ميهڙجي ميندي

عبدالسلام جانوري

پاڪستان جي صوبي سنڌ، ضلعي دادو ۾ واقع شهر ميهڙ، جنهن کي تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. جيئن صوبي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪا نه ڪا مشهور شيءِ ان شهر جي سڃاڻپ آهي.

مثال طور شڪارپور شهر آچار جي ڪري، ڪنري شهر مرچ منڊي، ماهوٽا (لاڙڪاڻو) زيتو، خيرپور ميرس ڏوڏن ۽ ميرپور خاص کي انبن جي ڪري الڳ حيثيت حاصل آهي، تيئن ئي ميهڙ شهر ميندي جي ڪري مشهور آهي.

جيڪا ڪڏهن ڪنهن ڪنوار يا گهوٽ جي هٿن پيرن جي سونهن جي علامت بڻجي ٿي يا وري عيدن ۽ خوشي جي موقعن تي هٿن پيرن تي مختلف ڊزائين سان سونهن جو باعث بڻجي ٿي. ميندي جي ڪري ميهڙ شهر نه فقط پاڪستان پر چين تائين مشهوري ماڻي چڪو آهي.

ميندي جو فصل 5000 سال پهرين قديم مصري تهذيب کان شروع ٿئي ٿو. جيڪا ان وقت وارن ۽ ننهن تي لڳائي ويندي هئي ۽ ميندي جو رنگ مصري عورتن جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائيندو هو.

اهو هاڻي فقط ميهڙ ۾ نه پر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو انهن علائقن ۾ ٺارو شاهه (نوشهرو فيروز)، مورو ۽ فيصل آباد جي ديهي علائقن ۾ پڻ ٿئي ٿو.

هاڻي ڏسجي ته ميهڙ جي ميندي کي ٻين علائقن جي ميندي کان وڌيڪ شرف ڇو حاصل آهي، نباتات (ٻوٽن) جي دنيا ۾ ميندي جو اصطلاحي نالو (Lawsonia Intermis) آهي جيڪو نباتاتي خاندان صفائيه (Lythraceae) سان تعلق رکي ٿو، بسنتي گلاب به انهيءَ خاندان جو رڪن آهي ۽ اهو ٻوٽو جيڪو قد ۾ 8 کان 15 فٽ، ڏانڊين، ججهن پنن ۽ گلابي، ڪاري ۽ نيري رنگ جي گلن سان ڀرپور ٿئي ٿو، ان لاءِ زرعي ماهرن جو چوڻ آهي.

ته ميندي جي پوکائي لاءِ لازمي آهي ته نمي ۽ لوڻياٺي کان پاڪ زمين جو انتخاب ڪيو وڃي ته انهيءَ سان اهو فائدو ٿيندو ته ميندي جي ڪواليٽي جيئن رنگ، خوشبو ۽ پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو بنسبت نمي واري زمين، نمي واري زمين ۾ ميندي جو رنگ ۽ خوشبو مزي جا نٿا ٿين ۽ فصل پڻ گهٽ پيداوار ڏئي ٿو.

ميهڙ جي زمين ميندي جي فصل لاءِ تمام گهڻي مفيد آهي ڇاڪاڻ ته اها زمين نمي ۽ لوڻياٺ کان پاڪ ۽ خشڪ ٿئي ٿي. تنهن ڪري ميهڙ جي ميندي جو انتخاب ڪيو وڃي ٿو. ميهڙ ۾ ميندي جو فصل هڪ ڊگهي عرصي تقريبن 60، 70 سالن کان ٿيندو پيو اچي پر ٻين پاڪستان جي علائقن ۾ ميندي جي پوکائي ايتري پراڻي نه آهي. ميهڙ ۾ ميندي جي پوکائي وڏي عرصي کان ٿيندي پئي اچي ان ڪري ميهڙ جي ميندي مشهوري ماڻي وتي.

ميهڙ جي ميندي جي ڀيٽ ٻين شهرن جي ميندين سان ڪجي ته ميهڙ جي ميندي بهترين ثابت ٿيندي. ميهڙ جي ميندي جو ڪيترن ئي اديبن پڻ ذڪر ڪيو آهي ۽ مختلف فنڪارن ڳايو آهي جيئن هڪ راڳ جون سٽون آهن ته ”مائو راڌڻ جو، ميندي ميهڙ جي“ طهر جون رسمون هجن يا شادي جون تقريبون انهن ۾ ميهڙ جي ميندي جا رنگ ضرور ڏسڻ ۾ ايندا.

ميهڙ جي ميندي صرف پاڪستان تائين محدود ناهي پر هن کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ موڪليو وڃي ٿو، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيارن کي ميهڙ جي ميندي سوکڙين طور موڪليندا آهن، ڇو جو ميندي پيار، محبت ۽ خوشي جي علامت آهي.*