سير۽ تفريح جو ماڳ: ڊرگهه ڍندڍ

عبدالله هنگورو

سنڌ جي لينڊ اسڪيپ تي 400 کان وڌيڪ ننڍيون وڏيون ڍنڍون آهن جن سان هڪ اندازي موجب سڌي يا اڻ سڌي طرح 12 لک ماڻهن جو روزگار وابسته آهي ۽ ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ مڇي، پکي، پٻڻ، بيهه، ڪُر، لوڙهه، لوڻ ۽ ٻي پيداوار سنڌ جي وڏي اڪثريت جي کاڌ خوراڪ جو ذريعو آهي.

سنڌ ۾ ايڏي وڏي پيماني تي ڍنڍون جر ۽ پاڻي جي ذخيرن جو وجود سنڌو درياهه جي مرهون منت آهي. سنڌو درياهه کي بند ٻڌڻ کان اڳ هي مست ڇڙواڳ، زورآور شير درياهه صدين کان پنهنجي فطرت ۽ من مستي سبب جڏهن پنهنجو رخ يا وهڪرو مٽائيندو هو ته گس ۽ ٻيٽ به مٽائيندو آهي.

پوءِ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پراڻو وهڪرو به وهندو رهندو هو ته ٻئي طرف نئون وهڪرو به پنهنجو جُدا گس ٺاهيندو هو، بعد ۾ پراڻو وهڪرو ڪجهه سال وهندو رهندو هو، پوءِ نيٺ وقت سان گڏ گهٽجي ۽ ان وهڪري جو منهن ته بند ٿي ويندو هو. اهڙي طرح هڪ ڍنڍ وجود ۾ اچي ويندي هئي.

عظيم سنڌو درياهه جنهن لاءِ محققن جو چوڻ آهي ته هو صدين کان وٺي هن وقت تائين مسلسل وهڪري ۾ آهي ۽ مختلف وقتن ۽ دؤرن ۾ پنهنجا وهڪرا مٽائيندو رهيو آهي ۽ ڪيئي تهذيبون تباهه ۽ برباد ڪندو آيو آهي ته وري ڪي نيون تهذيبون سندس ڪناري تي آباد ٿينديون رهيون آهن،

اهڙي طرح هي سنڌو سنڌ جي مختلف هنڌن تان وهندو پنهنجا آثار ۽ پيچرا ڇڏيندو رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڍنڍون هر علائقي ۾ ملن ٿيون جن ۾ ٿر ۽ ڪاڇو به شامل آهن.

ڍنڍون واقعي سنڌ جي منظر ۽ لينڊ اسڪيپ کي ته خوبصورت ئي بڻائن ٿيون پر انهن جو وجود پڻ سنڌ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

سنڌ جي وڏين ڍنڍن ۾ لاڙڪاڻي (موجوده قمبر) ضلعي ۾ موجود هڪ ڍنڍ ڊرگهه پڻ آهي. جنهن جي پنهنجي هڪ الڳ اهميت، سڃاڻپ ۽ حيثيت آهي.

ان حوالي سان به ته هن ئي ڍنڍ ۾ مختلف دؤرن ۾ علائقائي، ملڪي توڙي عالمي حوالي سان ڪيترائي سياسي فيصلا ۽ منصوبه بنديون ڪيون ويون جيڪي فيلڊ مارشلا ايوب خان کان وٺي ايشيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤرن ۾ ڪجهه وڌيڪ منظر عام تي آيون.

جن جو ذڪر ڪيترين ئي شخصيتن پنهنجين لکڻين ۽ ذاتي ڪچهرين ۾ ڪيو آهي. هي اها ئي ڍنڍ آهي جنهن ۾ شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي دؤر ۾ ڪيترن عالمي اڳواڻن پڻ تفريح ڪئي. لاڙڪاڻي ضلعي ۾ انڊس هاءِ وي سان لڳو لڳ هڪ ٻي ڍنڍ لنگهه ڍنڍ پڻ مشهور آهي.

جتي پڻ رهائش واسطي شاندار ريسٽ هاؤس، ريسٽورينٽ، پارڪ ۽ ٻيون شيون ٺاهيون ويون لاڙڪاڻي ضلعي جون اهي ٻئي ڍنڍون واقعي خوشنصيب آهن جتي سياحن لاءِ رهائش واسطي سهولتون موجود آهن.

هنن ڍنڍن تي مختلف دؤرن عالمي اڳواڻن ياسر عرفات ڪرنل قذافي، شاهه ايران رضا شاهه پهلوي سميت مڊل ايسٽ ۽ عرب دنيا سان تعلق رکندڙ ڀٽو صاحب جا ذاتي دوست ۽ ملڪن جا سربراهه تفريح شڪار ۽ سياسي گڏجاڻي لاءِ اچي چُڪا آهن. جنهن جو ثبوت ٻنهي ڍنڍن تي رکيل وزيٽرس بوڪ ۾ لکيل سندن تاثرات آهن.

هي ڍنڍ لاڙڪاڻي شهرکان 30 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڊرگهه نالي ڳوٺ ڀرسان آهي. ڍنڍ جي ڪُل پکيڙ 182 هيڪٽرس آهي ڊيگهه ۾ 3 ڪلوميٽر، ويڪر ۾ 2 ڪلوميٽر ۽ اونهائي ۾ 10 فُٽ کن گهري ٿيندي.

ڍنڍ تي ايندڙ پرڏيهي پکين ۽ ٻي آبي جيوت ۽ پسگردائي ۾ موجود جهنگلي جيوت کي تحفظ ڏيڻ واسطي سنڌ سرڪار سيڪشن 14 سنڌ وائيليڊ لائف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972 نافذ ڪيو آهي. ڍنڍ کي سياحت جي لائق بنائڻ ۽ اتي سياحن کي سهولتون ڏيڻ واسطي اتي ريسٽ هاؤس، رسٽورينٽ جو بنياد وڌو ويو.

ڊرگهه ڍنڍ تي سراسري طور 5 کان 6 انچ ساليانو برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هي خوبصورت ڍنڍ مختلف پکين جي آمدگاهه آهي جن ۾ خاص ايگريٽس بگلا، لاکي، ڄاڃي ۽ ڇتري باز شامل آهن.

ڍنڍ ۾ سڀ کان اهم مسئلو پاڻي جي پهچ جو آهي، سنڌ وائلڊ لائيف، ثقافت ۽ سياحت کاتي کي گهرجي ته هن خوبصورت ۽ تاريخي ڍنڍ جي مالڪي ۽ وارثي ڪري ۽ ان کي سياحت جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪي منصوبه جوڙي ڍنڍ کي بچايو وڃي.*