊ، رستا ڪٽيل هجڻ سبب هن شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن کي معاشي حوالي سان وڏو ڌڪ رسي ٿو.

ڪڻڪ، ڦٽين، سارين، انبن، سرنهن ۽ ڪيلن سميت فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا وقت تي شهرن تائين نٿا پهچي سگهن. جنهن سبب زميندارن ۽ واپارين کي هر سال ڪروڙين روپين جو نقصان ٿئي ٿو. پر اڄ تائين چونڊيل نمائندن هن اهم مسئلي طرف ڌيان نه ڏنو آهي.

روڊ، رستن کان پوءِ اسان جيڪڏهن صحت جي مسئلي ڏانهن ڏسنداسين ته خبر پوندي ته هن سڄي شهر ۾ هڪ وڏي اسپتال ته ٺهيو ٻڌايو پيو وڃي ته 3000 ايڪڙن تي مشتمل کيترو ٻيلي ۾ موجود برساتن جو گندو پاڻي جر جي پاڻي سان ملي ويو آهي.

اهو جر جو پاڻي واپرائڻ سبب غريب ماڻهو تيزي سان بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن، صحت جي عالمي اداري جي هڪ ٽيم، پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته اهو پاڻي واپرائڻ موت کي ڳلي لڳائڻ برابر آهي. اهڙو اطلاع اسان چونڊيل نمائندن سميت صحت کاتي سنڌ کي به ڏنو پر ان باوجود پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه پئي ڏني وڃي.

پر بيسڪ هيلٿ يونٽ (بنيادي صحت جو مرڪز) به ناهي، صحت جي سهولت نه هجڻ سبب امير ماڻهو ته پرائيويٽ ڪلينڪس سان رجوع ڪن ٿا پر غريب ماڻهو پئسو نه هجڻ سبب بيماري جي بستري ڀيڙو ٿي وڃي ٿو. هتي اها ڳالهه به نوٽ ڪندو هلجي ته هن شهر ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ڪاري ڪامڻ جا سوين مريض آهن، فقط هڪ ڳوٺ جان محمد جمالي ۾ ڪاري ڪامڻ جا 43 مريض آهن، جن ۾ ننڍا ٻار، عورتون ۽ مرد شامل آهن. (اي ڊي او هيلٿ مٽياري) پنهنجي رپورٽ ۾ اهڙو انڪشاف ڪيو، پر هتان جي چونڊيل نمائندن هن اهم مسئلي ڏانهن ڪنڌ ورائي به نه ڏٺو ۽ نه ئي صحت کاتي سنڌ طرفان ڪو نوٽيس ورتو ويو. شهر ۽ ڳوٺ جا بيمار ماڻهو موت ۽ زندگي جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن.

ٻڌايو پيو وڃي ته 3000 ايڪڙن تي مشتمل کيترو ٻيلي ۾ موجود برساتن جو گندو پاڻي جر جي پاڻي سان ملي ويو آهي.

اهو جر جو پاڻي واپرائڻ سبب غريب ماڻهو تيزي سان بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن، صحت جي عالمي اداري جي هڪ ٽيم، پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته اهو پاڻي واپرائڻ موت کي ڳلي لڳائڻ برابر آهي.

 اهڙو اطلاع اسان چونڊيل نمائندن سميت صحت کاتي سنڌ کي به ڏنو پر ان باوجود پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه پئي ڏني وڃي.هتي پرائمري اسڪول بند پيل آهن، ڪٿي استاد ناهن ته ڪٿي وري شاگرد. جنهن اسڪول ۾ پڙهائي آهي ته اُتي فرنيچر ۽ بلڊنگ ناهي.

ڪاپي ڪلچر ناسور بڻجي ويو آهي، صفائي ۽ سفر جون مناسب سهولتون به شايد بکر جمالي سميت آسپاس جي ڳوٺن جي مقدر ۾ ڄڻ ته لکيل ئي ناهن.*