مصالحيدار ڪاڌن جي ڪري پيدا ٿيندڙ بيماريون

عبدالسلام جانوري

انسان کي زنده رکڻ لاءِ ٽن شين جو هجڻ ضروري آهي پاڻي، هوا ۽ کاڌو. هونئن ته قدرت طرفان انسان جي جيئڻ جي لاءِ ڌرتي تي انيڪ کاڌا فطرتي طور تي موجود آهن، جن کي انسان هٿرادو شڪل ڏئي ڪري پنهنجن طور طريقن سان کائڻ لاءِ ترتيب ڏنو آهي.

جيئن چانورن مان برياني، ڪڻڪ مان ماني يا بريڊ وغيره. کاڌو نه صرف انسان جي بک ختم ڪرڻ لاءِ هوندو آهي پر ان جي نشونما ۽ واڌ ويجهه ۾ پڻ مدد ڪندو آهي، مطلب ته کاڌو توانائي جو ڪم ڏئي ٿو.

جيئن پاڻي ۽ هوا (آڪسيجن) کان سواءِ انسان زندهه نٿو رهي سگهي. تيئن ئي کاڌ خوراڪ کانسواءِ به زندهه رهڻ مشڪل آهي.

اهو اڪثر ڪري چيو وڃي ٿو ته انسان کي جيئڻ لاءِ کائڻ گهرجي پر هتي اڄ ڪلهه جي دؤر ۾ ڪيترائي انسان کائڻ لاءِ جيئندا آهن، جيڪڏهن قانون جو غلط استعمال ٿيندو آهي ته اتي ڪيتريون ئي برايون جنم وٺنديون آهن، ساڳي طرح جيئڻ لاءِ کائڻ ۽ کائڻ لاءِ جيئڻ جهڙا خيال جنم وٺندا آهن ته اتي ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺنديون آهن.

خاص ڪري شهري آبادي کي ڏسجي ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن پنهنجي جيئڻ جي انداز جي تبديلي سان گڏوگڏ کائڻ پيئڻ جي انداز کي به تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ نظر تاريخ ۾ وجهبي ته اڳ جي دؤر ۾ کاڌا صرف ئي صرف گهرن تائين محدود هوندا هئا. پر اڄ ڪلهه جي صورتحال ڪجهه مختلف آهي، اهو وري ائين ته شهرن ۾ ڪيترائي کاڌن جا هوٽل (ريسٽورنٽ) ۽ دڪان کليل آهن، جن تي اڪثر گرم کاڌا ميسر هجن ٿا ۽ اهڙن دڪانن ۽ هوٽلن تي اڪثر ڪري ماڻهن جي رش لڳل نظر اچي ٿي. شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو مصروفيت واري زندگي جي ڪري گهرن جي کاڌن بدران بازاري کاڌن کي اهميت ڏين ٿا ۽ اهي بازاري کاڌا گهڻ مرچائي، چٽ پٽا ۽ مصالحيدار هجن ٿا ۽ انهيءَ ڪري ماڻهو اهڙن کاڌن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. ڳچ وقت تائين اهڙا کاڌا کائڻ جي ڪري ماڻهو ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙجي وڃن ٿا.

انهن کاڌن ۾ جهڙوڪ پڪوڙا، بريانيون، مرغيون، برگر، سموسا، ڪيچپ، پيزا، چپس وغيره شامل آهن.

مرچائي ۽ مصالحيدار کاڌا کائڻ وقت اسان ائين محسوس ڪندا آهيون ڄڻ اسان جو وات ۽ دماغ ڦاٽڻ وارو هوندو آهي ۽ ظاهر آهي ته اهڙن کاڌن کائڻ سان ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ انهن جي ڪري اسان جي معدي کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جيڪا اڳتي هلي معدي جي ڪينسر جهڙي موتمار مرض ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو.

معدي جي ڪينسر ٿيڻ جو سبب گرم کاڌن جي ڪري هيليبيڪٽ پائلري ۽ السر جي هجڻ ڪري آهي ۽ دنيا ۾ السر جهڙي موذي مرض پنهنجو ڄار وڇائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ٿيڻ سان نه فقط اسان جي معدي تي پر دماغ تي پڻ گهرا اثر پون ٿا.

جنهن سان اسان جي روز مرهه جي زندگي ۾ رخنو پوي ٿو. اهڙا کاڌا کائڻ سان نه فقط معدي جي ڪينسر، السر ۽ دماغي مرض پر ان سان گڏوگڏ چمڙي جون بيماريون، جگر جون بيماريون ۽ ڊائريا به جنم وٺن ٿيون.

تريل، مرچائي ۽ مصالحيدار کاڌا کائڻ سان ڪامڻ ۽ چمڙي جي بيمارين جهڙوڪ: خارش يا منهن تي موهيڙا ۽ داڻا وغيره ٿين ٿا اسان جيڪڏهن اهو تجربو ڪريون ته ٿوري مقدار ۾ ڳاڙها مرچ کڻي ڪري پنهنجي اک ۾ وجهون ته اسان کي مرچن جي تيزابيت جي اثر جي ڄاڻ آساني سان ملي ويندي، ساڳي طرح اسان جي جسم جو ٻاهريون حصو جيترو مضبوط آهي اوترو ئي وري اندران نازڪ هوندو آهي.

هاڻي اسان اهو اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اهڙن مرچائي ۽ مصالحيدرا کاڌن کائڻ سان معدي تي ڪيترا هاڃيڪار اثر پوندا هوندا.

اهڙن کاڌن جي ڪري اسان جي وات جي اندروني بناوت تي پڻ خراب اثر پون ٿا جنهن سان وات ۾ داڻا نڪري اچن ٿا ۽  اسان کي کاڌي کائڻ دوران ڪافي تڪليف ٿئي ٿي.

اسان کي گهرجي ته انهن بازاري کاڌن ۽ گهرن ۾ گرم مصالحيدار کاڌن کان پرهيز ڪريون. کير ۽ معدي جي استعمال ۽ ڪارآمد ثابت ٿيڻ واري خوراڪ کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻايون ته جيئن معدي جي ڪينسر، السر ۽ ايڇ پائلري جهڙي موذي مرضن کان بچي سگهون ۽ پنهنجي دماغ تي گهٽ دٻاءُ وجهڻ سان به ڪافي حد تائين اهڙي بيمارين کي روڪي سگهجي ٿو.*