مير پور خاص ۾ زراعت سان لا ڳاپيل مسئلا

رضا محمد لغاري

ميرپورخاص دنيا ۾ انبن جي ڪري مشهور آهي پر هتي انبن کان سواءِ ڪمند، ڪيلو، ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل به ٿين ٿا. ان هوندي به هن علائقي ۾ زراعت جي حوالي سان ڪافي مسئلا آهن.

ڪجهه سال اڳ ميرپورخاص جيڪو مينگو سٽي طور سڃاڻپ رکندو هو، جنهن ۾ ڪاڇيلو فارم تمام گهڻو مشهور هو جنهن ۾ هر قسم جا انب ۽ ٻيا فروٽ جهجها هوندا هئا.

هيئنر اهو فارم تباهي جي ڪناري تي اچي پهتو آهي. ڪاڇيلو فارم کان سواءِ چيما فارم، ٻگهيو فارم، ڀرڳڙي فارم، ڪوٽ غلام محمد (ديهه 257) فارم جن ۾ اڄڪلهه ڪم گهٽ ۽ آفيسرن جي آفيسر شاهي وڌيڪ آهي. جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري کاتي ۾ نالي ماتر به رقم نٿي وڃي.

ميرپورخاص شهر جنهن ۾ 48 سالن کان انبن جي نمائش ٿيندي پئي اچي جنهن ۾ اڳوڻي حڪومت ميرپورخاص شهر ۾ شهيد بينظير هارٽيڪلچر ريسرچ انسٽيٽيوٽ حال پڻ ڏنو هو.

جنهن جي ڪروڙن ۾ بجيٽ هجڻ جي باوجود به اڄ تائين ڪي سهولتون ميسر نه آهن. هر سال جون جي مهيني ۾ جڏهن مينگو فيسٽيول شروع ٿيندو آهي ته ميرپورخاص کان علاوه ٽنڊوالهيار، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، نوشهرو فيروز ۽ سڄي سنڌ جا آبادگار به پنهنجي باغن جي انبن جي نمائش لاءِ ميرپورخاص ايندا آهن.

جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ جنسن جي نمائش ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌڙي، لنگڙو، چونسو، انور رتول، سرولي ۽ ٻين جنسن جي نمائش ٿيندي آهي. ان سان گڏوگڏ مختلف قسمن جي ڀاڄين ۽ گلن جي نمائش پڻ ٿيندي آهي.

پر افسوس جو ميرپورخاص شهر ۾ ٻاهر کان اچڻ وارن آبادگارن لاءِ ميرپورخاص انتظاميا طرفان ڪي به خاص انتظام نه هوندا آهن ۽ نه ئي وري عوام جيڪا نمائش تي ايندي آهي انهن لاءِ ڪي انتظام هوندا آهن.

سڄي سنڌ ۾ 36866 ٽن انب ٿيندا هئا جن مان 6895 ٽن انب ميرپورخاص ۾ ٿيندا هئا جيڪا سنڌڙي ايئرپورٽ کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڻ موڪليا ويندا هئا، جنهن ۾ ننڍي طبقي جا آبادگار به خاصو ڪمائيندا هئا. جيڪو حڪومت جي بي ڌياني جي ڪري ختم ٿيڻ لڳا آهن.

هن وقت ميرپورخاص ضلعي ۾ انبن کان علاوه ڪڻڪ، ڪمند، وونئڻن ۾ به گهڻن ئي قسمن جون بيماريون ڦهلجي رهيون آهن.

جنهن ۾ ملي ڀڳ، اڇي مک، ۽ ٻين جيتن جو هجڻ آهي، جنهن جا اصل ڪارڻ غير معياري ڀاڻ ۽ دوائون آهن جنهن جو فصل تي ڪو اثر نه هجڻ جي ڪري آبادگارن کي گهڻو نقصان سَهڻو پوي ٿو.

هن وقت زراعت ۾ ريسرچ تمام گهٽ ٿي رهي آهي، جنهن ڪري فصلن بابت آبادگارن کي معلومات نه ٿي ملي ۽ ڪا نئين ٽيڪنالاجي به متعارف نه ٿي آهي ان ڪري آبادگار تمام گهڻي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيا آهن.

پاڻي جي غير منصفاڻه ورڇ جي ڪري به زراعت تي گهڻو اثر پوي ٿو. جنهن سان پُڇڙي وارن آبادگارن تائين پاڻي نه پهچڻ به زراعت لاءِ هڪ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي.

هن وقت مٽي جي چڪاس لاءِ به ڪي ريسرچ آفيسون نه ٺهيل آهن ته جيئن آبادگارن کي زمين مطابق ڄاڻ ڏني وڃي. جنهن سان آبادگار پنهنجي زمين کي ڪلر جي حملي کان بچائي سگهن.

گورنمينٽ جي طرفان فصلن جي اگهه مقرر نه ٿيڻ جي ڪري  به آبادگار گهٽ اگهه تي واپارين کي فصل ڏين پيا جنهن ڪري به هن وقت آبادگارن جو زراعت طرف لاڙو گهٽ ٿيڻ لڳو آهي.

اسان هن وقت جڏهن ”آئي ايم ايف“ ۽ ٻين ادارن کان ڳرن شرطن تي قرض وٺي رهيا آهيون اسان ان کان به وڌيڪ ناڻو زراعت مان حاصل ڪري سگهون ٿا.

اسان جو شمار زرعي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اسان جي ٽوٽل ليبر فورس جو 45 سيڪڙو زراعت سان لاڳاپيل آهي. اسان جي ملڪ جي ڪل پيداوار ۾ زراعت جو 24 سيڪڙو آهي جيڪو 2013 ۾ 21 سيڪڙو ٿي ويو هو جنهن ڪري ملڪ ۾ مهانگائي وڌي رهي آهي.

اسان زراعت لاءِ رکيل رقم صحيح طريقي سان زراعت تي خرچ ڪيون ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا.

اڳوڻي زراعت جي وزير هڪ تقريب ۾ چيو هو ته هارين جون مهيني وار گڏجاڻيون ڪرايون وڃن ۽ انهن ۾ پوکائي بابت نيون تجويزون ڏنيون وڃن ۽ انهيءَ لاءِ ضلعي ۾ مخصوص هال پڻ ٺاهيا وڃن پر اڄ تائين خبر ناهي ته اهي هال ڪٿي آهن، اهي گڏجاڻيون ڪٿي آهن.

مقصد ته زراعت لاءِ اڃا تائين ڪي به اُپاءَ نه ورتا ويا آهن. اسان کي غير معياري ڀاڻ ۽ ٻج جي روڪ ٿام لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ننڍن زميندارن کي زراعت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آبادگارن جون ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻيون پونديون، پاڻي کي پُڇڙي وارن آبادگارن تائين پهچائڻو پوندو ان کان سواءِ زراعت سان لاڳاپيل هر شيءِ تي توجهه ڏيڻي پوندي تڏهن ئي اسان زراعت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهنداسين.