سنڌي ٽوپي ۽ ان جو وڻج واپار

عبدالله هنگورو

هن سائنسي دؤر ۾ هر شيءِ پهرين کان ڪئين درجا جلدي ٺهي تيار ٿئي ٿي. اڄ به ڪيترين ئي هٿن سان تيار ڪيل شين جي ايتري ئي اهميت آهي جيتري ڪالهه هئي. ڪيترا سال اڳ ڪپڙو آڏاڻن تي تيار ٿيندو هو، اڄ ڪارخانن ۾ مشين تي تيار ٿئي ٿو. پر پوءِ به سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڪيترائي آڏاڻا آهن.

جتي ڪوري هٿن سان ڪپڙو تيار ڪن ٿا. دنيا ۾ قومون پنهنجين ٻولين سان گڏ ثقافت ذريعي سڃاتيون وڃن ٿيون. جيئن سنڌي قوم اجرڪ ۽ ٽوپي جي ڪري سڃاتي وڃي ٿي.

سنڌي ٽوپي جنهن کي نه صرف سنڌ پر دنيا جي ٻين قومن جا ماڻهو پڻ پائين ٿا، سا پڻ سنڌي ثقافت جي سڃاڻپ ۾ شمار ٿئي ٿي. هينئر به سنڌ ۾ سوين هنڌن تي ٽوپين جا ڪاريگر ۽ هنرمند موجود آهن جيڪي ان وسيلي پنهنجو گذرسفر ڪن ٿا. سنڌي ٽوپي جي سنڌ کان ٻاهر کپت سبب هر سال سنڌ ۾ ڪروڙين روپيه ٻاهريون ناڻو اچي ٿو.

عام طرح سان سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ هٿ جي هنر ۽ هٿ سان مختلف شيون ٺاهيندڙ ڪاريگرن سان اهو المير رهيو آهي ته کين ڪم جو اجورو يا معاوضو ايترو ڪونه ٿو ملي جيترو کين ملڻ گهرجي. چون ٿا ته سنڌ ۾ اجرڪ جي هڪ مشهور ڪاريگر آمريڪا جي اڳوڻي صدر رونالڊ ريگن کي اجرڪ جو تحفو ڏنو جيڪو ان کي تمام گهڻو پسند آيو.

جڏهن آمريڪي صدر معلوم ڪيو ته اجرڪ جي ٺاهڻ ۾ ڪيترو عرصو يا ڪيترا مرحلا ٿين ٿا، هن کي جڏهن وقت ۽ مرحلا ٻڌايا ويا ته هن چيو ته اجرڪ ٺاهڻ ۾ ته ايف 16 جهاز ٺاهڻ کان وڌيڪ وقت ٿو لڳي.

هاڻي ان مان اندازو لڳايو ته ڪٿي اجرڪ جي قيمت ۽ ٺاهيندڙ جو اجورو ۽ ڪٿي ايف 16 جهاز جي قيمت ۽ انجينئر جو اجورو. پر ان جي باوجود اڄ سنڌ ته ڇا بلڪه سموري دنيا ۾ هٿ جون شيون انهيءَ محنت، جذبي ۽ ڪوشش سان ٺاهيون وڃن ٿيون. سنڌ ۾ سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جا مرڪز نصيرآباد، ميهڙ، هالا، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ان جي پسگردائي جي ڳوٺن جهڙوڪ گوزو، چوٻار، مير حسن، چوکيڙي، ڪاٺن جو ڳوٺ، ڪڪڙ (خانپور)، لاڙڪاڻو، رتوديرو ۽ بلوچستان، ڀاڳناڙي جيڪو بيل پٽ ريلوي اسٽيشن ڀرسان آهي.

سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جا پڻ تمام وڏا مرڪز آهن. جتي رومالي، م بڪرم واري ۽ پاٺي واري ٽوپي گهڻي تعداد ۾ ٺهي ٿي.

1975ع کان 1980ع تائين پنجاب صوبي جي رياستي علائقن ۾ بهاولپور ۽ صادق آباد ۾ چمڙي جي ٽوپي تيار ٿيندي هئي. جيڪا 2 سؤ روپين کان شروع ٿي 18 سؤ روپين تائين وڪرو ٿيندي هئي پر هاڻي ٺهڻ بند ٿي وئي آهي.

سنڌي ٽوپي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي مال ۾ پٽ زري، شيشو ۽ ڳوٽو مختلف معيار جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وقت ٽوپين جي وڏي مارڪيٽ سکر ۾ آهي جتي بلوچستان جي مختلف علائقن مان ٺهيل ٽوپيون پڻ وڪري لاءِ اچن ٿيون، دادو ضلعي ۾ روزانه 80 کان 90 هزار روپين جون ٽوپيون ٺهن ٿيون. هتي سڀ کان وڏو مرڪز انڊس هاءِ وي تي دادو شهر کان 25 ڪلوميٽر پري ڳوٺ ڪڪڙ خانپور آهي.

جتي سکر، حيدرآباد، ڪوئٽه، ڪراچي، سميت سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين شهرن مان ٻڌي ۽ ريزڪي وارا دڪاندار هر روز خريداري لاءِ ايندا آهن. هڪ اندزاي موجب خانپور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ٽوپي ٺاهڻ جا ڪاريگر 2000 کان به وڌيڪ آهن جن ۾ اڪثريت عورتن  جي آهي.

خانپور ۾ 100 رپين کان 500 رپين تائين في ٽوپي تيار ٿئي ٿي. دادو ضلعي ۾ سيتاروڊ تي 1200 کان 1500 رپين تائين اعليٰ ڪوالٽي جي ٽوپي ٺهي ٿي. جڏهن ته رتيديري ۾ 50 روپئي کان 2000 روپين تائين ٽوپي ٺهي ٿي.

سنڌ ۾ هن وقت شوق سان جيڪا ٽوپي پاتي وڃي ٿي سا سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ لاکي ۾ تيار ٿئي ٿي. جنهن کي هيرن واري ٽوپي سڏيو وڃي ٿو. جنهن جي قيمت 300 کان 2000 تائين ٿئي ٿي. اڪثر ڪري وڏا وڏا ماڻهو آرڊر تي ٽوپيون ٺهرائن ٿا.

جن جي قيمت تقريبن 2500 سئو تائين ئي آهي. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته ٽوپي ٺاهڻ جي سکيا لاءِ سينٽر کوليا وڃن ۽ ٽوپي ٺاهيندڙ ڪاريگرن کي ان جي محنت جيترو ئي اجورو ڏنو وڃي.*